اهڙا مانجهي مرڻا ناهن (محترم قاضي فيض محمد )

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏21 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    اهڙا مانجهي مرڻا ناهن (محترم قاضي فيض محمد )​

    مرتضيٰ سيال

    سنڌ جي ٻاجهاري ڌرتي هميشه انتهائي عظيم ۽ مجاهد هستين کي جنم ڏيندي رهندي آهي، جيڪي پنهنجي ديس جي ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن جي خوشحالي ۽ حقن لاءِ سامراج سان هر دور ۾ وڙهندا رهيا آهن. سنڌ جي تاريخ شاهد آهي ته سنڌ جا محب وطن جوڌا هميشه حق جو آواز بلند ڪرڻ ۾ اڳڀرو رهيا آهن. اهڙن محب وطن ۽ جوڌن ۾ محترم قاضي فيض محمد جو نالو روشن ستاري جيان آهي.

    محترم قاضي فيض محمد جي پوري زندگي عمل ۽ جدوجهد سان پر هئي. هن عظيم ۽ بااصول انسان ان وقت پورهيتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي، جڏهن اڃا سنڌ ۾ قومي شعور به دٻيل هو. اٽڪل نون سالن جو هو ته هند ۽ سنڌ ۾ سياسي طوفان شروع ٿي ويو. خلافت ۽ ڪانگريس هلچل شروع ٿي ته پاڻ سرڪاري سنڌي اسڪول ڇڏي قومي اسڪول ۾ داخل ٿيو. مولانا شوڪت علي، محمد علي جوهر ۽ گانڌي جن سان ملاقاتون ڪيائين. چوڏهن سالن جي عمر ۾ علامه آءِ آءِ قاضيءَ سان مليو. ويهن سالن ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين ۽ ساماري ۾ ڪلارڪ ٿيو. پر اتي کيس مزو نه آيو ۽ عليڳڙهه هليو ويو، اتي دهلي، آگري، لکنو، ڪانپور، اجمير ۽ ٻيا شهر گهميائين ۽ مولانا حسرت موهاني، علامه اقبال ۽ ٻين ڪيترن سان ملاقاتون ڪيائين پوءِ عليڳڙه ۾ ٻه سال رهي ڪراچي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخل ٿيو. ڪانگريس تحريڪ اڳ ۾ ئي هئي ۽ وري خاڪسار تحريڪ شروع ٿي، قاضي صاحب ڪجهه وقت ان ۾ به رهيو.

    ڪراچيءَ ۾ ان وقت پنڊت جواهر لعل نهرو ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد سان مليو ۽ انهن سان خيالن جي ڀرپور نموني ڏي وٺ ڪيائين.

