اسلام عليڪم دوستو اميد ته توهان سڀ ٺيڪ هوندا. آمين.. دوستو مان وي پي ٽي سي ايل تي نيٽ يوز ڪندو آهيان جيڪا ڊي ايس ايل جي مقابلي ۾ نه هجڻ جي برابر آهي مان سوني ويگا جو سافٽ ويئر ڊائونلوڊ ٿو ڪرڻ چاهيان پر هڪ ته اسان وٽ بجلي هلي ڪونه ٿي جي وري هلي ٿي ته اها به وري ڊم سو ان جي ڪري مان اهو سافٽ ويئر ڊائون لوڊ نٿو ڪري سگهان جيڪڏهن اهو سافٽ ويئر ڪنهن دوست وٽ ڊائون لوڊ ٿيل هجي ته مون سان شيئر ڪندا ته اوهان جي مهرباني ٿيندي... اوهان جو خادم .. رياض حسين گلال مهنجي اي ميل ايڊريس آهي. riazhussaing@yahoo.com ٻيو منهنجو اهو مسئلو آهي ته مان جيڪو به موضوع لکان ٿو ته ان ۾ اهو ايرر ٿو اچي ته توهان جو لڳايل ٽيگ تمام گهٽ اکرن تي مشتمل آهي ان جو به حل ٻڌائيندا.
جواب: مدد ڪريو ادا مان ڪوشش ڪريان ٿو اوهان کي سافٽوير ميل ڪيان ٿو۔ ٽيگ وارو مسئلو مست آيو آهي اوهان کي ٻڌائيندو
جواب: مدد ڪريو ادا اوهان جيڪو پهريون مسئلو ٻڌايو آهي ان جو حل ته فقط ئي فقط اهو آهي ته اوهان ڪو ڊائونلوڊ مينيجر ساف ويئر انسٽال ڪري ان جي ذريعي سافٽ ويئر کي ڊائونلوڊ ڪريو، ڇو ته ان سان توهان وقفي وقفي سان سافٽ ويئر کي ٿورو ٿورو ڪري ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا. ٻئي مسئلي جو حل اهو آهي ته اوهان جيڪو موضوع لکو ٿا ان جي عنوان سان لاڳاپيل لفظ ان ٽيگ جي اندر تحرير ڪيو، جيئن مثلاَ: توهان جي موضوع جو عنوان آهي ”رياض حسين گلال“ ته پوءِ اوهان ٽيگ جي اندر هيئن لکو..... رياض، حسين، گلال اميد ته توهان سمجهي ويا هوندا... نوٽ: ٽيگ جو خانو آئڪانن واري خاني جي هيٺان هوندو آهي، جنهن جو عنوان هوندو آهي ٽيگ جي ترميم.
جواب: مدد ڪريو ادا توهان جو پهريون مسئلو ته ادا عاشق حل ڪندا ، باقي جيڪو ٻيو مسئلو آهي اهو توهان جو ائين حل ٿيندو جو توهان جيڪو ٿريڊ جو سبجيڪٽ لکو ٿا ان سبجيڪٽ ۾ جيڪڏهن هڪ اکرن تي ڪو به لفظ هوندو ته اهو ايرر ظاهر ٿيندو آهي هڪ اکر معنى ته جيئن ۽ ، ۾ اهڙي قسم جا اکر هوندا جيڪي صرف هڪ لفظ تي مشتمل هوندا ته اهو ايرر ظاهر ٿيندو آهي ان صورت ۾ توهان ٽيگ تي اچي ڪري اهي هڪ لفظ وارا اکر ڊيليٽ ڪري ڇڏيندا ڪريو ته توهان جو مسئلو ، مسئلو نه رهندو سدائين گڏ
جواب: مدد ڪريو شاگردي وٺندي ته فقيرن کان پرائيندي نه ابا =))=))=))=))=))=))=)) سدائين خوش هُج پنهنجي پيارن سان
جواب: مدد ڪريو سائين ان کي چئبو آهي ”مَسڪا مارنا“، فقيرن سان رهي رهي اسان به گهڻو ڪجهه سکي ويا آهيون.. ها ها ها >:d<