سنڌ جا لٽيل صبح ۽ اجڙيل شامون!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏18 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ جا لٽيل صبح ۽ اجڙيل شامون!​


    شبنم گل

    سنڌ جي ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ اسان ڪيئي خوبصورت منظر ڏٺا آهن، سرسبز ٻنين جي وچ ۾ ڪچا گهر، جن جي اڱڻن ۾ کٽن تي وڇايل ٽڪ جون خوبصورت رليون، ماٽي ولوڙڻ جا آواز، مال جي ڳچين ۾ ٽلين جي موسيقيءَ سان گڏ مٽي ۽ وڻن جي بيخود ڪندڙ خوشبوءِ...عورتون ڦٽيون چونڊڻ وڃن يا کوهه تان پاڻي ڀرڻ، سندن چهرن تي پرهه ڦٽيءَ جو منظر ۽ سريلا ٽهڪ پيا فضائن ۾ ترندا هئا. عورتون گهرن ۾ ٽڪ جون رليون ٺاهين، ڀرت ڀرين، سلائي ڪن يا ٻنين ۾ پوک ۾ رڌل نظر اينديون هيون. حالتن ۾ بهتري هئي، ٽي ويلا ماني کائي سگهندا هئا، کير، مکڻ ۽ ڏڌ جي اڻاٺ نظر نه ايندي هئي.