    1941ع ڌاري قاضي صاحب هاري ڪاميٽيءَ سان ناتو جوڙيو. محترم حيدربخش جتوئي به 44-1943ع ڌاري هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو. قاضي فيض محمد ان وقت هارين جا جلسا ۽ خاڪسارن جا اجلاس ڀرپور نموني سان ڪرايا جڏهن بنگال ۾ بمباري ٿي رهي هئي ان وقت قاضي صاحب هڪ مهينو بنگال ۾ رهيو اتان مجبور ۽ بک جي ستايلن جو هڪ جٿو جنهن ۾ هڪ ڊاڪٽر جو ڪٽنب به هيو، سي پاڻ سان آندائين ۽ انهن جي گذرسفر جو بندوبست ڪيائين، آخر ڊاڪٽر صاحب موٽي ڍاڪا هليو ويو. ان کانپوءِ قاضي صاحب نواب شاهه ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ ”هاري حقدار“ تحريڪ شروع ڪئي ۽ هارين کي صحيح حصو صاف بٽايون ۽ هاري جا ٻيا حق ڏياريائين. 1946ع يا 47ع ۾ عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو ان وقت سڄي هندوستان جا سوشلسٽ گڏ ٿيڻ وارا هئا ته اچتو هندوستان جي ورهاڱي جو اعلان ٿيو. ورهاڱي وقت انسانيت ڪپجڻ ۽ ڪسجڻ لڳي، ان وقت قاضي صاحب نوشهري ڊويزن ۾ هندن کي سنڌ نه ڇڏڻ لاءِ تحريڪ هلائي هندن ۽ مسلمانن جا وڏا وڏا جلسا ڪرايائين ۽ گانڌي کي سنڌ اچڻ لاءِ تارون ڪيائين ته ان وقت جي وڏي وزير قاضي صاحب کي گهرائي دڙڪا ڏنا ته ”تحريڪ بند ڪر نه ته جيل جو منهن ڏسڻو پوندئي“. ان کان پوءِ سنڌ جي ظالم وزيرن جي ڪڌن ڪرتوتن ڪري ليگ ڇڏيائين ۽ جلد ئي جيل جو منهن ڏسڻو پيس ڇا لاءِ ته زميندارن خلاف هارين کي هندڪي زمين الاٽ ڪرائي ڏنائين. 1954ع ۾ هن عظيم انسان ون يونٽ جي رٿ خلاف تحريڪ شروع ڪئي ۽ سنڌ جو دورو ڪيائين ۽ تحريڪ زور وٺڻ لڳي، جڏهن لاڙڪاڻي پهتو ته لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر انور عادل جي چوڻ تي ايوب کهڙي رات جو يارهين وڳي قيد ڪرايس ۽ رات جي وقت ئي کيس کليل ٽرڪ ۾ چاڙهي پوليس سکر رواني ٿي. هڪ سال جيل ۾ رکڻ کان پوءِ کيس آزاد ڪيو ويو. قاضي جي آزاد ٿيڻ بعد کيس قتل ڪرائڻ لاءِ سرڪار سڳوري پاران سندس گهر ۾ ڌاڙيل موڪليا ويا. سندس جيجل ماءُ ٻچن جي جان بچائڻ لاءِ اٿي ڌاڙيلن سان مزاحمت ڪئي. جنهن ۾ کيس لٺين جا ڌڪ لڳا. پر تڏهن به قاضي صاحب مايوس نه ٿيو.

    1955ع ۾ قاضي صاحب ٽن مهينن لاءِ انگلينڊ، جرمني، فرانس، سئيزرلينڊ، اٽلي، يونان ۽ مصر ويو. اسان ماڻهن جي اها خوشنصيبي آهي جو اهڙو عظيم انسان اسان وٽ پيدا ٿيو ان جي وفات سان نه صرف سنڌ جو نقصان ٿيو پر پوري ايشيا هڪ عظيم انسان ۽ ڏاهي سياستدان کان محروم ٿي ويئي.

    قاضي صاحب جن علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ايلسا قاضي کان ڏاڍو متاثر هو. علامه آءِ آءِ قاضي سائين قاضي فيض محمد کان تمام گهڻا خط لکيا جن مان هڪ خط لکيائينس ته :

    منهنجا پيار فيض،

    تنهنجي محبت ڀرئي خط لاءِ شڪريو. وڌيڪ شڪر گذاري جو سبب اهو به آهي جو اسان کي خوش ٿيڻ جو موقعو ڏنو، تو عملي طرح ڏيکاريو ته پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ به ڪي اهڙا ماڻهو آهن جن کي ڏوڪڙن کان وڌيڪ ٻيون ڳالهيون قيمت واريون آهن. قدرن جي معيار ۾ سڄي دنيا تمام گهڻو ڪري چڪي آهي ايتري قدر جو دنيا جي تاريخي دور ۾ ائين ڪڏهن نه ٿيو.

    عجيب جهڙي ڳالهه آهي ته جڏهن کان هن ڪوڙو ناڻو، پنن جا نوٽ، قيمتن جو چڙهاءُ ايجاد ڪيا آهن تڏهن کان هنن جو اخلاق ايترو ڪري چڪو آهي جو هو بازاري ٺڳن جي ٽولي ۾ داخل ٿي رهيا آهن. هڪ غلط عقيدو ۽ غلط عمل ڪهڙيءَ طرح سان سموريءَ قوم ۽ ساري دنيا تي اثرانداز ٿئي ٿو. “

    قاضي صاحب پنهنجي جيون سفر ۾ تمام گهڻا ڏک ڏٺا، الاهي ڀيرا جيل جو سزائون ڪاٽيائين پر جس هجي سندس قومي جذبي ۽ پورهيت سوچ کي جيڪا ڪڏهن به دٻجي نه سگهي. قاضي صاحب جو سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جو اصل سبب هي هو ته سنڌ کي هن ان شڪل ۾ تبديل ڪرڻ چاهيو جنهن ۾ هڪ قوم فطري طرح ترقي ڪري جيتوڻيڪ قاضي صاحب انقلاب آڻي نه سگهيو پر تنهن هوندي به انقلاب لاءِ جدوجهد زندگيءَ جي آخري ساهه تائين جاري رکيائين.

