نثارابڙو
نائب منتظم
الطاف شيخ
انڊيا جي ماڻهن لاءِ نوڪريون جام ڇو؟
انڊيا جي اخبارن جا اشتهارن وارا صفحا کولي کڻي ڏس ته نه فقط آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن جي نوڪرين سان ڀريل نظر اچن ٿا، پر سعودي عرب، دبئي، ڪويت جهڙن اسان جي پاڙيسري ملڪن، ۽ ملائيشيا ۽ برونائي جهڙن مسلمان ملڪن جي نوڪرين لاءِ پڻ . ”فلاڻين نوڪرين لاءِ هي ڄاڻ يا ڊگري رکندڙ انڊين جي ضرورت آهي.“ عرب ملڪ جيتوڻيڪ اسان جا پاڙيسري ملڪ آهن، هنن کي کپي ته هو اسان جي ملڪ جا ڊاڪٽر، انجنيئر، مڪينڪ ۽ مستري پاڻ وٽ گهرائين. بيروزگاري به اسان جي ملڪ ۾ گهڻي آهي. پر جڏهن به اتي جي ڪنهن واسطيدار عرب ڪارخانيدار يا سرڪاري ڪاموري سان ڳالهاءِ يا توڙي کڻي ملائيشيا ۾ ان بابت مڪاني ماڻهن يا اسان جي پاڪستاني رهاڪن سان ڳالهاءِ (جن جا ملائيشيا، انڊونيشيا، سنگاپور پاسي ڪارخانا، ڪاروبار ۽ جهازي واپار آهن) ته هو ان بابت جيڪي سبب ڏين ٿا اهي هن ريت آهن:
*پاڪستانين وٽ ٺلهيون ڊگريون آهن علم ايترو نه اٿن جيترو انڊين کي آهي. پوءِ اهو انڊين ڀلي کڻي هندو هجي يا مسلمان، سک هجي يا عيسائي، هن جنهن به سبجيڪٽ ۾ گريجوئيشن يا پوسٽ گريجوئيشن ڪئي آهي، هو ان جي ڄاڻ ۾ ڀڙ آهي. نوڪري ڏيڻ بعد هن تي مغز ماري نٿي ڪرڻي پوي.
*اسڪول ۽ ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي گهڻو ڪري هر انڊين محنت ڪري ٿو ۽ هو سادگي ۾ رهي ٿو. ان ڪري هن جي اها عادت نوڪري دوران به رهي ٿي. هو ٻٽاڪون هڻڻ بدران ڪم جي ڳالهه ڪري ٿو. نئين نئين ideas ذريعي پنهنجي اداري جي ترقي ۽ مالڪ لاءِ خوشحالي جا رستا پيدا ڪري ٿو. هڪ اڻ ڄاڻ ۽ بنيادي تعليم کان غير واقف ورڪر جو حال “ناچ نه آئي آنگن ٽيڙها” وارو ٿيو پوي. هو پنهنجي ڪمزوري ۽ ڪوتاهي کي لڪائڻ لاءِ ويتر مالڪ/حڪومت لاءِ مسئلا پيدا ڪريو ويهي.
*انڊين توڙي بنگلاديشي تمام گهڻو obedient آهي. هو گهٽ پگهار ۽ ڏکين حالتن ۾ به خوش ٿي ڪم ڪري ٿو. هو علم ۽ ڄاڻ جي بنياد تي مسئلن جا حل پيش ڪري ٿو ۽ نه مسئلا.
*پاڪستانين کي اجائي سجائي موڪلن ڪرڻ جي پٽ آهي. ڪو دوست يا مائٽ اچڻو آهي يا ان سان ملڻ لاءِ وڃڻو آهي يڪدم موڪل کپي. ڪنهن مائٽ مٽ جي شادي يا طهر يا مڱڻو آهي موڪل کپي. ان کان علاوه ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي رسي، contract ختم ڪريو ڇڏين يا ٻئي ڪنهن هنڌ ٿوري ئي بهتر نوڪري ملڻ تي، پراڻي نوڪريءَ کي يڪدم ڇڏي، مالڪ کي رولڙي ۾ وجهيو ڇڏين. انڊين يا بنگلاديشي هڪ دفعو ڪنهن هنڌ نوڪري ۾ لڳي ٿو ته پوءِ هرو ڀرو ڇڏي نٿو ۽ نه وري موڪلون اجايون سجايون موڪلون ٿو ڪري. پنهنجي ڪم ۾ ئي لڳو رهي ٿو.
*پاڪستاني ٿوري ئي ڪم جي پريشر وڌڻ تي يا گهڻا ڪلاڪ ڊيوٽي ڏيڻ تي، چڙچڙا ٿيو پون ۽ پاڪستانين ۾ غير قانوني حرڪتون ڪرڻ جو رجحان گهڻو آهي. ڪجهه اهي سبب آهن جو هر ملڪ انڊين کي نوڪري ڏيڻ لاءِ prefer ڪري ٿو ۽ ٻئي نمبر تي بنگلاديشي ۽ سريلنڪن کي نوڪري ڏيڻ چاهي ٿو.
