ان سال ۾ ڄاول ڇوڪريءَ سان ڪير شادي ڪندو؟ الطاف شيخ جپاني دنيا جون ماڊرن شيون ٺاهين ٿا. روبوٽ ۽ ڊجيٽل ڪئميرا کان ڪمپيوٽر ۽ اليڪٽرانڪ ڊڪشنري جهڙيون سائنسي شيون ٺاهي، دنيا جي ماڻهن لاءِ وڏا سک پيدا ڪيا اٿن پر پاڻ اڃا به ڪيترن ئي پراڻن وهمن ۽ وسوسن ۾ ڦاٿل آهن. جپان ۾ ڪيتريون ئي شيون نڀاڳ جون نشانيون سمجهيون وڃن ٿيون، انهن مان چئن جو انگ پڻ هڪ آهي. جيئن پاڻ وٽ ٽن جو انگ آهي. يا يورپ پاسي تيرهن جو انگ، تيئن جپانين وٽ چئن جو انگ. پاڻ وٽ چوندا ٽي شيون دشمن کي به نه ڏجن. ملائيشيا، انڊونيشيا پاسي ٽي دوست گڏجي فوٽو نه ڪڍرائين. چي ائين ڪرڻ سان هڪ جو موت اچڻ لازمي آهي. انگريز تيرهن کي Unlucky نمبر سڏين، ڪيترين هوٽلن ۾ تيرهين نمبر جو ڪمرو ٿئي ئي ڪونه. ٻارهين بعد چوڏهون نمبر ڪمرو ٿئي. گورن جي پوئلڳي ڪرڻ ۾ گهٽ ته اسين به نه آهيون. اسان وٽ به ڪيترا ماڻهو تيرهن جي نمبر کي نڀاڳو سڏين. انگريز ته فقط ٻارهين بعد ڪمري جو نمبر چوڏهن رکن، اسان وٽ ته يڪو فلور ئي کايو وڃون. ٻارهين ماڙ بعد واري فلور کي چوڏهون نمبر ڏيون، ان جو مثال PNSC جي پندرهن ماڙ عمارت اڃا سلامت آهي جنهن ۾ تيرهين نمبر وارو ڪو فلور ئي ڪونهي. سو هتي جپان ۾ وري چئن جي انگن جي مصيبت آهي. ڪنهن کي تحفي ۾ به چار شيون نه ڏجن. ٽي يا پنج ضرور ڏجن. تور ۾ چار صوف يا چار بصر پٽاٽا ترندا ته جپاني مري مري چوٿون کڻندو. اهوئي سوچيندا ته چئن وڏن صوفن بدران جيڪر پنج ننڍا ئي کڻان ته سٺو. جپان جي به ڪيترين هوٽلن (۽ ويندي اسپتالن) ۾ توهان کي چئن جي انگ وارو ڪمرو نظر نه ايندو. ٽن ڪمرن بعد چوٿين نمبر واري ڪمري تي پنجن جو انگ لکيل هوندو يا وري هڪ، ٻه، ٽي اي ۽ پوءِ ٽي بي ۽ ان بعد پنج، ڇهه وغيره جپانين جو چوڻ آهي ته چئن جي انگ جو اچار موت (SHI) سان ملي ٿو ان ڪري چئن جو انگ خراب سوڻ پيدا ڪري ٿو. ڀت کائڻ جي چمچن ڪانٽن يا تيلين Chop Sticks)) کي ڪڏهن به کاڌي ۾ خاص ڪري ڀت ۾ اُڀيون نه بيهارجن. ڇو جو جپاني مري ويلن جي قبرن يا گهر ۾ ٺهيل ننڍن مندرن Altar)) اڳيان مري ويلن جي روح کي ثواب بخشڻ لاءِ جيڪو ڀت يا ميوو رکندا آهن انهن ۾ کائڻ جو چاپ اسٽڪس اڀيون ڪري رکندا آهن. جپاني اتر ڏي مٿو ڪري سمهڻ کي بدسوڻي سمجهن جو مردن کي ان طرف دفن ڪيو وڃي ٿو. جنازي واري گاڏي گذرڻ تي جپاني پنهنجي آڱوٺي کي هٿ اندر لڪائين يا رومال سان ڍڪين. جپاني رات جو ننهن ڪٽڻ کان گريز ڪن. هنن جو اهو عقيدو