پرويز چانڊيي جي غير معمولي ڪارڪردگي، ٻوڏ سٽيلن کي ڪلهن ۽ ڪڇ ۾ کڻي هيليڪاپٽر ۾ سوار ڪرائيندو رهيو حيدرآباد (ڪاوش رپورٽ) ڊي پي او جيڪب آباد پرويز احمد چانڊيو تازو ٻوڏ ۾ غير معمولي ڪارڪردگي ڏيکاري سنڌ پوليس جي آفيسرن ۾ ڄڻ تي رول ماڊل ٿي ويو آهي، جڏهن جيڪب آباد ۾ اڃا پاڻي نه آيو هو، ٺل کي پاڻي جو گهيرو هو ته ضلعي انتظاميا جا ڪيترائي ڪامورا يا ته موڪل تي هليا ويا يا وري ائين ئي پنهنجون آفيسون ڇڏي محفوظ هنڌن تي هليا ويا، ان دوران ڊي پي او وڏي همت جو ڪم ڪيو، هن پنهنجن جوانن کي ٻيڙين تي گشت ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون، هن چيو ته ٻوڏ ضرور آئي آهي پر همت کان ڪم وٺبو ۽ سندس جي قيادت ۾ ضلعي جي پوليس ٺل، جيڪب آباد ۽ ٻين پاڻيءَ ۾ ٻڏل ۽ خالي ٿيل شهرن توڙي ڳوٺن ۾ عوام جي ڇڏيل ملڪيتن جي حفاظت ڪئي، نه رڳو اهو پر پرويز چانڊيو کي جڏهن ڪالهه ڳڙهي خيرو ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍندي ڏٺو ويو ته ماڻهن کيس سلام پيش ڪيو، ايم اين اي اعجاز جکراڻي ۽ ڊي سي او جيڪب آباد جيتوڻيڪ انهيءَ ريسڪيو آپريشن ۾ شامل هئا پر اهي هيليڪاپٽر ۾ ويٺا رهيا، ڊي پي او مڙسي ڪندي هيٺ لهي پيو، جتي 8 کان 10 فوٽ پاڻي بيٺل هو، ڊي پي او پاڻي ۾ ڦاٿل ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجن ڪلهن تي کڻي هيليڪاپٽر تائين پهچايو، هن جو اهو عزم ڏسي پوليس اهلڪارن جي به ڄڻ ته همت وڌي وئي، چيو وڃي ٿو ته پرويز چانڊيو کي اختيارين ڪجهه ڏينهن پهرين چيو هو ته جيڪڏهن هو چاهي ته جيڪب آباد مان محفوظ هنڌ وڃي سگهي ٿو پر هن سنڌ حڪومت جي اختيارين کي اهو جواب ڏنو ته جيڪب آباد ضلعي جي ذميواري منهنجي آهي ۽ آخري ماڻهو کي بچائڻ تائين آئون هتي موجود هوندس، پوءِ ڀلي ڇا به ٿي پوي، سندس لاءِ ته هيليڪاپٽر به تيار هو پر هو جيڪب آباد مان نه ويو، پرويز چانڊيو جيڪب آباد کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ ڪوئيٽا باءِ پاس وٽ جکراڻي سان گڏ ڪٽ ڏيڻ به ويو هو جتي انهن جي جمالي هٿياربندن سان منهن ماري به ٿي.روزاني ڪاوش جي ٿورن سان
جواب: سنڌ پوليس جو ايمان تازو ٿي ويو۔ ادا اسان سڀني جيڪڏهن اهڙي همت ڏيکاري ته انشا الله هن امتحان مان ڪاميابي يقيني آهي۔ سلام آهي چانڊيو صاحب کي ۽ اسين اميد ٿا رکون ته هن ڏکئي وقت ۾ اهڙا ڪيئي سنڌي ميدان ۾ لهندا ۽ قومي غيرت جو ثبوت پيش ڪندا
جواب: سنڌ پوليس جو ايمان تازو ٿي ويو۔ جيڪڏهن اهڙي ئي نموني سان پوليس سچي ٿئي ته مان نه ٿو سمجهان ته ڪو ڏوه ٿئي يا ڪنهن سان ڪا ناجائزي ٿئي واه چانڊيا صاحب واه توهان جي همت کي سلام آهي سدائين گڏ
جواب: سنڌ پوليس جو ايمان تازو ٿي ويو۔ اهڙن پوليس آفيسرن جي ڪري ته اڃان عوام جو ويساهه پوليس جي ڊپارٽمينٽ تي آهي، سچ پچ ته اهڙا ماڻهو رول ماڊل ٿين ٿا...
جواب: سنڌ پوليس جو ايمان تازو ٿي ويو۔ ادا محترم جناب پرويز چانڊيو صاحب کي مون ناچيز طرفان دل جي گهراين سان سلام ۽ دعائون هجن دعا آهي ته رب پاڪ اهڙا پوليس آفيسر سنڌ جي هر ضلعي کي عطاء ڪري آمين۔
جواب: سنڌ پوليس جو ايمان تازو ٿي ويو۔ ادا چوندا آهن ته هڪ مڇي سڄي تلاءُ کي ڪنو ڪندي آهي۔۔۔ پر مٺا ضروري ناهي هوندو ته سڀئي پوليس وارا رشوت خور هوندا آهن۔۔۔۔۔پر ڪي چانڊيو صاحب جهڙا به ته هوندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سلام آ تهنجي عظمت کي سلام
جواب: سنڌ پوليس جو ايمان تازو ٿي ويو۔ ادا هڪ ڪني مڇي سڄي کاري جي مڇين کي ڪنو ڪندي آهي۔ ڪني آڱر وڍي ڀلي آهي۔