نوڪري جي معاملي ۾ هڪ ٻي ڳالهه پڻ ڏسان پيو. اسان جي ملڪ جي اخبارن ۾ جيڪي ڌارين ملڪن جي نوڪرين جا اشتهار اچن ٿا اهي سڀ ٺڙڪو قسم جا ۽ ننڍين ننڍين نوڪرين جا آهن. پر انڊيا جي اخبارن ۾ وڏين ۽ اهم نوڪرين جا اشتهار اچن ٿا. جيئن اڄ جي اخبار ۾ نوڪرين جا اشتهار پڙهي رهيو آهيان ته آمريڪا ۽ آسٽريليا جي ڪيترن ڪمپيوٽرن سان واسطو رکندڙ فرمن کي “انڊين نوجوان گريجوئيٽن” جي ضرورت آهي.ڪجهه اشتهار سعودي عرب، ڪويت، دبئي ويندي ايران جي مختلف ڪمپنين ۽ حڪومتن جا آهن، جيڪي انجنيئرنگ ۽ مئنيجمينٽ جي مٿاهين posts لاءِ آهن. ويندي دبئي جي شپ يارڊ لاءِ مئرين اليڪٽرانڪ انجنيئرن جي ضرورت جو اشتهار آهي. ۽ اهي گهڻو ڪري سڀ ڊائريڪٽ اشتهار، انهن ملڪن جي نجي ڪمپنين يا حڪومتن طرفان آهن. اسان جي اخبارن ۾ مزورن ۽ پورهيتن جي نوڪرين جا ڪڏهن ڪڏهن اشتهار اچن ٿا سي به لاهور يا پنڊي جي ڪنهن ٺيڪيدار طرفان. يعني ڪويت يا سعودي عرب جي ڪنهن اسپتال يا بندرگاهه جي صفائي جو ٺيڪو ڪو عرب کڻي، پوءِ ان تي فائدو رکي ڪنهن پاڪستاني حوالي ڪري ٿو. پوءِ اهو پاڪستاني پنهنجي لاءِ پئسو ڪمائڻ جي چڪر ۾ پنهنجي هم وطنين جو تيل ڪڍي ٿو. ان ڪري هو ڳولي ڳولي مجبور ماڻهو کڻي ٿو، جن کي هو گهٽ پگهار ڏئي سهوليتن جو پئسو پنهنجي کيسي ۾ وجهي عيش ڪري ٿو، يعني هنن جو رت چوسي پاڻ کي ۽ ڪفيل کي خوش ڪري ٿو. ولايت جي نوڪري جي شوق ۾ عرب ملڪن يا ملائيشيا ۾ پهچي، اسان جي پورهيت کي خبر پوي ٿي ته هنن لاءِ اتي نه رهائش جو فضيلت وارو بندوبست آهي نه ميڊيڪل جون سهولتون. پوءِ جڏهن هو ان ملڪ جي حڪومت وٽ يا ان ملڪ ۾ موجود پنهنجي سفارتخاني ۾ دانهين ٿا ته هنن کي خبر ٿي پوي ته هو ته هڪ پنهنجي ئي ملڪ جي ٺيڪيدار جا پگهاردار ٿي ڌارئين ملڪ ۾ ڪم ڪرڻ آيا آهن ۽ ڌارئين ملڪ جي حڪومت ۽ سفارتخاني کي نه خبر آهي ۽ نه ان ڳالهه سان واسطو! اهڙين نوڪرين ۾ گهڻي ڇنڊڇاڻ ٿيڻ تي اڪثر خبر پوندي آهي ته اها غير قانوني نوڪري هئي ۽ پوءِ غريب پورهيت سورن ۾ پئجيو وڃي ته پرديس ۾ ڇا ڪريان. هتي (انڊيا) جي اخبارن ۾ آمريڪا طرفان انڊيا جي ماڻهن لاءِ جن نوڪرين جي اشتهار جي گهڻي ڌم آهي انهن جو واسطو ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ سان آهي. آمريڪا وارا انڊين کي ڪمپيوٽر جو وڏو ڄاڻو سمجهن ٿا ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هو آهن به. اسان جا گهڻي ڀاڱي نوجوان غلط سلط انگريزي يا رومن اردو ۾ chat ڪندي يا واهيات ۽ اگهاڙيون web sites کولي پيا ٺرندا ۽ گد گد ٿيندا. مائٽ به خوش ته سندس ٻار ڪمپيوٽر کوليو ويٺا آهن، وڏي ڳالهه کي پهچي ويا آهن. اها خبر ئي نه ته سندن ٻارن جو وقت هڪ طرف پيو خراب ٿئي ته اخلاق ٻئي طرف. ان جي مقابلي ۾ هتي دهلي، بڙودا، آگرا ۾ ڏسان پيو ته گهڻي ڀاڱي انڊين ٻار ننڍي هوندي ئي ڏهن ئي آڱرين سان ٽائيپنگ سکڻ کان وٺي ڪمپيوٽر تي پروگرامنگ، گرافڪ ۽ ٻيون اهڙيون اهم ڪم جون ڳالهيون سکڻ جي جستجو ڪن ٿا، جيڪي شيون کين نوڪري ڏيارڻ ۾ مدد ڪن ٿيون.
