• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حيدرآباد سائيٽ ۾ 500 سرڪاري فليٽن ۾ ترسايل ٻوڏ سٽيلن کي بيدخل ڪرڻ جي ڪوشش، ڇڪتاڻ، بجل

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
حيدرآباد سائيٽ ۾ 500 سرڪاري فليٽن ۾ ترسايل ٻوڏ سٽيلن کي بيدخل ڪرڻ جي ڪوشش، ڇڪتاڻ، بجلي بند ڪرائي وئي
حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد سائيٽ ۾ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي 500 فليٽن ۾ ترسايل ساڍا 3 سئو ٻوڏ سٽيلن کي بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش، حيدرآباد ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن ۽ ليبر آفيسر وچ ۾ ڇڪتاڻ، فليٽن جي بجلي بند ڪرائي وئي، ڄاڻ موجب جيڪب آباد، ٺل، غوثپور، اوستا محمد ۽ ڳڙهي خيرو سميت ٻوڏ وارن علائقن مان متاثرين جي حيدرآباد پهچڻ جو سلسلو جاري آهي، اٽڪل ساڍا 3 سئو ٻوڏ سٽيل ماڻهن کي حيدرآباد سائيٽ ۾ ٽنڊو محمدخان روڊ تي واقع ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي ٺهرايل 500 فليٽن ۾ ترسايو ويو آهي، حيدرآباد ايڪشن ڪاميٽي جو اڳواڻ اشرف نوناري ۽ علائقي جا ٻيا ماڻهو متاثرين جي مدد ۽ سار سنڀال ڪري رهيا آهن، ڪالهه شام ڌاري ليبر ڊپارٽمينٽ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مير ذوالفقار ٽالپر مختلف ماڻهن سان گڏ پهچي متاثرين کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته هي فليٽس خالي ڪيا وڃن مون کي پ پ اڳواڻ صغير قريشي چيو آهي ته وفاقي وزير خورشيد شاهه جا ٻوڏ سٽيل ماڻهو اچن پيا،انهن کي هتي رهائڻو آهي، اهڙي اطلاع تي اشرف نوناري ۽ ٻين اڳواڻن پهچي مزاحمت ڪئي ۽ متاثرين کي اٿارڻ کان انڪار ڪيو، جنهن ڪري ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، متاثر ماڻهو خوف ۾ وٺجي ويا، بعد ۾ ليبر کاتي جي آفيسر ڄاڻايل فليٽن جي بجلي بند ڪرائي ڇڏي، جن ۾ متاثر ماڻهو ترسيل آهن، ان سلسلي ۾ اشرف نوناري ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته فليٽس جي هڪ بلاڪ تي هڪ سياسي پارٽي جي ڪارڪنن قبضو ڪيو آهي، ليبر کاتي وارا اهي خالي نٿا ڪرائين، باقي ٻوڏ متاثرين کي بي دخل ڪرڻ پهتا آهن، جيڪا زيادتي آهي، هن چيو ته سنڌي ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪبو، خورشيد شاهه ۽ صغير قريشي جي حڪم تي ليبر آفيسر پاران بجلي بند ڪرئاڻ جي مذمت ڪريون ٿا.

old-man-640x480.jpg
 
Back
Top