    قاضي فيض محمد کي پنهنجي سنڌ ۽ سنڌ جي پورهيت ماڻهن مان اٿاهه پيار هو، تنهن ڪري ئي ان ساري زندگي سنڌ ۽ سنڌ جي پورهيت ماڻهن کي سکيو ڏسڻ لاءِ سچائيءَ سان جدوجهد ڪئي، هن کي لطيف جي سنڌ ۽ لطيف جي ٻولي جي کوئجڻ جو ڏاڍو ڀئو هو. علامه آءِ آءِ قاضي هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”اسان جي هن صديءَ جا ماڻهو سنڌ جي پراڻين روايتن کان بلڪل بي خبر ٿي ويا آهن. هنن کي لطيف سان ڪابه وابستگي نه رهي آهي. لطيف هنن لاءِ اهڙو آهي جهڙو شيڪسپيئر ۽ هومر. ايندڙ ڏينهن اڳئين ڏينهن کان پست آهي ڪنهن کي به هن ڳالهه ڪهڪاءُ ڪونهي.“

    اسان جي تاريخ ۽ ٻولي مٽائڻ لاءِ ڌارين پاران سازشون ٿي رهيون آهن، هو اسان کان اسان جي ثقافت، ٻولي ۽ سنڌ کسڻ گهرن ٿا. ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪندي علامه آءِ آءِ قاضي ٻئي هنڌ لکيو آهي ته، ”سنڌ جي گم ٿيڻ جي وڏي قيمت ڏيڻي پوندي. سنڌ جي تاريخ کي ڪيڏو نقصان ٿيندو، جڏهن هي تيرهن سئو ورهين جي تاريخ بلڪل ميٽجي ويندي. اهو صرف سنڌ جي تاريخ جو نقصان ڪونه ٿيندو مگر اهو انسان ذات جي تاريخ جو نقصان ٿيندو.“

    محترم قاضي فيض محمد جيتوڻيڪ جسماني طرح اسان وٽ ڪونهي پر اسان جي جدوجهد ۽ عمل ۾ اسان سان گڏ آهي. اهڙا مانجهي مرڻا ناهن، اهڙا سورهيه انسان هر دور ۾ زندهه رهندا آهن. اسين اهڙن سچن ماڻهن جو قدر ڪرڻ وارا تڏهن ٿينداسين جڏهن سندن جدوجهد کي تڪميل تائين پهچائينداسين. انساني شڪليون ايڏي اهميت نه ٿيون رکن، هو هميشه اسان سان گڏ آهي.

    جيجل سنڌ سدائين اهڙن سچن ۽ مٺڙن ماڻهن کي جنم ڏيندي رهندي آهي ۽ اهڙا ئي پٽ سنڌ جي سچائي هوندا آهن. قاضي فيض محمد سنڌ جي نشاني هو. جيئن لطيف کي پنهنجا مارو جهانگي، سامونڊي سڀ ساهه ۾ سانڍيل هئا، ائين ئي قاضي صاحب کي به سنڌ ۽ سنڌ جا پورهيت ساهه سان سانڍيل هئا. سندن قرب جي جهولي ڏاڍي اونهي ۽ وڏي هئي.

    ڌرتيءَ جا سڀ انسان دوست ”وائولينٽ“ موت جو شڪار ٿيندا آهن. جيئن سقراط، منصور، شمس تبريز ۽ گانڌي. قاضي صاحب به هڪ اهڙو ئي انسان هو جنهن کي سندس زندگيءَ ۾ نه سڃاتو ويو پر اڳتي هلي دنيا کي ضرور خبر پوندي ته سنڌ جي هيءُ صدين جي نچوڙ به انهن ئي هستين مان هڪ هئي.

    رئان رهن سپرين،

    آيل ڪريان ڪيئن،

    مون کي چاڙهي چينئن،

    ويو ونجارو اوهري.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو