اديب جو ڪم رڳو خيالن جا پوپٽ اڏارڻ آهي؟

'مقالا' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏21 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    اديب جو ڪم رڳو خيالن جا پوپٽ اڏارڻ آهي؟​
    واحد پارس هيسباڻي
    اديب عام ماڻهو جي ڀيٽ ۾ سماج جو وڌيڪ سوچيندڙ، لوچيندڙ فرد هوندو آهي، هو نه رڳو پنهنجي قلم ذريعي قوم کي هڪڙي واٽ ڏئي ٿو، انهن جي جذبن کي جوان ڪري ٿو، پر وقت اچڻ تي پاڻ به ان سان گڏ ميدان تي نڪري پوي ٿو. جيڪڏهن ڪير ائين سمجهي ٿو ته اديب جو ڪم رڳو ڊرائينگ روم ۾ ويهي حسين ۽ انقلابي قسم جا خيال ڏيڻ آهي ته مهرباني ڪري ان کي پنهنجي ان سوچ تي نئين سر نظرثاني ڪرڻ گهرجي. دنيا ۾ جتي به انقلاب آيا آهن، لڙايون ٿيون آهن يا ڪن آفتن وغيره جي ڪري سماج اندر ڪا ڀڃ ڊاهه ٿي آهي ته اديبن نه رڳو قلمي پر عملي حوالي سان به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. فرانس جي سول وار هجي يا پاڻ وٽ ون يونٽ وارو زمانو، هر موقعي تي پهرين صف ۾ اديب ئي نظر آيا آهن. ايمرسن چوي ٿو ته ’صرف حسن ڪاري (جماليات) کي ادب نه ٿو چئي سگهجي. اديب جيڪڏهن معاشري جي تازا ترين مسئلن ۽ اجتماعي سوچ کي بحث هيٺ نه ٿو آڻي ته صحيح معنيٰ ۾ اديب نه ٿو چئي سگهجي. ادب جا موضوع حسن، نيڪي ۽ حقيقت ٽئي گڏيل هجڻ گهرجن.‘

    اديب جو ڪم رڳو الف ليلوي داستان گهڙي پنهنجي ماڻهن کي ذهني تفريح وٺرائڻ ناهي پر انهن جي سورن، دردن، احساسن، ڪيفيتن کي موضوع بڻائڻ سان گڏ عملي طور تي انهن جي زخمن جو مرهم به ٿيڻو آهي. اديب جيئن ته عام ماڻهو جي ڀيٽ ۾ معاشري جو وڌيڪ حساس فرد ٿئي ٿو ۽ اهو ان حساسيت جي بنياد تي ماڻهن جي درد کي وڌيڪ بهتر نموني محسوس ڪري سگهي ٿو، ان ڪري مٿس ذميواريون به وڌيڪ عائد ٿين ٿيون. ادب ته آهي ئي زندگي جو آئينو ان ڪري زندگيءَ جي حقيقتن کان فراريت حاصل ڪري نه ٿي سگهي. هڪ اديب لاءِ پنهنجي محبوب جي وارن جي خوشبوءِ سان گڏ پنهنجي ماڻهن جي پگهر جي خوشبوءِ به اهميت واري هجڻ گهرجي، وٽس محبوب جي ٽهڪن سان گڏ پنهنجي ماڻهن جي سڏڪن جي به اهميت هجڻ گهرجي. اهو اديب جيڪو سماج جي ڏک درد کي پنهنجو ڏک درد نه ٿو سمجهي ۽ پنهنجي ماڻهن جي تڙپ ۾ ساڻن گڏ نه ٿو تڙپي اهو اديب ٿي ئي نه ٿو سگهي. ٻه ٽيڙو، 4 ڊائري جا ورق، 5 افسانا ۽ 6 مقالا لکڻ سان اديب ٿي نه ٿو وڃجي. اديب ٿيڻ لاءِ پنهنجي ماڻهن جي ڏکن دردن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ ضروري آهي. اديب جي پرک ان مان به ڪئي ويندي آهي ته هو پنهنجي ذات جي خول مان ڪيترو ٻاهر نڪتل آهي ۽ سماج سان سندس رويو ڪيترو سنجيده آهي. اديب به جيئن ته هن ئي سماج جو حصو هجي ٿو، هتي ئي گهمي ٿو، هتي ئي اٿي ويهي ٿو، ان ڪري ان تي به سماج جي گهٽ وڌائين جو اثر ائين ئي پوندو آهي، جيئن عام ماڻهو تي. سو اديب مان فرشتي ٿيڻ جي اميد نه ٿي رکي سگهجي، هو به غلطيون ڪري سگهي ٿو، پر ايترو ضرور آهي ته هن ۾ ۽ عام ماڻهو ۾ ڪجهه فرق ضرور هجڻ گهرجي، معاملن ڏانهن هن جو رويو حقيقت پسنداڻو ۽ ماڻهپي وارو هجڻ گهرجي. هڪ عام ماڻهو زمين جي هڪ ويسي لاءِ پنهنجي سڳي ڀاءُ تي ڪهاڙي اڀي ڪري سگهي ٿو، پر هڪ اديب اهڙي شرم جوڳي حرڪت نه ٿو ڪري سگهي. گهٽ ۾ گهٽ ايترو فرق ضرور هجڻ گهرجي. عام ماڻهو جي ڀيٽ ۾ رشتن ناتن، شاندار ريتن، رسمن ۽ رواجن وغيره جي هڪ اديب بهتر نموني لڄ رکي سگهي ٿو. اديب پنهنجي ڌرتي ۽ ثقافت جا رکوالا هوندا آهن. اهي خيالن جا پوپٽ اڏارڻ به ڄاڻندا آهن ته حقيقت جي دنيا ۾ پنهنجو مثالي ڪردار ادا ڪرڻ به ڄاڻندا آهن.

