دوستو سلام
سنڌ هن وقت هڪ ڏکئي دور مان گذري رهي آهي۔ ٻوڏ جي متاثرين جو ڪجه حصو ڪراچي طرف اچي رهيو آهي۔
سچل ڳوٺ جي سڄاڻ دوستن هن مشڪل وقت تي هتي موجود سرڪاري اسڪول جي عمارتن ۾ متاثرين جون ڪئمپون قائم ڪري شروعات ڪئي ۽ هن وقت لڳ ڀڳ 1500 ماڻهون هتي موجود آهن۔
کاڌ خوراڪ جو بندوبست حڪومت طرفان آهي ان کانسوا ء عالمگير ٽرسٽ ۽ ڪجه مخير دوست ڪري رهيا آهن۔
هن وقت سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) ، پ پ پ سچل ، سچل ڳوٺ ڊولپمينت ڪميٽي ، سنڌ ترقي پسند پارٽي ، عوامي جمهوري پارٽي ، جيئي سنڌ محاذ ، جيئي سنڌ قومي محاذ ، پ پ پ (شهيد ڀٽو) ۽ جماعت اسلامي (سچل ڳوٺ) گڏجي ڪئمپن جي سار سنڀال ۽ سهولتون مهيا ڪري رهيا آهن۔ اسين اميد ٿا ڪريون ته هي سڀ دوست گڏجي سياسي وابستگين کان هٽي ڪري هڪ سنڌي جي حيثيت سان هن قومي خدمت ۾ پنهنجون خدمتون جاري رکندا۔
سنڌ سلامت جي هن فورم تان مان سڀني دوستن کي اپيل ڪندس ته طبي سهولتن جي حوالي سان اسان جي مدد ڪن ۽ دوائون ۽ ميديڪل ٽيمون موڪلي سگهن ته لک احسان ٿيندا۔
دعا ڪريو ته قوم هن ڏکي امتحان مان پار پوي۔