• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ تباهه ٿي وئي آهي ۽ جمالي ائين پيو ڳالهائي ڄڻ علي واهڻ ۾جانور ٿا رهن:قائم علي شاهه

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن



سکر/پنوعاقل/نوشهروفيروز/مورو(نمائندن وٽان) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته علي واهڻ ۾ به ماڻهو رهن ٿا، اتي جانور نٿا رهن، ظفر الله جمالي چوي ٿو ته علي واهڻ کي بچائي بلوچستان کي ٻوڙيو ويو آهي، جمالي کي اهڙي زبان استعمال نه ڪرڻ گهرجي، جمالي جي ايتري تباهي ناهي ٿي جيتري سنڌ جي تباهي ٿي آهي، سنڌ ۾ ماڻهن جا جهڳا ناس ٿي ويا آهن، لکين ماڻهو دربدر آهن، هو ڪالهه پنوعاقل ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب فوت ٿيل 6 ماڻهن جي وارثن سان تعزيت بعد صحافين سان ڳالهائي رهيو هو، هن فوتين لاءِ 2-2 لک امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو، وڏي وزير وڌيڪ چيو ته آئون به گهڻو ڪجهه ڳالهائي سگهان ٿو پر نٿو ڳالهائڻ چاهيان، جمالي کي به اهڙو ڳالهائڻ نٿو جڳائي، سنڌ حڪومت پنهنجي بجيٽ مان 10 ارب رپيا خرچ ڪري رهي آهي، ترقياتي اسڪيمون بندڪرڻ بابت اڃا فيصلو ناهي ڪيو، هن چيو ته ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثرن کي ترسائڻ توڙي کاڌ خوراڪ جا انتظام مڪمل ڪيا اٿئون، ڪراچي سنڌ واسين جو شهر آهي،اهي اتي اچي ترسن، کين تحفط ڏنو ويندو، هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ٻوڏ ستايل ماڻهن جي امدادي ڪمن کي تيز ڪرڻ، بچاءُ بندن تي پهتل ماڻهن کي امدادي ڪئمپن ڏانهن منتقل ڪرڻ ۽ رليف ڏيڻ وارن معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اهو اجلاس ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهيو، اجلاس بابت ڄاڻ ڏيندڙ ذريعن ٻڌايو آهي ته اجلاس ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي، ماڻهن جي موت وارن انگن اکرن، ٻنين ۽ گهرن کي پهتل نقصانن، وڏن شهرن جي تباهڪارين بابت مختلف سيڪريٽرين ۽ ٻين سينيئر آفيسرن وڏي وزير کي تفصيل سان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ٻوڏ ستايل علائقن جي متاثرين کي امدادي سامان ڏيڻ لاءِ وڌيڪ امدادي ڪئمپون قائم ڪيون وينديون. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ امدادي ڪئمپن جي تعداد ۾ ٻيڻو اضافو ڪيو ويندو. ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻو ۽ دادو ضلعن جي ٻوڏ هيٺ آيل علائقن جو سروي ڪيو ويندو. جنهن بعد متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي ڏنل قرضن جي معافي ۽ سندن بحالي وارن معاملن بابت فيصلو ڪيو ويندو. جڏهن ته جن ماڻهن جو مال متاع پاڻي ۾ لڙهي ويو آهي، تن کي پڻ ان جو معاوضو ڏيڻ واري معاملي تي هن اجلاس ۾ غور ويچار ڪيو ويو ۽ اهو طئي ڪيو ويو ته اهو سڀ ڪجهه سروي بعد ڪيو ويندو. جنهن لاءِ سرڪاري ادارن کانسواءِ سٺي ساک رکندڙ عالمي مالياتي ادارن جي نمائندن کان پڻ مدد ورتي ويندي.ٻئي طرف سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه مورو دادو روڊ تي لڳل گهاري واري هنڌ به پهتو، سنڌ جي وڏي وزير کي ڊي سي او نوشهروفيروز سيد ذوالفقار علي شاهه بريفنگ ڏيندي ضلعي اندر ٻوڏ جي تباهڪارين بابت ٻڌايو، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيوته ٻوڏ سبب سنڌ ۾ وڏي تباهي آئي آهي، خاص طور سنڌ جا 16 ضلعا تمام گهڻا متاثر ٿيا آهن ۽ حڪومت متاثر ماڻهن جي واهر ڪري رهي آهي، شروعاتي طور تي متاثر ضلعن کي 40 -40 لک رپيا امدادي ڪمن لاءِ ڏنا ويا آهن، جڏهن ته سکر ضلعي کي هڪ ڪروڙ ڏنو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهو ضلعو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، هي وقت ويڇا وساري غريب ۽ متاثر ماڻهن جي مدد ڪرڻ جو آهي، هن چيوته چونڊيل نمائندا ۽ اين جي اوز ٻوڏ ستايل ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ اڳتي اچن، هن چيوته ٽوڙي بند ۽ مورو دادو روڊ کي گهارا قدرتي پيا آهن ۽ اتي هٿ سان گهارا ناهن وڌا ويا، هن هاءِ وي کاتي ۽ آبپاشي کاتي جي اهلڪارن کي هدايت ڪئي ته دادو مورو روڊ ۾ پيل گهارو بند ڪري روڊ کي ٻيهر کوليو وڃي، هن چيوته 1976ع کانپوءِ هي وڏي ٻوڏ آهي، هن وڌيڪ چيوته پاڻي جي وهڪري بابت آبپاشي کاتي ۽ پاڻي ماهرن جا اندازا غلط ثابت ٿيا ۽ پاڻي اسان جي توقع کان وڌيڪ اچي ويو، متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ سنڌ سرڪار هر ممڪن قدم کڻندي متاثر ٿيل ماڻهن کي ٻيهر سندن اجها اڏي ڏنا ويندا، سرڪار هڪ ئي وقت 7 لک ماڻهن کي امداد پهچائي نه ٿي سگهي پر ان جي باوجود اسان متاثرين کي نه رڳو پڪل کاڌو پر ڪچو سيڌو جنهن ۾ اٽو ،کير،چانهه،کاڄرو تيل،۽ ٻارڙن لاءِ بسڪيٽ پڻ ڏئي رهيا آهيون هن چيوته هن مصيبت واري وقت ۾ ميڊيا کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڪيترائي ڀيرا ائين ٿيو آهي ته آئون ڳالهه هڪ ڪندو آهيان ۽ وري جيڪا خبر هلندي آهي اها ٻي هوندي آهي​

حوالو(ڪاوش)
 
جواب: سنڌ تباهه ٿي وئي آهي ۽ جمالي ائين پيو ڳالهائي ڄڻ علي واهڻ ۾جانور ٿا رهن:قائم عل

وڏي وزير کي شايد يس باس يس باس ڪندي اها ڳالهه وسري وئي آهي ته اها ڪرسي وٽس صرف چند ڏينهن لا۽ آهي ان ڪرسي کان پو۽ ڇا ٿيندو اهو ان جو اندازو نه ٿو لڳائي سگهي باقي رهيو سوال ته علي واهڻ جي طرف جانور نه پر واقعي به ماڻهو رهن ٿا اسان کي به ان شي جي معلومات آهي شايد وڏي وزير صاحب کي اها ڳالهه علم ۾ ناهي ته
ان طرف آبادي ڪيتري آهي ۽ وري هن طرف ڪيتري آبادي آهي ؟
جيڪڏهن ان طرف بند ٽوڙيون وڄي ته ڪيترو نقصان ٿئي ها اهو نقصان جاني ٿئي ها يا مالي ٿئي ها
وري اچو ٿا هن طرف ته هتان جي ڪيتري آبادي آهي ۽ ڪيتري آبادي متاثر ٿي آهي ۽ اڃا ڪيتري آبادي متاثر ٿيندي

هن طرف آبادي جو نقصان جاني گهڻو ٿيندو يا مالي گهڻو ٿيندو ؟

پر خيئر هاڻي ڪير ٿو انهن سوالن ۽ ڳالهين کي ڏسي

جڏهن پراڻو پي ايم جو بيان پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ته شاهد آهي ته وڏي وزير صرف خورشيد شاه ، نصرالله بلوچ ۽ چند ٻيا سرمائيدار جن جون فيڪٽريز ۽ ڪيلن جا باغ بچائڻ خاطر علي واهڻ کي نه ٽوڙڻ ڏنو آهي

ٻيو وڏي ۾ وڏي ثبوت ڪالهه اليڪٽرانڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم پي اي علي محمد شهلياڻي چيو ته ڳڙهي خيرو شهر کي ٻوڙڻ ۾ وڏي وزير ملوث آهي ان صرف پنهنجا دوست جن ۾ هن خورشيد شاه جو ذڪر به ڪيو ته ان جا ڪيلن جا باغ بچائڻ خاطر ايتري ساري تباهي آندي آهي ۽ مان اهو ڪيس آبپاشي وزير ڌاريجو تي داخل ڪرائيندس

وڌيڪ حقيقتون دوستن آڏو آهين

هيترو وڏي تباهي کان پو۽ امداد به ضرور ملندي !!!
هاڻي ڏسجي ته اها امداد پراپر جيڪي حقدار آهن انهن کي ملي ٿئي ؟؟؟؟؟
پ پ پ گورنمينٽ آهي اها به ته دوستن کي خبر هوندي .

سدائين گڏ
 
جواب: سنڌ تباهه ٿي وئي آهي ۽ جمالي ائين پيو ڳالهائي ڄڻ علي واهڻ ۾جانور ٿا رهن:قائم عل

جي ادا بلڪل پهريان به جيڪي ٻوڏون اچي چڪيون آهن ته اهو پاڻي پڻ علي واهڻ ڏي ڇڏيو ويندو هيو هنن کان ته بهتر نوشهرو فيروز جو غلام مصطفي جتو ئي ڀلو جيڪو اپوزيشن ۾ آهي پوء به هن پنهنجون زمينون قربان ڪري عوام کي ڦاعدو ڏنو ڪي ٽي جتوئي کان هن جون زمينون آهن ادا.
 
Back
Top