    هن وقت سنڌ جنهن صورتحال مان گذري رهي آهي، اها اديبن کان اهو مثالي ڪردار ادا ڪرڻ جي گهرجائو آهي، جيڪو تاريخ ۾ سندن سڃاڻپ رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اديبن جو نه رڳو گڏيل پليٽ فارم آهي پر هن تنظيم کي ايشيا جي وڏي ۾ وڏي تنظيم به چيو ويندو آهي. ماضيءَ ۾ هن تنظيم جو پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ماڻهن جي حوالي سان هڪڙو ڀرپور ڪردار به رهيو آهي، پوءِ اهو پاڻي وارو معاملو هجي، ناڻي وارو معاملو هجي، ٻولي وارو معاملو هجي، تڪراري رٿائن وارو معاملو هجي يا ڪي ٻيا معاملا هجن. هينئر به جيڪڏهن اديب چاهين ته ان پليٽ فارم تان پنهنجي حال آهر ٻوڏ جي متاثر ماڻهن جا حال ڀائي ٿي سگهن ٿا ۽ انهن جي سهائتا ڪري سگهن ٿا. خبر ناهي ڪردار جي حوالي سان هڪ ڀرپور تاريخ رکندڙ هي تنظيم هن اهم معاملي تي ڇو خاموش آهي؟ هن تنظيم جون تقريبن هر ننڍي وڏي شهر ۾ شاخون آهن، پر سوال اهو آهي ته هينئر تائين ڪهڙي شاخ متاثرن کي پناهه ڏيڻ يا انهن جي کاڌ خوراڪ لاءِ ڪا ڪئمپ قائم ڪئي آهي؟ هن تنظيم جي ميمبرن ۾ ڊاڪٽر به آهن، انجنيئر به آهن، دڪاندار به آهن، استاد به آهن، عملدار به آهن، مقصد ته زندگيءَ جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ اديب ۽ ادب دوست شامل آهن. ٻيو نه تڏهن به انهن پنهنجي پيشي جي بنياد تي به هنن ماڻهن جي سهائتا لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي؟ ڇا سنڌي ادبي سنگت جي ميمبرن جي ذميوارين ۾ رڳو هڪٻئي کي شاعري ٻڌائي بحر وزن ۽ ڪافيي رديف تي بحث ڪري چانهيون پي هليو وڃڻ آهي؟ ڇا هن تنظيم جي ميمبرن جي ذميوارين ۾ رڳو هڪٻئي سان رهاڻيون ملهائڻ ۽ هڪٻئي کي ’داد‘ ڏيڻ شامل آهي؟ وٽن پنهنجي هنن دربدر ماڻهن جي مدد لاءِ هڙ ۾ ڪجهه به ڪونهي؟ يا اهو سندن فرضن ۾ شامل ناهي؟ سوال اهو به آهي ته هو جيڪو ڪجهه لکن ٿا اهو ڪنهن جي لاءِ ڇو ۽ ڇا لاءِ لکن ٿا؟ رڳو پنهنجي ذهني تڪسين لاءِ يا سماج کي ڪو پيغام ڏيڻ لاءِ به؟ جيڪڏهن هو اهو سڀڪجهه پنهنجي وندر لاءِ لکن ٿا پوءِ ته واقعي به مٿن ڪا ميار نه ٿي ٺهي، پر جيڪڏهن هو پنهنجي سماج جي ماڻهن لاءِ لکن ٿا، انهن جي دردن تي لکن ٿا ته پوءِ سندن هي خاموشي حيران ڪندڙ آهي. سنڌي ادبي سنگت جي فرضن ۾ رڳو ڪنهن مسئلي تي احتجاج ڪرڻ، پريس رليزون جاري ڪرڻ، نعريبازي ڪرڻ شامل ناهي پر سندس فرض ۾ اها ڳالهه به شامل آهي ته اها پنهنجي ماڻهن جي ڏکن دردن ۾ عملي حوالي سان ڀاڱي ڀائيوار به ٿئي. هنن بي گهر ماڻهن کي اجهي جي ضرورت آهي، پيٽ بکايلن کي اٽي جي ضرورت آهي، بيمارن کي علاج جي ضرورت آهي. ان جي بدلي ۾ جيڪڏهن ڪو غزل، ڪو افسانو، ڪو مقالو لکي کين پيش ڪيو وڃي پوءِ اهو ڀلي ڪيڏو به شاندار ۽ شاهڪار ڇو نه هجي، پر انهن جي ڪنهن به ڪم جو ڪونهي، وقت ۽ حالتن جي الڳ الڳ گهرج هوندي آهي. اياز چيو آهي:

    ڍؤبنا ڍوليا ناهي ساڃهه سونهن جي

    سنڌي ادبي سنگت جي سڀني ميمبرن، پوءِ ڀلي اهي حزب اقتدار سان واسطو رکندڙ هجن يا حزب اختلاف سان سڀني کي پنهنجي ڪردار لاءِ اڳيان اچڻ گهرجي ۽ هن تنظيم جي تاريخي روايتن کي برقرار رکڻ گهرجي. ان کان سواءِ اهي سڀ اديب جيڪي ڪن بزمن جا ميمبر آهن يا ڪنهن به تنظيم جا ميمبر ناهن، انهن سڀني کي پنهنجي حصي جو فرض پورو ڪرڻ گهرجي. ادب رڳو ماڻهن جي ڏکن، سورن کي بيان ڪرڻ جو ذريعو ناهي پر اهو انهن دردن کي گهٽائڻ ۽ زخمن تي مرهم رکڻ جو ذريعو به آهي.

    سنڌ جيڪا اديبن، شاعرن جي حوالي سان ’برڪتن‘ واري ڌرتي آهي. هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ اديبن شاعرن جو هڪ وڏو تعداد رهي پيو، سڀني کي هي موقعو ملهائڻ گهرجي. انهن کي پنهنجي علائقن ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪري عام ماڻهن کي به سهڪار لاءِ تيار ڪرڻ گهرجي. حڪمرانن جو حال سڀني کي ساريو پيو آهي، انهن کي ماڻهن جي تڪليف دور ڪرڻ کان وڌيڪ ميڊيا تي وڌ کان وڌ ڪوريج وٺڻ جي ’تڪليف‘ آهي، ان ڪري ان آسري تي لڳڻ ته اها ئي هنن مجبور ماڻهن جي مشڪل ڪشائي ڪندي ديواني جي خواب جيان آهي. اديب سماج جا ذميوار فرد هوندا آهن، هنن موقعن تي انهن جي ڪردار جي ادائيگي جي گهڻي گهرج هوندي آهي، ان ڪري سڀني اديبن کي ڏک ۾ ڪاغذ ڪارا ڪرڻ بجاءِ سرزمين تي وڃي، هنن بي مددگار ماڻهن جي امداد ڪرڻ گهرجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو