• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گونگن ۽ ٻوڙن جي مدد ڪندڙ ڪمپيوٽر۔۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
chd10.jpg

سائنسدانن چپن جي حرڪت کي نوٽ ڪرڻ واري ڪمپيوٽر جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي۔۔۔۔ هي ڪمپيوٽر چپن جي حرڪت سان اصل لفظن جي سڃاڻپ ۽ مختلف زبانن جي جانچ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي۔۔۔۔۔
يونيورسٽي آف ايسٽ انگلينڊ ۾ تيار ٿيندڙ انهن ڪمپيوٽرن ۾ اها خوبي موجود آهي ته هو ٻن مختلف زبانن جي فرق کي به نوٽ ڪندا آهن۔۔۔۔ ڪمپيوٽر تيار ڪندڙ ماهرن واري ٽيم جي سربراه اسٽيفن ڪوڪس ۽ ان جي ساٿي جيڪ نيوين انهي ڪمپيوٽر ۾ هڪ نئين ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي آهي جيڪا چپن جي حرڪت کي انگن واري انداز سان جانچيندي آهي ۽ بهترين رزلٽ ڏيندي آهي۔۔۔۔۔
هن ڪمپيوٽر ۾ انگريزي، فرانسيسي، جرمن، عربي، اٽالين، پوش ۽ روسي زبانن کان علاوه ٻين زبانن کي سمجهڻ جي طاقت پڻ موجود آهي جن جي تعداد 23 آهي۔۔۔
سائنسدانن جو چوڻ آهي ته چپن جي حرڪتن کي سمجهڻ لاءِ هن پراڻي ٽيڪنالاجي کي جديد انداز ۾ آندو ويندو۔۔۔۔ جنهن سان ماهرن جو خيال آهي ته گونگن ۽ ٻوڙن لاءِ ڪمپيوٽر هڪ نعمت ثابت ٿيندو۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top