• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خطائون آهن اسان مڃون ٿا ، اسانجي کاتي ثواب ڪونهي (غزل ؛ رضوان گل )

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
هو سامهون آهي سراب ڪونهي
ڏسان ٿو چهرو نقاب ڪونهي

خطائون آهن اسان مڃون ٿا
اسانجي کاتي ثواب ڪونهي

اسان جو غلطيون سزائون آهن
اوهان لئه ڪو احتساب ڪونهي

رڳو خزائن جي آهي موسم
ٽڙيو اندر ۾ گلاب ڪونهي

اسانجي نيڻن ۾ کوڙ سپنا
ڇا تنهنجي نيڻن ۾ خواب ڪونهي




Uploaded with ImageShack.us
 
جواب: خطائون آهن اسان مڃون ٿا ، اسانجي کاتي ثواب ڪونهي (غزل ؛ رضوان گل )

بهترين شاعري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ان سان گڏ اوهان جي سهڻي ڊزائين۔


shal judy hujeenlajwab-sharing


 
جواب: خطائون آهن اسان مڃون ٿا ، اسانجي کاتي ثواب ڪونهي (غزل ؛ رضوان گل )

سبحان الله

ڇا ته ٻول آهن

بهترين شاعري آهي سائين وساڻ صاحب

سدائين گڏ
 
Back
Top