    پر اهي سمورا منظر سڪل گل جي پنکڙين جيان وکري ويا آهن. سنڌ جا ڪيترائي سرسبز و آباد علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي چڪا آهن، اهي منظر ياد ڪيون ٿا ته لڳي ٿو، اکين پٺيان جهليل برسات ۾ سنڀالي رکيل حوصلو به لڙهي ويندو. جن جي مرڪن ۾ پنهنجون مرڪون ۽ لڙڪن ۾ پنهنجا لڙڪ پسندا رهيا آهيون، اهي سٻاجها، پيارا جهنگن جا جهانگيئڙا پنهنجا گهر ۽ وٿاڻ ڇڏي دربدر ٿي چڪا آهن. گهر هر ڪنهن کي پيارو ٿئي ٿو، اباڻا ڪک اکين ۾ روشنين کي جيئرو رکندا ايندا آهن، جن سان انسان جي هڪ عجيب انسيت ٿئي ٿي. گهر به ماءُ جي جهوليءَ جيان ٿئي ٿو، پيار جو هڪ گهاٽ ڇانورو، چاهي ٽٽل ڦٽل ڪکن پنن جو ٺهيل ڇو نه هجي. اهو آسرو کسجي وڃي ته انسان لاءِ زمين تي ان کان وڏو ڪو ٻيو هاڃو نٿو ٿي سگهي. اهي نڪور صبحون، سرسبز ۽ ساوا منظر، زندگيءَ جا پڙلاءَ، پيار جي پنهنجائپ وڃائجي وڃي ته زندگي وقت جي رک ۾ چڻنگ بڻجي ٻرڻ اجهامڻ لڳي ٿي. ڏک ته ڏک آهن پر بي آسرا ٿي وڃڻ جو ڏک ئي عجيب ٿئي ٿو. چوندا آهن ڏک ان وقت دل جي گهراين کان محسوس ٿيندو آهي، جڏهن ٻنهي ماڻهن جا تجربا ساڳيا هجن، گهر جي گرمي ۽ پناهه ۾ رهندڙن کي پنهنجي اجهي کان محروم ماڻهن جي ڏک جي ڪهڙي پروڙ..!؟ڳالهه اجتماعي شعور جي آهي. لڙڪن ۾ پنهنجا لڙڪ، ۽ مرڪن ۾ پنهنجون مرڪون پسڻ جو هنر ئي ته آهي، جيڪو هڪ انسان کي ٻئي انسان سان تعلق جي ڏور ۾ ڳنڍي ٿو ڇڏي. ڳالهه انفرادي سوچ، سک ۽ فائدي جي ناهي، انفرادي سوچ رکندڙ قومون سدائين اڪيلون ۽ ڇڙ وڇڙ رهن ٿيون، ٻڌي ۾ جيڪو ذهني سڪون ۽ محبت ۾ ميٺاج آهي، اهو ورهائجي وڃڻ ۾ نه آهي. اسان کي اهي سمورا سادا، سکيا ستابا علائقا ٿا ياد اچن ته دل ٻڏندي محسوس ٿئي ٿي. مرڪون وڃائجي ويون آهن، اکين ۾ درياهه اٿلي پيا آهن، ماڻهو بي يار و مددگار آهن، امدادي ڪارروايون ناڪافي لڳن ٿيون. هن وقت ماڻهن کي هر قسم جي امداد جي شديد ضرورت آهي، چيو وڃي ٿو ماڻهن ۾ اهو جذبو نه رهيو آهي، سياسي پارٽين ۾ به اهو دم خم ڪونهي، حڪومت جي عملدارن جا لهجا به خالي لڳن ٿا. ڪا تڙپ، ڪو پڇتاءُ يا احساس ندامت ڪونهي، نه ئي ڪوتاهي کي مڃڻ جي جرئت محسوس ٿئي ٿي، نه ڪٿي پڇتاءَ جي تلافي ڪرڻ جي ڌن باقي آهي. پنهنجن جي درد کي ڪو پنهنجو ئي محسوس ڪري سگهي ٿو، چاهي تجربن ۾ هڪجهڙائي نه هجي. اسان ڪڏهن ٻن ڏينهن جي بک نه ڪاٽي هجي، ڪڏهن بي گهر نه ٿيا هجون، ڪڏهن ڪنهن ڏانهن آس وندين اکين سان نه ڏٺو هجي، چاهي ذات جي غرور ۾ گم هجون، پر آهيون ته سنڌ واسي....اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته سنڌوءَ جو پاڻي رڳن ۾ ڊوڙندو هجي ۽ صوفين جي سرزمين تي ساهه کڻندا هجون، ماءُ جي هنج جهڙي ڌرتي تي رهندي، ڌرتيءَ جي ڏکن کان غافل ٿي وڃون..!! ڪيئن ممڪن آهي ته پنهنجي اٻوجهه، مسڪين ۽ محبت ڪندڙ آس وندين اکين کي وساري ويهون! سنڌ جا ڳوٺ ۽ ٻهراڙيون خلوص ۽ محبت جي جذبن سان سرشار آهن، اتي شهرن ۾ رهندڙ ڪاغذي گلن جهڙا جذبا نه آهن، بلڪه اهي هڪ تازي گلاب جيان مهڪندا رهندا هئا. اڄ اها خوشبوءِ ڪٿي وڃائجي وئي آهي. ائين اسان اڃا تائين غفلت جي ننڊ ۾ پيا آهيون، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته وڃائڻ لاءِ اڃا ڇا باقي آهي؟ آبپاشي کاتي جي نااهلي سراسر نظر اچي ٿي، ايندڙ خطري جي پيش نظر جيڪڏهن وقت سر بندن کي مضبوط ڪيو وڃي ها ته ڇا صورتحال اڄ ايتري بدتر هجي ها!؟ ڪجهه وقت اڳي قاسم آباد جي سحرش نگر وٽ ٻه هزار فوٽ جو بند ڏنل هو، جتي چار ايڪسڪويٽر ۽ ٽريڪٽر بند جي پاڙن مان مٽي ڍوئيندي نظر ايندا هئا، فقط چند پئسن جي لالچ ۾ ان مضبوط بند کي کوکلو ڪيو ويو. ڪير به ان عملدار کان پڇا ڪرڻ وارو نه آهي ته هن فقط چند پئسن جي لالچ ۾ ٻه هزار فوٽ ويڪرو بند ڇو کوٽائي ڇڏيو؟ هاڻي جيڪڏهن حيدرآباد کي ڪو نقصان پهتو ته ان جو ذميوار اهو آفيسر هوندو. هتي جنهن کي جيڪو وڻي ڪري ٿو، ادارن تي ڪا نظرثاني ڪونهي. ماتحت اعليٰ عملدارن کي رشوت ڏيئي خوش ڪري ويٺا آهن، هر غلط ڪم رشوت جي آڙ ۾ ٿي رهيو آهي. اسان جي ادارن ۾ نظم و ضبط، ايمانداري ۽ وقائتي منصوبابندي جي کوٽ آهي. سنڌ جا علائقا ٻوڏ جي حوالي سان خطرناڪ ڄاڻائڻ باوجود، انهن علائقن ۾ ريسڪيو ٽيمون ڏکيءَ ويل نه پهچي سگهيون، ماڻهن کي جيڪڏهن گاڏيون مهيا ڪري کين محفوظ جڳهه تي منتقل ڪجي ها ته شايد سندن ايترو جاني يا مالي نقصان نه ٿئي ها!

    سنڌ جي عوام ۽ سياستدانن ۾ فاصلا سدائين کان رهيا آهن. عوام هر دور ۾ بدحال ۽ حڪمران خوشحال ۽ بي خبر هوندا آهن، اها روش تاريخ جي صفحن پڻ بند آهي. چالس نيپئر جي سنڌ اچڻ واري دور ۾ سنڌ جي عوام ۽ ان وقت جي حڪمرانن ۾ ڪو به عوامي رابطو نه هو. محمود غزنوي به ان سوچ تي پنهنجي هنن لفظن جي مهر هڻي ڇڏي ته ”عوام جو ڪم رڳو اطاعت ڪرڻ آهي، نه ڪي وڙهڻ.“ سنڌ جو عوام هر دور ۾ حڪمرانن جي اطاعت ڪرڻ تي مجبور آهي، شايد سنڌ جي سياستدانن جي سوچ به محمود غزنوي جي خيالن سان متفق هجي! ٻاهران آيل حڪمرانن سنڌي ماڻهن کي پنهنجي تسلط هيٺ آندو ۽ هر دور ۾ اٻوجهه سنڌي اها برتري تسليم ڪندا پيا اچن. هو پنهنجن ۽ پراون جي ذهني غلاميءَ جي اثر کان اڄ تائين آجا نه ٿي سگهيا آهن. هن ملڪ جي جمهوريت اسان لاءِ ڪارلائل جي Devil cracy واري اصطلاح مطابق، سنڌي ماڻهن لاءِ هڪ ڏائڻ جو ڏيک ڏيندي رهي آهي، ڇو ته سندن حقن جا ترجمان وڏيرا ۽ زميندا آهن، جيڪي ووٽ حاصل ڪرڻ کانپوءِ عوام تي اطاعت جي مهر هڻي پنهنجي فرضن کان غافل ٿي وڃن ٿا. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته اڄ سنڌ جو عوام ائين لاوارث بڻجي نه ٻڏي ها! قدرتي آفت پنهنجي جڳهه تي، پر ان کان بچڻ لاءِ ترت اپاءَ نه وٺڻ، هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جي سگهه نه هجڻ، بي گهر عوام جي درد کي دل جي گهراين سان نه محسوس ڪرڻ ۽ سندن نقصان جي تلافي بروقت نه ڪري سگهڻ وارو رويو ڇا ان ڳالهه جي نشاندهي نٿو ڪري ته عوام جا چونڊيل نمائندا انفرادي سوچ ۽ ذاتي فائدن کي ترجيح ڏين ٿا! ذوالفقار علي ڀٽو اهو واحد سياستدان هو، جنهن پورهيتن ۽ محنت ڪندڙ طبقي جي حقن جي ڳالهه ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ ڀٽو صاحب ۽ ايوب کهڙو اليڪشن جي مهم تي نڪتل هئا ته ڪنهن کهڙي صاحب کي ٻڌايو ته ڀٽو صاحب باگڙين جي وچ ۾ ويٺو آهي. اهو ٻڌي هن ذهني شڪست قبول ڪئي ته جيڪو ماڻهو ڇڳل کٽن ۽ پراڻن تنبن ۾ ويٺو آهي، اهو واقعي عوامي نمائندو ٿي سگهي ٿو. اڄ جا هي عوامي نمائندا متاثرين جي دلجوئي لاءِ گاڏين ۽ گارڊن جي جلوس ۾ نڪرن ٿا. عوام جي سهائتا لاءِ نڪرندڙ انهن عوام جي چونڊيل ڪامورن جو پروٽوڪول ۽ ڏيکاءُ ڏسڻ وٽان آهي. توهان هڪ رات کليل آسمان هيٺان عوام سان گڏ گذاري ته ڏسو! عوامي ڪپڙا پائي عوامي ميڙن ۾ زمين تي ويهي ساڻن ڪچهري ته ڪيو، جيئن اٻوجهه عوام کي يقين اچي ته توهان سندن حقن جي تحفظ لاءِ معمور ڪيا ويا آهيو، سندن رهبر، ڀرجهلو ۽ هڏ ڏوکي آهيو.

    اڄ جڏهن سموري سنڌ ۾ روڄ راڙو متل آهي، ماڻهن جا مال مويشي لڙهي ويا آهن، قيمتي جانين جو نقصان ٿيو آهي، اهڙي وقت ۾ لطيف آبا، قاسم آباد ۽ سحرش نگر جا ماڻهو بندن تي پهرا ڏيئي رهيا آهن ته ٻئي طرف ڪچي واري علائقي ۾ سرڪار کان کڻت واري زمين تي رٽائرڊ ڪامورا پنهنجا ووٽ ۽ ڪيلي جي فصلن کي بچائڻ لاءِ هيوي مشينن ۽ سوين ٽريڪٽرن جي مدد سان پنهنجا باغ بچائڻ جا جتن ڪري رهيا آهن. ڪچي وارو اهو علائقو اڳي سنڌوءَ جو وسيع پيٽ هو، اتي درياهه ورهائجي ويندو هو ۽ پاڻيءَ جو زور گهٽجي ويندو هو. سرڪاري کڻت جي ڪري ٻيلا ۽ سنڌوءَ جو پيٽ ڪٽي هٿرادو بند ٻڌايا ويا آهن، اتي ڪيٽين ۾ روڊ رستا، عاليشان عمارتون ۽ ٽرانسفارمر هڻايا ويا آهن. هاڻ جڏهن سنڌ ٻڏي رهي آهي ته اهي بااثر ماڻهو پنهنجا باغ، ڪيٽيون بچائڻ لاءِ ڳورين مشينن ۽ سوين ٽريڪٽرن سان سنڌوءَ جي بندن کان به وڏا بند ٻڌي پنهنجا اثاثا بچائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن، ڇا اها مشينري هن خطري جي وقت شهرن کي بچائڻ لاءِ استعمال نٿي ٿي سگهي!

    ٻوڏ جا ستايل تڪليف ۾ آهن. کين ڳالهين بدران عملي طور مدد جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ جا سجاڳ ذهن، اين جي اوز ۾ ڪم ڪندڙ نوجوان، شاعر ۽ اديب اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن هنن اڄ ڏکيءَ ويل ۾ سنڌي قوم لاءِ ڪجهه نه ڪيو ته عوام جو سندن لفظن تان به اعتبار کڄي ويندو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو