پاڙي ناهي پروڙ.... حفيظ ڪنڀر حفيظ! مون وٽ ته ڏسڻ، ٻڌڻ، سوچڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي تو جيان...سواءِ سنڌ تي جاري ان قيامت جا منظر ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي، جيڪا سرڪار جي بي ڌياني، سرمائيدارن، سيٺين جي بي حسي ۽ ڀوتارن جي لالچي حرڪتن سبب شديد ٿيندي قيامت ڪبريٰ جي شڪل اختيار ڪندي انهن غريبن تي ڪڙڪي، جيڪي اڳ ئي غربت جي ڪنسٽريشن ڪيمپن ۾ هئا ۽ هاڻ اهي ٻوڏ هٿان ڌڪبا انهن ڪيمپن ۾ پهتا آهن. جن کي اميرن جي دنيا ”رليف ڪيمپن“ جو نالو ڏنو آهي، انهن ڪيمپن ۽ نڌڻڪائين جا هڪٻئي کي ڪهڙا دلاسا ڏجن!! ٻوڏون في الحال ته دلاسن کي به لوڙهي وڃن ٿيون. بس...”رفت برمن برشماهم رفتني سمت (جا مون تي گذري...توتي به گذري ٿي). هي ٻوڏ ستايل ماڻهو ته اڳي به ڀوتارن، سردارن جي اوپن ڪيمپس ۾ اها آزادي ملهائي رهيا هئا/آهن، جيڪا آزادي، سندن ڀوتارن، سردارن جي سک ۽ آرام لاءِ وقف هئي. بکين، ڏکين ماڻهن جي آزادي ته هوندي ئي سيٺ، سرمائيدار، ڪارخانيدار، ڀوتار جي سک جي غلام آهي. حفيظ! ڏسين ڪو نه پيو ته جيڪي ماڻهو ملڪ جي اميرن جو جسم ڍڪڻ لاءِ ڪپهه پوکيندا هئا، انهن جا ننگ گهران دانهون ڪندي، پنهنجيون پوتيون وساري اگهاڙي مٿي اچي ڪيمپن ۾ پهتيون آهن، يا اڃان بندن تي ويٺيون آهن. جننگ ڪاٽن ۽ ٽيڪسٽائيل وارن جا فورم. سرمائيدار، ڪارخانيدار روايت موجب اکيون ڦيري وهي رهيا آهن. اهي لکين ماڻهو، جيڪي زمينن مان حاڪم ٽولن، سندن ساٿاري سرمائيدارن، صنعتڪارن لاءِ ان اپائي کاڌي جو بندوبست ڪندا هئا، پر جڏهن انهن جي آڌياري يا سرڙيائي فصلن کي سندن ڀونگين سميت مڇريل درياءُ لوڙهي ويو آهي ته فلور آرگنائيزيشنون گم آهن ۽ فوڊ ڪمپنين وٽ انهن هارين کي ڏيڻ لاءِ Ready meals (تيار کاڌو) يا ڊبل روٽي جو اهو ٽڪرو به ناهي، جنهن ۾ انهن هارين-هارياڻين جو رت، ست، پگهر، پورهيو شامل آهي، جيڪي اڄ ڪيمپن ۾ ويٺا آهن. هي شوگر ملز وارا ڪٿي آهن؟ جن لاءِ رليف ڪيمپن ۾ ويٺل هزارين، لکين هاري ڪمند اپائن ٿا، جن لاءِ هاري ۽ مزور گڏجي لکين ٽن کنڊ ڏئي ساڳين سيٺن لاءِ سوئز بئنڪن ۾ اربين ڊالرز جي شڪل ۾ کين ”فصل“ ڏين ٿا، پر انهن جي گودامن ۾ پيل لکين ٽن کنڊ مان چار چمچا کنڊ جا گيسٽرو وگهي مرندڙ ٻارن لاءِ ناهن پهتا، جو انهن جون مائرون اٻريل ٿڌي ڪيل پاڻي جي چئن گلاسن ۾ اٺ چانهه وارا چمچا کنڊ جا، اڌ چمچي لوڻ سان ملائي پنهنجي ٻارن کي پياري جسم ۾ پاڻياٺ ۽ لوڻ جو توازن برقرار رکي ٻارن کي في الحال موت جي منهن مان ايستائين بچائي سگهن، جيستائين او آر ايس جون پڙيون ڪيمپن تائين پهچن. ها! ڪجهه ڏينهن ۾ اهي ساڳيا ٽولا اگر اتفاق سان، پنهنجي گڏ ڪيل ڌن ۾ وڌيڪ برڪت پوڻ جي سوچ کڻي اڳيان آيا به سهي تيستائين تصور ڪريو ڪيتريون حياتيون موت جو راڪاس جهپي چڪو هوندو! سرمائيدارن جي جمهوريت ۾ ائين ئي ٿيندو آهي، هتي ته ڀوتارڪي جمهوريت آهي، ٻنهي صورتن ۾ پورهيتن، غريبن سان اهو ئي ٿيندو آهي. جن کو سورج ميري چوکهٽ سي ملا تها، وه خيرات ۾ ديتي هين اجالي مجهه کو! باقي هنن ڀوتارن جي ڳالهه ڪهڙي ڪجي!؟ اهي ڀوتار، جن پنهنجون ڪچي توڙي پڪي جون ڪيٽيون قابو ڪرڻ لاءِ وک وک تي پنهنجي ”نيم غلام رعيت“ کان ڇيڙن، بيگارن ذريعي بند ٻڌرايا. هي ”ڀوتاري بند“ ته ڀوتار شاهين جون حدون، سرحدون، زمينن تي قبضن جا نشان آهن، جن جو غريب مخلوق جي پکن ۽ پوکن جي تحفظ سان واسطو به نٿو هجي. فصل جا ٻئي مٿا ڀوتار جي بنگلي تي هر صورت ۾ وڃڻا آهن!! ڀوتار/سردار جو ڪٽنب، ڪڙم ته ڪراچي، حيدرآباد، ڪوئيٽا-سکر واري بنگلي تي هوا بدلائڻ لاءِ محفوظ طريقي سان پهچي چڪو، ڀوتار کي ڪهڙي لهر ڪهڙو لوڏو!؟ ڪهڙو ڀوتار/سردار ٻوڏ ۾ لڙهيو آهي!؟ باقي ٻوڏ ۾ مخلوق انهن ڀوتاري بندن وگهي ضرور مئي آهي، يا اڌ مئي ٿي آهي، جيڪي بند هنن پنهنجون ”ڀوتار شاهيون“ بچائڻ لاءِ ڏنا هئا. هنن لکن جي تعداد ۾ وڻ وڍائي، وڻن جي پيرن هيٺيان زمينون کسڪائي ورتيون. ڪچي ۾ پنهنجون ڪيٽيون قائم ڪري ماڻهن ۽ درياءَ جا لنگهه بند ڪيائون، درياءَ کي خشڪ ڏسي ٽمبر مافيائن سان ملي ڪري ڪهاڙن سان زميني ڪاٺ ڪٽا ڪيئن نه ٻيلا وڍڻ لاءِ ڪاهي ماحوليات کي تباهه ڪرڻ لڳا هئا. ”خشڪ ديد بحر را فرعونِ ڪور، تا درو راند زسرمستي و زور“ (انڌي فرعون هن درياءَ کي خشڪ ڏٺو، ايستائين جو مستي ۽ طاقت ۾ ان ۾ گهڙي ويو.) هي سردار/ڀوتار، جن جي جرڳي بازي، ڪارو ڪاريءَ، باهه تي ماڻهن کي هلائڻ واري بازار ڪجهه ڏينهن لاءِ ٻوڏ سبب مندي ۽ ٻاڙائي جو شڪار ٿي ڏسجي، سي ڪيئن نه واهن، شاخن، چئنلز، ڪئنالن کي جتان ڪٿان ڏرڙ، ونجهيون هڻندا هڪٻئي جا هاري ماريندا رهيا. ”همچو موشي هر طرف سوراخ ڪرد“ (هو ڪوئي وانگر آهي، جنهن هر طرف سوراخ ڪيا.) ائين انهن ڀوتارن بيوروڪريسي ۽ مافيائن سان گڏجي ڄڻ سڄي ماحوليات کي پروڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اڄ ڀوتارن، وڏيرن، زميندارن جا فورم پاڻي ڀري پڙ تان ائين غائب آهن، جيئن سرمائيدارن جو فورم ايڌي فائونڊيشن کان وٺي ورلڊ چرچ سروس جهڙا ادارا گم آهن، سنڌ جون مقامي اين جي اوز ۽ صدارتي ايوارڊ يافته سول سوسائٽي جا سرواڻ به. هيڏانهن فيڊرل فلڊ ڪميشن پهرين ڏينهن کان گم آهي ته ٻئي طرف ”ڦٻئون ۽ ڦٻئون“ برانڊ بيوروڪريسي جي متوقع امداد ۾ اک-اسلام آبادي، لاهوري اين جي اوز ادارن يقينن جهازي سيٽون بوڪ ڪرائي ڇڏينديون هونديون، پر جهاز ڪچي ۾ ته لينڊ نه ڪندا آهن نه!؟ نه ئي فائيو اسٽار هوٽلون ڳوٺن ۾ آهن. ٻوڏ جي ريلن کانپوءِ بيمارين جا سيلاب ڪيمپن ۽ غريبن جي جسمن کي گهيرڻ لاءِ آتا آهن، ٻار گيسٽرو وگهي، مرد نانگن جي ڏنگن ۽ مائرون ويم ۾ مرڻ شروع ٿي ويون آهن. چمڙي جون بيماريون الڳ، مليريا جو موذي مرض اڃا ان ڪري پکڙيو ناهي، جو مڇر پنهنجي واڌ ويجهه لاءِ هر طرف پکڙيل ساڳي پاڻي جي گندي ٿيڻ جي انتظار ۾ آهن، انهيءَ صورت ۾ مجموعي صورتحال رياستي توڙي غير رياستي ادارن جي اها آهي جو، ”پاڙي ناهي پروڙ ته رات رنجائي گذري“