سائنسدانن ” انساني يادگيري جي گم ٿيڻ“ واري بيماري جي ڪامياب علاج جي متعلق دعويٰ ڪئي آهي ته انهن هڪ اهڙي دوا تيار ڪري ورتي آهي جيڪا ياداشت کي بحال ڪندي. رپورٽ موجب سائنسدانن دماغ جي ان حصي تي ريسرچ ڪئي آهي جيڪو يادگيري کي ڪنٽرول ۽ حرڪت ۾ رکندو آهي. سائنسدانن جي مطابق هن دوا جي ذريعي يادگيري کي پوڙهائيپ جي عمر تائين بحال ڪري سگهجي ٿوڇو ته هي دوا دماغ جي اندر يادگيري جي جِينز کي تصويري شڪل ۾ ٻيهر فعال بڻائي ٿي.... جنهن سان يادگيري ۾ اضافو ٿيندو.... ايڇ ڊي اَي سي نالي هي دوا اڃان تجرباتي مرحلي ۾ آهي... طب جي سائنسدانن جي هڪ ٽيم جنهنجي سربراهه پروفيسر لي هوئي تسائي آهي هن دوا کي ليبارٽي ۾ تيار ڪرڻ ۽ علاج جي لائق بڻائڻ لاءِ ڪم شروع ڪري ڏنو آهي.... هن دوا جي ذريعي جِين جي اندر ڊي اين اي کي ان قابل بڻايو ويندو جو هو يادگيري کي تصوير شڪل ۾ دماغ اندر واپس آڻي سگهي ......
هي دوا عام ٿيڻ کان پوءِ، ڪو شاعر هيئن ته ڪو نه چوندو ته، ”يادگيريون سنڀال، ڪم ايندئي“۔ وقت سان گڏ بيماريون به نيون اچي ويون آهن ته دوائون به انهي حساب ٺهنديون رهنديون ۽ ڪجهه حيرت انگيز تجربا به ٿيندا رهندا، جيئن هي انڪل لي هوئي ڪرڻ لڳو آهي۔ ڪاميابي ۽ شفا ته مالڪ جي هٿ ۾ آهي، باقي انسان پنهنجي ڪوشش ڪندو ٿو رهي۔ توهان کي اهڙي ڪارائتي معلومات ونڊڻ تي جس هجي۔ سلسلو جاري رکجو۔
ادا سلطان توهان درست چيو ته پر مون کي يقين آهي ته شاعر وري ڪي ٻيا لفظ پنهنجي خداداد صلاحيت سان گهڙي وٺندا۔۔۔ تحرير کي پسند ڪرڻ جي مهرباني پر دوست انڪل لي هوئي تي مون کي حيرت ٿي حالانڪه مان هن کي آنٽي لي هوئي سمجهان پيو ۽ سندس جي تصوير به عورتن وانگر آهي۔۔۔
ادا رشيد تمام بهترين شيئرنگ آهي مٺا، اها آنٽي مان انڪل آهي يا انڪل مان آنٽي، منهنجي سمجهه کان ڳالهه چڙهيل آهي، فرياد ملي ڪونهي پوليس اڳي تيار، جيڪا شيءِ مُدا هن ڏانهن موڪليو، هائو ڀائو توهان ڏانهن ڏوهه ناهي