عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
ذولفقار مرزا جا ڊي سي او حيدرآباد آفتاب کتري کي ٻوڏ متاثرين جي سار سنبال نه لهڻ تي داٻا
http://www.youtube.com/watch?v=ca3WEvhSY_0
ادا، سائين ذوالفقار مرزا صحيح انداز اپنايو آهي، دهشتگردن کي بدمعاشي ڪري ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو، باقي هينئر تائين پيار سان سڌريا نه آهن، سڄي حيدرآباد ضلعي جي ٻوڏ ستايلن جا پئسا انهيءَ ايڊمنسٽريٽر لطيف آباد جي بند جي مرمت ۽ اتي جي لائٽنگ تي خرچ ڪيا آهن، باقي قاسم آباد نڌڻڪي لڳي پئي آهي..
فقير سائين هتي سماء ٽي وارن جي ڪلپ لڳل آهي، توهان جي ڳالهه صحيح آهي جيو وارن به اهو ئي ڏيکاريو آهي.. باقي سائين مڃبو ضرور ته ذوالفقار مرزا صاحب وڏي سوچ رکي آهي، ٽي وي وارن کي به گڏ وٺيو ويو... متحده وارن جا ڪچا چٺا ايئن ته پڌرا ڪبا نه..ادا عاشق ،
هر هڪ ڳالهه جا ٻه پهلو هوندا آهن پلس ، نيگيٽو
جيئو ٽي وي وارن صرف اهو ڏيکاريو آهي ته مرزا بدمعاش آهي پر ان ڳالهه تي اصل نه پيا ڳالهائين ته هن اهي لفظ
ڪهڙي سبب جي ڪري چيا ۽ اهي لفظ ڪنهن کي چيا ،
جيڪڏهن نه اهڙن آفيسرن کي اهڙي ئي نموني سان دٻايو وڃي ته مان سمجهان ٿو ته ڪجهه بهتر ٿئي سگهي ٿو
باقي جيڪڏهن اهڙن موضوعن تي ڳالهائبو ته ڳالهي پري پئجي ويندي
سدائين گڏ
واه ڙي مرزا واه
ادا اها سڀني کي خبر آهي ته ڪراچي جا حالات ڇو خراب ڪيا پيا وڃن ؟؟
اها ٻوڏ جي سنڌي متاثرين کي ڪراچي اچڻ کان روڪڻ جي سازش آهي۔ مان سمجهان ٿو تمام گهڻي تنقيد ٿئي پئي جيڪا ٿيڻ به کپي پر ان جي باوجود اسان کي سنڌ حڪومت جا هٿ مضبوط ڪرڻا پوندا ۽ هنن سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻو پوندو ته جيئن گهڻي کان گهڻا سنڌي ڪراچي ۽ حيدرآباد اچن۔ نه صرف اهو پر انهن کي اجها ۽ بستيون ٺاهي ڏيڻا پوندا جيئن هو عزت واري زندگي بسر ڪري سگهن۔
هن وقت گهڻي کان گهڻا سنڌي ڪراچي جي سنڌي وسندين ۾ اچي رهيا آهن ۽ هن وقت سڀ سرڪاري اسڪول ڪئمپن ۾ تبديل ٿي ويا آهن جنهن ڪري سنڌي ٻچڙا اسڪول ۽ تعليم کان محروم آهن۔ اسان کي حڪومت سان گڏجي نيون بستيون ٺاهي متاثرين کي اتي منتقل ڪرڻو پوندو۔
هي وقت سياست کان هٽي ڪم ڪرڻ جو آهي مگر افسوس هتي تنقيد برائي تنقيد ڪرڻ وارا ته ڪيئي آهن پر ميدان ۾ لهي سنڌين جي خدمت ڪرڻ ورا گهٽ؟؟؟ ميڊيا کي وٺي دورا ڪري فوٽو ڪڍرائڻ وارا ته ڪيئي آهن پر ماڻهن سان گڏ پوري پوري رات ويهي ڪم ڪرڻ ورا گهٽ ؟؟؟؟
ذولفقار مرزا صاحب جا سڀئي عيب پنهنجي جاء تي پر سنڌين کي ڪراچي يا حيدرآباد منتقل ڪرڻ ۽ کين سهولتن پهچائڻ وارا ڪم ضرور ساراه جوڳا آهن ۔ جن جي تعريف نه ڪرڻ به زيادتي ٿيندي توڻي جو اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت اڃا تائين اهي ڪوششون ڪون ورتيون آهن جيڪي وٺڻ کپن۔
سائين سليمان وساڻ صاحب... ذوالفقار مرزا صاحب جو ظاهري مقصد ته الائي جي ڪهڙو آهي پر مان سمجهان ٿو ته سندن مکيه مقصد اهو هوندو ته سنڌي ڪراچيءَ ۾ اڪثريت ۾ اچي وڃن...