عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
پرويز چانڊيي جي غير معمولي ڪارڪردگي، ٻوڏ سٽيلن کي ڪلهن ۽ ڪڇ ۾ کڻي هيليڪاپٽر ۾ سوار ڪرائيندو رهيو

حيدرآباد (ڪاوش رپورٽ) ڊي پي او جيڪب آباد پرويز احمد چانڊيو تازو ٻوڏ ۾ غير معمولي ڪارڪردگي ڏيکاري سنڌ پوليس جي آفيسرن ۾ ڄڻ تي رول ماڊل ٿي ويو آهي، جڏهن جيڪب آباد ۾ اڃا پاڻي نه آيو هو، ٺل کي پاڻي جو گهيرو هو ته ضلعي انتظاميا جا ڪيترائي ڪامورا يا ته موڪل تي هليا ويا يا وري ائين ئي پنهنجون آفيسون ڇڏي محفوظ هنڌن تي هليا ويا، ان دوران ڊي پي او وڏي همت جو ڪم ڪيو، هن پنهنجن جوانن کي ٻيڙين تي گشت ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون، هن چيو ته ٻوڏ ضرور آئي آهي پر همت کان ڪم وٺبو ۽ سندس جي قيادت ۾ ضلعي جي پوليس ٺل، جيڪب آباد ۽ ٻين پاڻيءَ ۾ ٻڏل ۽ خالي ٿيل شهرن توڙي ڳوٺن ۾ عوام جي ڇڏيل ملڪيتن جي حفاظت ڪئي، نه رڳو اهو پر پرويز چانڊيو کي جڏهن ڪالهه ڳڙهي خيرو ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍندي ڏٺو ويو ته ماڻهن کيس سلام پيش ڪيو، ايم اين اي اعجاز جکراڻي ۽ ڊي سي او جيڪب آباد جيتوڻيڪ انهيءَ ريسڪيو آپريشن ۾ شامل هئا پر اهي هيليڪاپٽر ۾ ويٺا رهيا، ڊي پي او مڙسي ڪندي هيٺ لهي پيو، جتي 8 کان 10 فوٽ پاڻي بيٺل هو، ڊي پي او پاڻي ۾ ڦاٿل ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجن ڪلهن تي کڻي هيليڪاپٽر تائين پهچايو، هن جو اهو عزم ڏسي پوليس اهلڪارن جي به ڄڻ ته همت وڌي وئي، چيو وڃي ٿو ته پرويز چانڊيو کي اختيارين ڪجهه ڏينهن پهرين چيو هو ته جيڪڏهن هو چاهي ته جيڪب آباد مان محفوظ هنڌ وڃي سگهي ٿو پر هن سنڌ حڪومت جي اختيارين کي اهو جواب ڏنو ته جيڪب آباد ضلعي جي ذميواري منهنجي آهي ۽ آخري ماڻهو کي بچائڻ تائين آئون هتي موجود هوندس، پوءِ ڀلي ڇا به ٿي پوي، سندس لاءِ ته هيليڪاپٽر به تيار هو پر هو جيڪب آباد مان نه ويو، پرويز چانڊيو جيڪب آباد کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ ڪوئيٽا باءِ پاس وٽ جکراڻي سان گڏ ڪٽ ڏيڻ به ويو هو جتي انهن جي جمالي هٿياربندن سان منهن ماري به ٿي.

روزاني ڪاوش جي ٿورن سان