پاڪستان جي پوليس جو نوجوان ڀائرن تي تشدد ۽ خاموش تماشائي بڻيل عام ماڻهو انهن ڀائرن کي ڏنڊن سان ايستائين ڪٽيو ويو جيسين انهن جو ساه هيو ۽ مارڻ کان پوءِ انهن جي لاشن جي بي حرمتي ڪئي وئي ، اهڙا انسانيت سوز واقعا پاڪستان ۾ ئي ٿي سگهن ٿا ، جتي اسلام جي نالي تي دهشتگردي ڦهلائي ويندي هجي ۽ عام ماڻهو کي ڏنڊا هڻي انسانيت جو قتل ڪيو ويندو هجي ۽ صرف پوليس وارا قاتل نه آهن پر اهي ماڻهو به قاتل آهن جيڪي اتي تماشو ڏسندا رهيا ۽ مري ويلن جي لاشن سان بي حرمتي به ڪندا ۽ ڏسندا رهيا۔ http://www.youtube.com/watch?v=dazJCe5kz4o
جواب: هڙا انسانيت سوز واقعا پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ ٿي سگهن ٿا۔ ادا اها خبر مان هاڻي اڃان بي بي سي نيوز تي پڙهي، ڏاڍو ڏک ٿيو، پاڪستان جا ماڻهو ڪيڏا نه ظالم، بي حس ۽ ذهني مفلوج بڻجي ويا آهن، ٻين جي چوڻ تي بي گناهه ماڻهن کي ماري ٿا ڇڏين. هي واقعو به ڪجهه ايئن آهي، ڪرڪيٽ ميچ جي دوران جهيڙو ٿيڻ بعد هڪ ڌر جي ماڻهن ٻي ڌر تي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب سندن هڪ ڄڻو مارجي ويو، ان کان بعد وري هٿيار انهن جي هٿ ۾ ڏئي اهو گوڙ ڪرڻ شروع ڪيائون ته اهي چور هئا، ڦر ڪري رهيا هئا انهيءَ ڦر جي ڪوشش ۾ انهن هڪ ماڻهو ماريو آهي. جنهن بعد ماڻهن انهن ٻنهي بي گناهه ڀائرن کي رسين ۾ ٻڌي لٺن سان ڪٽي ڪٽي ماري ڇڏيو...
جواب: هڙا انسانيت سوز واقعا پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ ٿي سگهن ٿا۔ ادا مست مان هي وڊيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سڄو نه ڏسي سگهيو آهيان۔ هي وڊيو ته جيئو وارن جو آهي پر هڪ وڊيو ڪنهن موبائيل جو رڪاڊ ٿيل آهي اُهو صاف ۽ چٽو آهي۔ مان اُهو فيس بوڪ تي هڪ دوست جي وال تي ڏٺو انتهائي افسوس جهڙي ڳالھ آهي۔ته پوليس بيهي تماشو ڏسي رهي آهي۔ اها انسانيت نه آهي۔ ظلم آهي ڀلي اُهي ڏوهاري چور ڇونه هجن پر قانون جي حوالي ڪن هان ويچارن کي۔ ادا هي ڏسو....پوليس عورتن کي ڪيئن بي رحمي سان لٺيون هڻي رهي آهي.