آهي ته جيڪو ماڻهو رات جو ننهن ڪتري ٿو اهو مرڻ بعد پنهنجي ماءُ پيءُ سان هرگز نه ملندو. ماني کائڻ بعد ڪجهه دير واڪ ڪجي، خاص ڪري رات جي مانيءَ بعد. پر منجهند جي مانيءَ بعد نه فقط اسان جي ننڍي کنڊ جا ماڻهو پر ملائيشيا، انڊونيشيا، ويندي اسپين ۽ آفريقا جي ڪيترن ملڪن جا ماڻهو ٿوري دير لاءِ ننڊ ڪن ٿا. انگريز به جڏهن هند سنڌ ۾ هئا ته ائين ڪندا هئا ۽ اها چوڻي مشهور ٿي ته: After Lunch – Sleep a while. After Dinner- walk a mile. پر جپاني ماني کائڻ بعد يڪدم سمهڻ کي بدسوڻي سمجهن. ٻارن کي چوندا ته ماني کائڻ بعد جيڪو يڪدم سمهي رهي ٿو اهو هڪ ڏينهن ڍڳي ٿي پوندو. جپاني رات جو سيٽي وڄائڻ کان جهليندا. هنن جو عقيدو آهي ته رات جو سيٽي وڄائڻ واري وٽ نانگ اچي ٿو. ڪاري ٻليءَ جو رستو ٽپڻ هتي جپان ۾ پڻ بدشگوني سمجهيو وڃي ٿو. هتي جي مزارن، درگاهن، مندرن ۽ تحفي جي دڪانن ۾ مختلف قسم جي فائدن جا تعويذ عام وڪامن ٿا. خاص ڪري اسڪول، ڪاليج ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪريون امتحانن ۾ پاس ٿيڻ، پيار ۾ ڪاميابي، رستي جي سلامتي ۽ حادثي کان بچڻ لاءِ اهي تعويذ وٺي ڳچيءَ، ٻانهن يا کيسي ۾ رکن. ان کان علاوه منتر پڙهيل رنگين پنيون جن کي Omikuji سڏين ۽ جن تي خريدار جي مستقبل جي اڳڪٿي به لکيل ٿئي، خريد ڪري وڻن جي ٽارين سان ٻڌن جيئن اسان وٽ سکا باسڻ لاءِ وڻ جي ٽارين ۾ اڳڙيون ٻڌن ٿا. ائين ڪرڻ سان هنن جو چوڻ آهي ته سندن مستقبل بابت لکيل سٺيون ڳالهيون پوريون ٿين ٿيون ۽ خراب ڳالهيون يعني مصيبتون ڀڄيو وڃن. بهرحال ٻئي ڪنهن جون مصيبتون ڀڄي وڃن يا نه پر هي تعويذ ۽ پنيون (اومِي ڪُوجي) ٺاهڻ وارن جون مالي مصيبتون ضرور دور ٿي وينديون هونديون جو جپان ۾ تعويذ ۽ اومي ڪوجي جهڙيون شيون ٺاهي وڪڻڻ وڏي انڊسٽري آهي. يعني ڪمائي ئي ڪمائي آهي. مت جي موڙهيل ۽ وسوسن جو شڪار ٿيل جپاني ڇوڪرين ۾ ڪنهن به قسم جي کوٽ نظر نٿي اچي. جپان ۾ ظاهري طرح ته هر شيءِ انگريزي سال مطابق هلي ٿي، جنهن ۾ سال جو هر مهينو ڌرتيءَ جي چرپر موجب ساڳي موسم ۾ اچي ٿو. يعني 25 ڊسمبر ڪرسمس ڊي هميشه سخت سيءَ ۾ اچي ٿو پر لکين جپاني پنهنجي ڀاڳ ۽ نڀاڳ جا لڳ لاڳاپا چنڊ جي چرپر جي حساب سان ٻڌن ٿا، جيئن اسان مسلمانن جا مهينا آهن جن ۾ عيد چنڊ جي حساب موجب ڪڏهن سياري ۾ ته ڪڏهن اونهاري ۾ به اچي ٿي. بهرحال جپانين جو چنڊ مطابق ڇهن ڏينهن جو چڪرو آهي، جنهن ۾ ڀاڳ وارا ڏينهن