ٻوڏ، سياست کان مٿانهين ٿي وئي.............!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ حفظ الله ڪاڪا طرفان آندل موضوعَ ‏19 آگسٽ 2010۔

  1. حفظ الله ڪاڪا

    حفظ الله ڪاڪا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    عالمي امداد جي منتظر سرڪار، گڏيل قومن جي آٿت ساڻ ڪري پنجاب جي مختلف متاثر علائقن جو دورو ڪيو، گڏيل قومن جي پهتل سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون عالمي برادري جي خاموشي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته دنيا جي تاريخ ۾ هن اهڙي تباهي اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي، پر عالمي برداري جي خاموشي افسوس جي حامل آهي. هوڏانهن امريڪي اختيارين اهو پڻ واضع ڪيو ته سندن ميرين فوج جا اهلڪار ۽ هيليڪاپٽر پاڪستاني سرڪار جي اشاري جا منتظر آهن ته ڀارتي سرڪار پڻ امداد جي آڇ ڪندي ٻوڏ سانهي تي ڏک جو اظهار پڻ ڪيو.
    عالمي بئنڪ جي سربراهه رابرٽ گيٽس پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ ۾ تباهه ڪارين ۾ هڪ ارب ڊالرز جي فصلن کي نقصان جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ پوري عالمي برادري سموري ماجرا کي پرکي پڻ رهي آهي تنهن جي باوجود بان ڪي مون جي اپيل جو ڪنهن تي گهرو اثر نه ٿوي آهي.
    پاڪستان هن وقت جنهن صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، اها صورتحال ڊسمبر 2004 ۾ آيل ايشين سونامي کان هزارين ڀيرا وڌيڪ ۽ خطرناڪ منظر برپا ڪري رهي آهي، خيبرپختونخواهه ۾ 16 سئو حياتيون هٿين ڪري، ڪيترائي شهري اکوڙي، ان ٻوڏ پنجاب جو رخ ڪيو، ميانوالي واري حصي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڏکڻ پنجاب ۽ مظفر ڳڙهه وارن علائقن ۾ پاڻي داخل ٿيو، جنهن سبب پڻ ڪيترائي علائقا صرف پاڻي جي لهرن ۾ لهڙندي نظر آيا.
    قدرتي آفت سنڌ جي 17 ضلعن کي پنهنجو قبضي جو نشانو بڻائي، گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور، سکر ۽ لاڙڪاڻي کي سخت متاثر ڪيو آهي، جنهن سبب لکين ماڻهو بي گهر ۽ چار سئو کان وڌيڪ حياتون وڃائي ويـٺا آهن. هڪ طرف سنڌ ٻوڏ جي ڀوائتي منظر ۾ منهدم ٿيندي پئي وڃي ته ٻئي طرف سرڪاري ڪامورا ڪالاباغ ڊيم جو راڳ آلاپي سنڌ جي ڦٽن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ملڪي سربراهه وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني، ڪالاباغ ڊيم جي موجودگي ۾ سنڌ کي ٻوڏ ۾ گهٽ نقصان ٿيڻ جي صلاح ڏني ته قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ چوڌري شجاعت حسين پڻ اهڙا بيان جاري ڪري سنڌ جي خلل پيل سڪون کي برباد ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري آهي. سنڌ واسي هن وقت پنهنجي جسم سلامت بچائڻ جي ڪوششن ۾ آهن ته اهڙي صورتحال مٿان اهڙا بيان ڏيڻ انهن جي رڪاوٽل راهن ۾ وڌيڪ اڀاميل ڪنڊا کوڙيڻ جي نسبت برابر آهي.
    هوڏانهن ميانوالي ۾ ٻوڏ ستايلن وٽ پهتل پنجاب سرڪار جي اڳواڻڻ متاثرن کي سهائتا جي آڇ ڪرڻ بدران انهن جي جهولي ۾ ايوان صدر جي تنقيد جي امداد اماڻيندي کين خاموش ڪرايو،خيبر پختونخواهه ۾ اوچتو ٻوڏ اچڻ کانپوءِ صدر برطانيا ۽ فرانس جي دوري تي روانو ٿيو، جنهن مٿان سمورين سياسي ڌرين سياست چمڪائڻ جو هڙان ڪوشش ڪئي پر عوام انهن جي نعرن جي جواب ۾ امداد جا سڏ پئي ڪيا. وري جڏهن برمنگهم ۾ صدر پاران پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب واري حال ۾ بدنظمي وارو ماحول پيدا ٿيڻ جو هل مچيو ته پاڪستاني ميڊيا تي بنا ڪنهن ثبوت جي اهو اشو بڻجي ويو.
    هن پوري ماجرا مان اهو سوال پيدا ٿو ٿئي ته آخر سياسي انڊسٽري عوام کي سڏڪن تي به خاموش ڇو نه ٿي ٿئي....؟
    سنڌ جي ٻوڏ ۾ ٻڏل شهرن جا متاثر سنڌ جي مختلف راهن جا راهي ٿيا، سنڌ سرڪار پاران سندن تحفظ جون ڀرپور دعوائون ڪرڻ باوجود شڪارپور واسين تي ڪراچي جي محمود آباد ۽ منظور ڪالوني سميت مختلف علائقن ۾ فائرنگ ڪري ڪيترن مجبور ماڻهن کي زخمي ڪندي ڌمڪايو ته علائقا خالي ڪن ٻي صورت ۾ سندن لاش ئي واپس ويندا. اهڙي صورتحال کي ڏسندي متاثرن جي نگاهن ۾ گل ڪومائجندي نظر آيا.سنڌ جي گهرو کاتي جي خاطري وري سندن لاءِ هڪ بهار بڻجي وئي ۽ محسور ٿيل مارن ڏکن سکن سان دنيا کي نقشي تي پائندا رهڻ جو اٽل ارادو ڪيو آهي.
    ڪراچي پهتل متاثرن مٿان وري متحدا قومي موومينٽ جي اڳواڻن رجسٽريشن جو روپ اپنائڻ جا مطالبا ڪيا آهن، متحدا اڳواڻ واسع جليل ۽ وفاقي وزير ڊاڪٽر فاروق ستار ڪراچي ايندڙ ٻوڏ متاثرن جي رجسٽريشن جي گهر ڪئي، سندن ڀروپر سهائتا جي پڻ دعوا ڪئي پئي وڃي. متحدا جي اڳواڻڻ کان اهو وقت شايد وسري ويو آهي جڏهن انڊو پاڪ جو ورهاگو ٿيو هو ۽ ڀارت مان آيل دوستن جي آجيان لاءِ سنڌ ۾ خيما لڳايا ويا هئا، تڏهن ته ڪنهن سنڌ جي سپوت رجسٽريشن جي ڳالهه نه ڪئي پر انهن لاءِ پنهنجن گهرن جايون ڏنيون ۽ اڄ وري انهن سنڌ ڌڻين جي پنهنجي ڌرتي تي رجسٽريشن جي ڳالهه ڪري ماضي کي وساري دلين جي ويرانين ۾ ويتر واڌ ڪئي پئي وڃي.
    هڪ طرف متاثرن جي ڪراچي اچڻ تي گولين سان آجيان ڪئي وئي ۽ اڄ وري ڌرتي ڌڻين مٿان پنهنجن پاران جهير ڏيڻ وارا ٻول ٻوليا پيا وڃن، ڌارين جي ڌڪارڻ سان ته فرق نه پوي پر جيڪڏهن پنهنجا به ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏين ته انهن کي ڪهڙو نانو ڏئي پڪارجي. هڪ ڪراچي پهتل بوڏ متاثر گولين سان آجيان ڪرڻ کانپوءِ آلن نيڻن سان اڪاريندي پئي چيو ته “ هنن ته مهمانن جي آجيان ديوتا جي پوڄا ڪرڻ سان ڪئي هئي پر سندن پوڄا سان ديوتا بيڻل کين وساري چڪا آهن.” سسي پليجو متحدا جي اهڙي مطالبي کي سختي سان رد ڪندي اهڙي ڳالهين کان پوئتي هٺي سڀني کي متاثرن سان محبت واري رويو اپنائي سندن سهائتا جي اپيل ڪئي. هيءَ صورتحال خبر ناهي ڇا پئي سيکاري...
    پاڪستان جي هن اهڙي صورتحال ڏسندي پرڏيهه ۾ ويـٺل اڳوڻي صدر، پرويز مشرف حڪومت کي ناڪام ڪوٺيندي پنهنجي هانو تي ڀريل تنقيد جي تجربن کي پيش ڪيو ته شهيد ڀٽو جي سربراهه غنويٰ ڀٽو پڻ ڳوڙها ڳاڙهيندي متاثرن جي ڪيمپن مان نڪتي ۽ حڪومت کي ڀرپور سهائتا جي اپيل ڪئي.
    ٻئي طرف امداد جي منتظر قوم لاءِ مليل امداد جي غلط استعمال بابت برطانوي اخبار ٽيليگراف پڻ پنهنجو تجزيو پيش ڪيو، اخباري رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو ته پاڪستان کي امداد متاثرن جي سهائتا لاءِ مليل امداد کي ٻين مشغولين ۾ خرچ ڪيو پيو وڃي.
    خبر نه آهي ڇو سموريون سياسي ڌريون گڏجي متاثرن جي سهائتا لاءِ قدم اڳتي ڇو نه ٿيون وڌائين...؟ عالمي برادري کي پڻ اهڙي صورتحال تي خاموش تماشائي بڻجڻ ۽ تنقيد ڪرڻ بدران هم قدم ٿي پاڪستان جي ترقي جي خوابن ۾ رڪاوٽن کي هٽائڻ ۾ ساٿ ڏيڻ گهرجي ته جيئن تباهه ٿيل چئني صوبن جي شهرن جي ٻيهر اڏاوت ۾ سهائتا ٿي سگهي.
    حفظ الله ڪاڪا
    ڪلفٽن ڪراچي
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ٻوڏ، سياست کان مٿانهين ٿي وئي.............!!

    ا
    اِهو هن ڀيري نه پر جڏهن به ڪا مصيبت يا آفت آئي آهي ته اسان جي حڪمرانن هميشه ائين ئي ڪيو آهي۔ ملڪ ۾ تاريخ جو بدترين زلزلو آيو جنهن جي ڪري ڪيترائي خاندان تباه و برباد ٿي ويا اِها حالت جڏهن ٻاهرين ملڪن جي ليڊرن ڏٺي ته يڪدم پاڪستان جي مدد ڪرڻ ۽ انهن علائقن کي نئين سري سان تعمير ڪرڻ لاءِ‌ روانه ٿي پيا، جڏهن ٻاهرين ملڪن طرفان تقريبن 105 آيل اين جي اوز حڪومت کي اِها درخواست ڪئي ته، توهان اسان کي علائقو يا وري ڪا اهڙي جاءِ ٻڌايو جنهن جي اسان نئين سري سان مرمت ڪيون ۽ هنن آفت سٽيل ماڻهن جي گهرن جو بندبست ڪيون پر ان وقت جي حڪمرانن اِهو چئي انهن اين جي اوز کي خاموش ڪرائي ڇڏيو هو ته ـ اوهان پئسا ڏيو باقي ترقياتي ڪم اسين پاڻ ڪندا سين، جنهن جي ڪري انهن پئسا حڪومت کي ڏيڻ جي بجاءِ واپس پنهنجي سربراهن ڏانهن موڪلي پاڻ به گهر ڀيڙو ٿيا۔
     
  3. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: ٻوڏ، سياست کان مٿانهين ٿي وئي.............!!

    هن ديس جي دلدارن جي دلداري تي ڪنهن کي شڪ ڪرڻ بدران انهن جي آوازن تي هم نوا ٿيندڙن کي قوم سان غداري جي لقبن سان پڪاريندڙن ۽ عوام جي اعتماد ۾ خلل پيدا ڪندڙن کي پنهنجي جي ۾ جهاتي پائي ڏسڻ گهرجي۔۔۔۔ باقي لبڙن تي ڪنهن جي به تالا نه ٿا لڳي سگهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ٻوڏ، سياست کان مٿانهين ٿي وئي.............!!

    بس ادا .....................................
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ٻوڏ، سياست کان مٿانهين ٿي وئي.............!!

    ڪراچي جي امدادي ڪيمپن ۾ پرايا ته ڇڏيو، پنهنجا سنڌي ئي ٻوڏ ستايل ماڻهن سان جٺون ڪري رهيا آهن، انهن کي هٿيارن سان ڌمڪائي چون ٿا ته فلاڻي جڳهه خالي ڪيو اسان جا پنهنجا مائٽ پيا اچن، جڏهن ته اها رهڻ جي جڳهه حڪومت ٻوڏ متاثرن کي الاٽ ڪئي آهي...
     
  6. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ٻوڏ، سياست کان مٿانهين ٿي وئي.............!!

    هزارين ماڻهن کي رهڻ لاءِ صرف هڪ سو کن فلايٽ ملندا ته پوءِ اوهي وڙندا نه ته ڇا ڪندا پوءِ جيڪو ڏاڍو
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ٻوڏ، سياست کان مٿانهين ٿي وئي.............!!

    اها ڳالهه به پنهنجي جڳهه تي صحيح آهي پر ادا جيڪي ويچارا اڳئي ستايل آهن انهن کي وڌيڪ تنگ ڪرڻ ڪٿان جو قانون آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو