عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
سنڌو ساههَ سنڌَ ۾ سمائي ڇڏي سين
حياتيءَ جي موڙي لٽائي ڇڏي سين
جڏهن سور سانگين جا پنهنجي پکي پيا
پرين! گھور تو ڏي گھٽائي ڇڏي سين
رتي رات تي ڇو هينانءُ لاٿ ٿيو آن؟
ڏياٽي ڏياٽي کٽائي ڇڏي سين.
اسان رهون نه رهون پر رهي چنگ چڻ ڀڻ
تنهنجي تند ٿوري تپائي ڇڏي سين.
گھڻو تپ گھڻو تپ گنجي جا او سورج!
جڏي جند واريءَ وڇائي ڇڏي سين.
رُناسون ته هر پل ”ڀنڻ“، ”ڀانءُ“ آئي
کِلياسين ته هر رُت کِلائي ڇڏي سين.
حليم باغي
حياتيءَ جي موڙي لٽائي ڇڏي سين
جڏهن سور سانگين جا پنهنجي پکي پيا
پرين! گھور تو ڏي گھٽائي ڇڏي سين
رتي رات تي ڇو هينانءُ لاٿ ٿيو آن؟
ڏياٽي ڏياٽي کٽائي ڇڏي سين.
اسان رهون نه رهون پر رهي چنگ چڻ ڀڻ
تنهنجي تند ٿوري تپائي ڇڏي سين.
گھڻو تپ گھڻو تپ گنجي جا او سورج!
جڏي جند واريءَ وڇائي ڇڏي سين.
رُناسون ته هر پل ”ڀنڻ“، ”ڀانءُ“ آئي
کِلياسين ته هر رُت کِلائي ڇڏي سين.
حليم باغي