به ٿين ته بدبختيءَ جا ڏينهن به ٿين ته وچٿرا ڏينهن به ٿين جيڪي نه ڀاڳ وارا سمجهجن ۽ نه نڀاڳ وارا. انهن ڏينهن تي ٿي سگهي ٿو فارچون صبح جي وقت اچي منجهند ڌاري غائب ٿي وڃي ۽ پوءِ جپانين جي عقيدي موجب جيڪڏهن ڪنهن کي بيماري نڀاڳي ڏينهن تي لڳي وئي ته اها انگهندي ئي رهندي جيئن پاڻ وٽ چوندا آهن ته جمع ڏينهن مينهن پوڻ سان سڄو هفتو هلندو، تيئن جپاني چوندا آهن ته نڀاڳي ڏينهن تي ڪنهن کي دفن ڪرڻ سان جلد ئي ٻيو موت به ٿئي ٿو. سڄي سال جي چڪري ۾ ان ڏينهن کان وڌيڪ ڀاڳ وارو ڏينهن ٿي نٿو سگهي، جنهن کي جپاني تائي آن (Taian) سڏين ۽ سال ۾ هڪ ڏينهن بيحد نڀاڳو به ٿئي ٿو جيڪو بوتسو ميتسو Butsu Metsue سڏجي ٿو. سال 1941ع جو 8 ڊسمبر وارو ڏينهن تائي آن وارو ڏينهن هو يعني بيحڊ لڪي ڏينهن هو. جپان ۾ هي اهو ڏينهن هو جنهن تي جپان بهادر پائلٽن (Kami Kaza) پرل هاربر تي آمريڪا جي جنگي جهازن تي حملو ڪري آمريڪا کي دست ڏئي ڇڏيا. آمريڪا ۾ اهو ڏينهن 7 ڊسمبر جو هو. بوتسو ميتسو. بوتسو ميتسو (سال جي نڀاڳي ترين) ڏينهن تي جپاني شادي ڪرڻ کان به ڪيٻائين. جپانين جو اهو وهم مشهور آهي ته شيطان ۽ بدروح اتر اوڀر ڪُنڊ کان ٿا اچن. جيئن اسان وٽ چوندا آهن ته ڏکڻ ۾ شيطان رهي ٿو، ان ڪري سمهڻ مهل پير ڏکڻ طرف ڪجن، يعني شيطان کي پيرن سان بُجا ڏجن. ان چڪر ۾ جپاني گهر ٺهرائڻ وقت پوري ڪوشش ڪندا ته سندن گهر جو ڪوبه در يا دري اتر اوڀر طرف نه کلي. يعني گهر ۾ شيطان نه گهڙي سگهن. ٻارن جا نالا رکڻ وقت ٻار جا مائٽ برش جا Stroke ڳڻين ته ڪٿي برش جي چرپر جو انگ نڀاڳو نمبر ته نه آهي. (جپاني پين کان علاوه برش سان به لکن جيئن اسان وٽ ڪاني جي قلم سان لکيو وڃي ٿو ۽ اسٽروڪن جو حساب ائين آهي ته الف ۾ هڪ ئي Stroke ٿئي ٿو، جنهن ۾ برش کي مٿان کان هيٺ وٺي اچجي ٿو. ”ب“ ۾ نقطي سميت سمجهو ته چار Stroke ٿيا. ڪيترا دڪاندار پنهنجن دڪانن ٻاهران لوڻ جي ڇٽڪار ڪن. ائين ڪرڻ سان هو نڀاڳ کي سندن دڪان اڳيان ويجهو اچڻ کان ڀڄائين ٿا. سومو پهلوانن جي ملهه شروع ٿيڻ کان اڳ به مندر جو ٻائو سندن اڳيان لوڻ جون مٺيون ڀري اڇلائيندو آهي، جيئن پهلوانن جي جان کي جوکو نه رسي. جپاني ڇوڪريون پنهنجي روايتي وڳي (ڪمونو) جو هميشه کاٻو پاسو ساڄي پاسي واري پلئه مٿان ٺاهي هلنديون ڇو جو ان جي ابتڙ نمونو جنازن لاءِ آهي. يعني مري ويل ڇوڪريءَ جي لاش کي دفن ڪرڻ يا ساڙڻ کان اڳ هن کي ڪمونو ائين پهرايو وڃي ٿو ۽ ان جي کاٻي پاسي واري پلئه مٿان ساڄو پاسو رکيو وڃي ٿو. پاڻيءَ واري جهاز ۾ ٽوڪيو ويندي وقت اوشيما نالي هڪ ٻيٽ اچي ٿو جيڪو ٽوڪيو کان ستر ميل کن پري آهي. يعني ٽوڪيو پهچڻ کان ٽي چار ڪلاڪ اڳ اچي ٿو. هن ٻيٽ تي هر سال جو 24 جنوريءَ وارو ڏينهن نڀاڳو ترين سمجهيو وڃي ٿو، جنهن لاءِ هتي جا ماڻهو هيئيمي ساما Hiimi-sama لفظ استعمال ڪن، يعني ”يوم بدبختي“. هن ڏينهن تي هن ٻيٽ جي ٻهراڙيءَ وارا ماڻهو ته ڇا پر شهر ۾ رهندڙ به سج لهڻ کان اڳ پنهنجي گهرن ۽ دڪانن جا در دريون ويندي ڪو ننڍڙو سوراخ هوندو ته ان کي به اڳڙين ۽ ڪاٺ جي چپڙين سان بند ڪري رکن جيئن بدبختي گهر ۾ گهڙي نه اچي. ڪي ماڻهو ته وڌيڪ احتياط ڪارڻ گهر جي ٻاهران تکي ۽ اُگري بانس وارو گاهه ساڙين ۽ هڱ جهڙيون شيون پڻ رکن جيئن نڀاڳ آڻڻ وارو شيطان سندن گهر کان پري ئي رهي. جپان ۾ ڪي ڪي ڏينهن سانرنبو (Sanrinbo) پڻ سڏيا وڃن ٿا، جيڪي گهر جي اڏاوت يا مرمت (Repair) لاءِ خراب سمجهيا وڃن ٿا پر انهن ڏينهن تي نڀاڳ گهر واري لاءِ نه پر پاڙي وارن لاءِ چيو وڃي ٿو. اهڙي ڏينهن تي توهان جي گهر ۾ رازي يا واڍي کي گهڙندو ڏسي پاڙي وارا ئي گوڙ ڪندا. پر اهي سڀ مصيبتون ۽ بدبخت ڏينهن ”باهه ۽ گهوڙي“ واري سال جي نڀاڳ جو مقابلو ڪري نٿيون سگهن. اهو سال ”هينوئي اوما“ Hinoe-Uma سڏجي ٿو ۽ سٺ سالن بعد هڪ دفعو اچي ٿو. جپاني به چينين جي مئٿالاجي ۾ يقين رکن ٿا ته ٻارهن جانورن مان هر سال هڪ جانور جو آهي، مثال طور گهوڙي جو سال، نانگ جو سال، ڪوئي جو سال، سهي جو سال وغيره ۽ ان ٻارهن سالن جي چڪري Zodiac جو هر سال پنجن مختلف شين مان هڪ جي نالي پڻ آهي جيڪي آهن: ڪاٺ، باهه، ڌرتي، ڌاتو ۽ پاڻي. مثال طور، 1987ع سهي جو سال هو، ان بعد 1999ع سهي جو سال ٿيو ۽ هاڻ وري ٻارهن سالن بعد 2011ع سهي جو سال ٿيندو. پر 1987ع وارو سهي وارو سال ”ڪاٺ“ ۾ آيو ٿي ته 1999ع وارو ”باهه“ ۾ ته 2011ع وارو ”ڌرتي“ ۾ ايندو. اهڙي طرح ساڳين ٻن ڳالهين وارو سال سٺ سالن بعد اچي ٿو ۽ سٺ سالن بعد گهوڙي ۽ باهه جو سال سخت نڀاڳو سال سمجهيو وڃي ٿو، ايتري قدر جو ڪيترائي جپاني ان ۾ پڪو يقين رکن ٿا ته هن سال ۾ ڄاول عورتون گهڻو ڪري پنهنجن مڙسن کي قتل ڪن ٿيون. اهو سال 2026ع ٿيندو ۽ گذري ويل Hinoe Uma (سخت نڀاڳو سال) 1966ع هو جنهن ۾ جپان ۾ ڄم جو سيڪڙو بنهه ڪري پيو هو. ڇو جو ان سال ۾ ڄاول ڇوڪريءَ سان ڪير شادي ڪندو؟ يعني جپاني جي چوڻ مطابق