مست
سينيئر رڪن
ايران جي نالي واري فٽبال رانديگر علي ڪريمي، جنهن کي ايشيا جو ميراڊونا به چوندا آهن، کي روزو نه رکڻ جي ڪري فٽبال ڪلب مان ٻاهر ڪڍيو ويو آهي. 2004 ۾ فٽبال پليئر آف تي دي ايشيا جو ٽائٽل اعزاز حاصل ڪندڙ علي ڪريمي ايران جي فٽبال ڪلب جي طرفان کيڏندڙ بهترين رانديگر آهي. ڪلب جي ترجمان جي جاري ڪيل بيان موجب ته علي ڪريمي روزو نه رکي فٽبال ڪلب جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ ماهِ رمضان ڪريم جي تقدس کي پامال ڪيو آهي، جنهن جي ڪري کيس ٽيم مان نيڪالي ڏني وئي آهي. هتي سوال اهو ٿو اٿي ته پاڪستان به ته هڪ اسلامي ملڪ آهي، جتي هر قسم جي اسپورٽس ٿئي ٿي، ماهِ رمضان ۽ محرم جي مهيني ۾ به راندين جو سلسلو جاري رهي ٿو، پر ڇا اهي اسلامي قانون کي نظر ۾ رکن ٿا.. ڇا هتي به راند توڙي ٻين شعبن ۾ اها پابندي لاڳو ٿيندي..؟