دهلي جي “سنگهه ڪانٽيننٽل هوٽل”، جتي اسان شروع جا ڪجهه ڏينهن رهياسين، ان جي ٽي روم ۾ ڪم ڪندڙ، هڪ B.Sc جو امتحان ڏيئي هاڻ رزلٽ جو انتظار ڪندڙ پارٽ ٽائيم جاب واري ڇوڪريءَ کان پڇيم ته مهيني ۾ ڪيترو پگهار ملئي ٿو.
”هوٽل وارا مهيني جي حساب سان نه پر روز جي حساب سان سٺ رپيا ٿا ڏين. ڇنڇر ۽ آچر موڪل ٿي ڪريان“ هن ٻڌايو.
”يعني ان حساب سان مهيني ۾ تيرهن سو کن رپيا ٿيا“ چيو مانس.
”نه ان کان گهڻو گهٽ“ هن وراڻيو.
”ڪيئن؟“ مون تعجب مان پڇيو.
”روز جي سٺ رپين مان ڏهه رپيا اوٽ موٽ جو بس جو ڀاڙو ڪٽيو ۽ ڏهه رپيا آئون مستقبل جي investment ۾ لڳائيندي آهيان.“ اهو چئي هوءِ کلڻ لڳي.
”مون تنهنجي ڳالهه نه سمجهي. ڇا اهي خيرات ڪندي آهين، ٻئي جهان جي فائدي لاءِ ؟” مون پڇيو.
”نه ڀر واري “سيبر ڪيفي” ۾ ڪلاڪ جا ڏهه رپيا ڏيئي، فوٽو شاپ (پروگرام Adobe) سکندي ۽ پرئڪٽس ڪندي آهيان. اڄڪلهه رڳو B.Sc جي آڌار تي ته نوڪري نه ملي سگهندي.“ هن مونکي حالتن کان آگاه ڪندي ٻڌايو، “اهڙو پروگرام سکڻ بعد ئي مونکي ڪنهن فوٽو اسٽوڊيو ۾ نوڪري ملي سگهي ٿي ۽ شام جو اها نوڪري ڪرڻ مان پئسو حاصل ڪري صبح جي شفٽ ۾ آئون M.Sc ۽ اڳتي هلي پي ايڇ ڊي ڪري سگهان ٿي.“ هن ٻڌايو. هوءَ هڪ غريب گهر جي ڇوڪري هئي. هن ٻڌايو ته سندس ماءُ جو ٻه سال اڳ ڊليوري ڪيس ۾ موت ٿي ويو هو. پيءُ مزوري ٿو ڪري. سو ظاهر آهي هن کي پنهنجي پڙهائي قائم رکڻ لاءِ نوڪري ئي ڪرڻي پوندي ۽ ان سان گڏ گڏ گهر جو ڪم ڪار پڻ.
هڪ ڳالهه مون نوٽ ڪئي ته هن جو به ٻين انڊين ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن وانگر Moral بلند هو. هن کي يقين هو ته هوءَ سٺي Position ۾ M.Sc ڪري ويندي ۽ ممڪن آهي ته هن کي P.H.D لاءِ ڪنهن فارين يونيورسٽيءَ مان اسڪالر به ملي وڃي ۽ پوءِ اعليٰ تعليم ۽ هنر جي آڌار تي هتي انڊيا ۾ يا فارين ۾ هن کي ضرور ڪا سٺي نوڪري ملي ويندي.
دهليءَ جي رستن تي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ڏي ويندڙ بنا ميڪ اپ وارن چهرن ۽ سادن سودن لباسن ۾ ملبوس، هتي جي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن لاءِ آئون هر وقت اهو ئي سوچيندو رهان ٿو ته هو ڪيڏا ته محنتي آهن ۽ علم حاصل ڪرڻ جي هنن کي ڪيڏي ته جستجو آهي. ڪاش اسانجي يونيورسٽين جا شاگرد هتي جي يونيورسٽين جي شاگردن کي اچي ڏسن ۽ پنهنجو پاڻ کي هنن سان ڀيٽي پاڻ ئي جائزو لڳائين ته اسان ڪٿي بيٺا آهيون ۽ دنيا ڪٿي پهچي وئي آهي.