ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
سکر پوليس جو ٻوڏ سٽيلن تي تشدد، لٺ بازي ۾ ڪيترائي رتورت: 20 گرفتار

سکر (م د): سکر ۾ پيٽ جي بک ٻوڏ متاثرن کي امدادي سامان تان پاڻ ۾ ويڙهائي ڇڏيو، پوليس مصيبت سٽيل ماڻهن مٿان ڪڙڪي پئي. لٺ بازي ۾ ڪيترائي ماڻهو رت ۾ ڳاڙها ٿي ويا. پوليس 20 ڄڻن کي گرفتار ڪري وئي. ڊگري ڪاليج جي ڪئمپ ۾ امدادي سامان جي ورڇ تان ٻوڏ سٽيلن ۾ ”اڳ ۾ مان اڳ ۾ مان“ تان پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ هڪ ٻئي کان سامان ڦريو ويو. صورت حال ڳنڀير ٿي وڃڻ بعد پوليس پهچي وئي ۽ اهڙي طرح امدادي ڪئمپ بدنظمي جي ور چڙهي وئي. پوليس بي رحماڻي نموني لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو ۽ ان کي ٻوڏ سٽيلن تي ڪو به رحم نه ڏنو. لٺ بازي ۾ ڪيترائي ماڻهو رتورت ٿي پيا. زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا. لٺ بازي ۽ ڇڪتاڻ سبب ڪئمپ جو اندريون ۽ ٻاهريون حصو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. ان دوران پوليس ۽ متاثرن ۾ چڪريون پڻ ٿيون. ٻوڏ سٽيل ماڻهن پوليس جي ڪارروائي خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو ته امدادي سامان ڏيڻ بدران متاثر ماڻهن مٿان لٺ بازي ڪري توهين ۽ تذليل ڪئي وئي. پوليس کي ڪو به رحم نه آيو ۽ بي رحمي سان تشدد ڪندي رهي. هنن مطالبو ڪيو ته ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.