ٽالپرن جو زوال ۽ سنڌ ۾ انگريزن جو اچڻ حضرت خليفه محمود نظاماڻي قدس سره جن جو خط مبارڪ، جنهن ۾ پاڻ سنڌ ۾ ٽالپرن جي دور حڪومت جي خاتمي ۽ انگريزن جي اچڻ جا اصل اسباب تحرير ڪيا آهن. ميان عبدالخالق ممبئي بندر واري ڏانهن انهيءَ بيان ۾ ته هن علائقي جون حالتون بدلجي ويون آهن ۽ سنڌ جي حڪومت تبديل ٿي مسلمانن کان ڦرجي انگريزن جي هٿ ۾ اچي وئي. انهيءَ تبديليءَ جي ڪري سندس دل تي جيڪو غبار ۽ بار ٿيو هو انهيءَ جو اظهار ڪيو هئائين. انهيءَ جي جواب ۾ لکيو ويو. محب مخلص، خاص دوست، متحد دل و جان، پيوستہ در امن و امان ميان عبدالخالق سلامت هجي. سلامن جي تحفي کان پوءِ جيڪو مسلمانن جو طريقو آهي، واضح هجي ته اوهان لکيو آهي ته سنڌ ملڪ جون خبرون ٻڌي جيڪا دل تي گذري ٿي تنهن جي باري ۾ ڪهڙو عرض ڪريان! پيارا! اسان جا مرشد سائين حضرت روضي ڌڻي رضي الله عنہ جن جڏهن هن دنيا ۾ هئا تڏهن هن ملڪ ۾ ظلم حد کان لنگھي ويو هو. هڪڙي ڏينهن سندن خدمت ۾ عرض ڪيوسون ته ماڻهو حاڪمن جي ظلم جون دانهون ٿا ڪن. مون عرض ڪيو ته هنن خبيثن کي سنڌ مان تڙي ٻاهر ڪڍجي. فرمايائون: نه، نه! هن گندگيءَ جي لاءِ ٻهاريدار گھرجن جيڪي ملڪ مان پليتي کي ڪڍن. اهي ٻهاريدار پنهنجا دوست آهن، انهن کي بددعا نه ڪرڻ گھرجي. پوءِ جڏهن پير سائين رضي الله عنہ جن هن جهان مان لاڏاڻو ڪري هُن جهان ڏانهن اُسهيا ته ظلم تمام وڌي ويو. مير ڪرم علي ۽ مراد علي جي دور ۾ ظلم جي باھ تي ڪجھ پاڻي پيو هو پر انهن جي وفات کانپوءِ ظلم جي باھ زور سان ڀڙڪڻ لڳي. تڏهن آئون دوستن کي چوندو هئس ته سنڌ هاڻي بيوه ٿي وئي آهي، مڙس کي ڳولي پئي. سنڌ ملڪ ۾ چڱا اخلاق ڪي تمام ٿورا وڃي رهيا هئا. بداخلاقيون وڌي ويون هيون، عدل جي جاءِ تي ظلم، سچ جي جاءِ تي ڪوڙ، عبادت جي جاءِ تي گناھ، وَ عَلى هٰذا القِياس بدڪاريون عام هيون. انتظار هو ته آفت ايندي پر ڪهڙي ريت ايندي، سا خبر ڪانه هئي. هر سال بخار ايندو هو، انهيءَ سان گڏ بواسير ۽ ڇڪي جي تڪليف به ٿي پئي. انهيءَ وقت ۾ مڪاشف گھڻا ٿيندا هئا. هڪڙي رات ڏٺم ته ڀولڙن جهڙا انگريز زالن ۽ ٻارن سان سنڌ ملڪ ۾ پيا گھمن. منهنجا پيارا! هن بيوه جو واسطو نامردن سان پيو آهي. مردن مان ڪنهن به کيس قبول نه ڪيو تنهن ڪري انهن ڪافرن کي هٿ اچي وئي. بيت بر لبم قفل است در دل رازها لب خموش و دل پر از آوازها ترجمو: منهنجي چپن تي تالو آهي ۽ دل ۾ راز آهن. چپ خاموش آهن ۽ دل ڳالهين سان ڀري پئي آهي. اوهان لکيو هو ته حيران آهيان ته آئون ڪٿي ۽ ملڪ ۽ بادشاهي ڪنهن جي آهي. اڳي هتان ڪابل ويندا هئاسون، هن دور ۾ پريشان آهيان، غم ۽ الم ۾ آهيان ته ڪهڙي مصيبت آهي، ڇاجي لاءِ آئي آهي؟ بادشاهي ميرن کان ڦري آهي ۽ ڏک مون کي ڇو ٿيو آهي؟ منهنجا پيارا! اهو غم ۽ الم هن سبب جي ڪري ٿي سگھي ٿو ته اوهان جا پير ڀاءُ جيڪي دين جا ڀاءُ به آهن سي سنڌ ۾ رهن ٿا. نبي ڪريمﷺ جن جي زماني ۾ پٽن پيئن کي قتل ٿي ڪيو. ماڻهو ڀائرن ۽ زالن کي ڇڏي نبي ڪريمﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا هئا. اوهان جي غم ۽ پريشانيءَ جو سبب به اهوئي آهي جو اها ايمان جي نشاني آهي. اوهان لکيو آهي ته سال ٻيانوي هجري ۾ اصحابن سڳورن جي زماني ۾ تابعين جي هٿان سنڌ اسلام ۾ داخل ٿي. انهيءَ ڏينهن کان وٺي اڄ تائين سنڌ ۾ ڪفر جو ڪوبه حڪم جاري ڪونه ٿيو. هميشہ سنڌ جي دار الاسلام جي حيثيت قائم رهي، پر هاڻي اسان جي عملن جي شامت ڪهڙي صورت ورتي آهي. پيارا اهو وقت نبي ڪريمﷺ جن کي قريب هو انهيءَ زماني ۾ اسلام جي طاقت هن آيت سڳوري مطابق هئي: وَ اِنۡ يَّکُنۡ مِنۡکُمۡ عِشۡرُوۡنَ صَابِرُوۡنَ يَغۡلِبُوۡا مِاَتَينِ وَ اِنۡ يَّکُنۡ مِنۡکُمۡ مِائَةُ يَغۡلِبُوۡا اَلۡفَينِ ترجمو: جيڪڏهن اوهان مان ويھ صبر ڪرڻ وارا هوندا ته ٻن سون ڪافرن تي غالب ايندا ۽ جيڪڏهن اوهان مان هڪ سو هوندا ته ٻه هزار ڪافرن تي غالب ايندا. هي زمانو اهو وقت آهي جنهن کان بگھڙن پناه ٿي گھري ۽ اسين ماڻهو جانورن کان به بدتر ٿي ويا آهيون. جيڪڏهن اسان جو اهو حال نه هجي ها ته انگريز دارالاسلام تي هرگز غالب ڪونه ٿي سگھن ها. انهيءَ مناسبت سان حضرت پير سائين روضي ڌڻي رضي الله عنہ جن هڪڙو مثال فرمائيندا هئا ته ڪو حڪيم بازار مان لنگھي رهيو هو. بازار ۾ هڪڙو چريو ويٺو هو، تنهن ٻه ڀيرا حڪيم ڏانهن چتائي نهاريو. حڪيم صاحب جلدي جلدي پنهنجي دواخاني ۾ پهتو ۽ سودا جي مرض جي دوا طلب ڪيائين. شاگردن پڇيو ته اوهان سودا جي مرض جي دوا ڇو ٿا واپرايو؟ حڪيم چيو ته بازار ۾ ويٺل چرئي ٻه ڀيرا مون ڏانهن چتائي نهاريو. جيڪڏهن مون ۾ ڪا نسبت نه ڏسي ها ته مون ڏانهن چتائي ڇو نهاري ها؟ منهنجا پيارا! جيڪڏهن اسان ۾ انهن پليتن انگريزن واريون بدڪاريون نه هجن ها ته انگريز هتي ڪڏهن به نه پهچي سگھن ها. ”شامت اعمال ما صورت نادر گرفت“، يعني اسان جي عملن جي شامت نادر جي صورت ۾ ظاهر ٿي آهي. اوهان لکيو آهي ته عجب آهي جو سنڌ جا مير انگريزن جي مڪر ۽ فريب ۾ ڦاسي گھيٽن وانگر بنجي ويا. رات جو واڙي ۾ ۽ ڏينهن جو جھنگ ۾. شايد اها سزا کين ان ڪري ملي جو الله وارن جي نظر مان ڪريا ۽ مارجي ويا. منهنجا پيارا! انهن جي ظلم جا احوال ڪهڙا لکجن. هڪڙي ڏينهن سياري ۾ شڪار تي نڪتا. برسات به وسي رهي هئي، طوفان به سخت هو جو باھ کان سواءِ ويهڻ به مشڪل هو. انهيءَ صورت ۾ مير محمد مير غلام علي جو پٽ زوريءَ ماڻهن کي ڦاڙهن ۽ سوئرن کي هوڙڻ لاءِ وٺي ويو ۽ ڪيترائي ماڻهو سيءُ جي ڪري مري ويا. بيت چون ضعيفي برزمين آرد فغان ولوله افتد در اهل آسمان ترجمو: جڏهن زمين تي ڪو ضعيف دانهن ڪندو آهي ته آسمان وارن ۾ شور پئجي ويندو آهي. ٻيا انهيءَ کان به وڌيڪ ظلم ڪندا هئا. آخري وقت ۾ جڏهن انهن جي حڪومت ختم ٿي رهي هئي، محمد صابر پلي پوٽو، جيڪو طالب علم ۽ قرآن جو حافظ هو، رمضان جي مهيني ۾ وڪالت جي سلسلي ۾ مير شاھ محمد جي طرفان حيدرآباد جي ميرن وٽ آيل هو. افطار جي وقت ميرن سان ملاقات ڪيائين. ٻانگ کان پوءِ حافظ محمد صابر روزو کوليو. ميرن چيو ته ملان! بک ۽ اڃ جي ڪري روزو ڀڃي رهيو آهين ۽ اهڙي طرح ٽوڪون ڪرڻ لڳا. حافظ صاحب صحيح بخاري جي حديث کين بيان ڪري ٻڌائي، تڏهن ميرن چيو ته حديث جو ڪتاب صحيح بخاري ڪوڙو آهي. اسان جا مرشد حضرت پير سائين روضي ڌڻي رضي الله عنہ جن حديث جي ڪتاب صحيح بخاري جي تعريف ڪندي فرمائيندا هئا ته امام بخاري رحمة الله عليہ ٻڌو ته ڪنهن علائقي ۾ هڪڙي شخص کي نبي ڪريمﷺ جن جي حديث ياد آهي. پنڌ تمام پري هو. امام صاحبؒ وڏا ڪشالا ڪري اتي پهتو. ان وقت اهو ماڻهو پنهنجي گھر ۾ ڪونه هو جو سندس گھوڙو رسو ٽوڙائي ڀڄي ويو هو، انهيءَ جي پٺيان ويل هو. امام بخاريؒ انهيءَ شخص جي پٺيان ويو. ڏٺائين ته اهو شخص خالي توبرو کڻي ڌوڪي سان گھوڙي کي پڪڙي رهيو آهي. اها حالت ڏسي امام صاحب فرمايو ته اهڙي ڌوڪي باز شخص کان حديث وٺڻ درست نه آهي. پيارا ڀاءُ! اهي پنهنجي ظلم ۽ جهالت جي ڪري گھيٽن جي ولر وانگر قيدي بنجي ويا آهن. اوهان لکيو آهي ته ڪنهن بزرگ کان ٻڌو اٿوَ ته هندستان جو تصرف مجذوبن جي هٿ ۾ آيو، انهيءَ ڏينهن کان وٺي اسلامي سلطنت زير و زبر ٿي وئي. سنڌ جو تصرف به شايد ڪنهن مجذوب جي هٿ ۾ اچي ويو جنهن کي پنهنجي به ڪا خبر ڪانه هئي. ڪفر ۽ اسلام کي برابر سمجھيائين. منهنجا پيارا! ڪوبه مجذوب ڪونه هو. انهن حاڪمن حڪومت جي پڳ پنهنجي مٿي تان پاڻ لاهي ڦٽي ڪئي، ڇاڪاڻ ته مير محمد حسن مير رستم جي پٽ حضرت پير سائين روضي ڌڻي رضي الله عنہ جي درگاھ جي واپارين کان ظلم ۽ زبردستي سان هڪ هزار روپيا ڦريا ۽ اتي جي ماڻهن تي وڏو ظلم ۽ زيادتي ڪيائين. بي ادبي جي انهيءَ حد کي وڃي پهتو جو حضرت پير سائين روضي ڌڻي رضي الله عنہ جن جي تابوت جي صندوق کي کوٽائي ڪڍڻ جو ارادو ڪيو هئائين. الله تعالى طرفان انهن يعني مير رستم ۽ سندس پٽن جي پاڙ اهڙي پٽي جو سندن زالون ڪي پياديون، ڪي بيل گاڏين تي سوار ٿي نڪتيون ۽ سندس ڀائر ۽ مٽ مائٽ ڊڄي فرار ٿيا. هر طرف ٽڙي پکڙي دربدر ٿي ويا. نقل آهي ته حضرت سيد عبدالڪريم سنڌي بلڙي وارو رحمة الله عليہ جڏهن مٽيارين کان بلڙي آيو ۽ اتي رهڻ جو ارادو ڪيائين ته اتي جي زميندار کيس رهڻ نٿي ڏنو ۽ کيس چيائين ته پڌار پڌار، يعني هتان لڏي وڃ واپس. شاھ عبدالڪريم زميندار جا اهي اکر ٻڌي جوش ۾ اچي چيو ته: پڌاريندو پاڻ، ڏي ڏس ٻين کي، اهڙي مت اڄاڻ، ڪونه سئي مون ڪڏهين. انهيءَ بيت ٻڌڻ سان انهيءَ زميندار جو روح پرواز ڪري ويو. هنن ميرن کان به انهيءَ زميندار وانگر بي ادبيون واقع ٿيون، انهن جي سزا کين ملي. جيڪو جوَ پوکيندو، اهو ڪڻڪ ڪونه لڻندو. بيت هيچ قومي را خدا رسوا نکرد تا دل صاحبدلي نيامد بدرد از خدا خواهيم توفيق ادب بي ادب محروم ماند از فضل رب بي ادب تنها نه خود را داشت بد بلکه آتش در همه آفاق زد ترجمو: ڪنهن به قوم کي خدا خوار نه ڪندو آهي، جيستائين اها ڪنهن ولي الله کي نه ڏکوئي. الله تعالى کان ادب جي توفيق ٿا گھرون جو بي ادب خدا جي فضل کان محروم رهندو آهي. بي ادب رڳو پاڻ کي نقصان ڪونه ٿو پهچائي پر سڄي جهان کي ساڙيندو آهي. ڇا لکجي، اهي بدبخت حيدرآباد جي حاڪمن وٽ پهتا. تڏهن انهن جي مدد تي اتفاق ڪيائون. وري مير حسن، حضرت پاڳاري کي لکيو ته ٻين جي جنگ انگريزن سان آهي ۽ اسان جي جنگ اوهان سان آهي. جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي. بيان العارفين سيد عبدالڪريم بلڙي واري جي ملفوطات ۾ لکيل آهي ته پليجا پرڳڻي جي ديھ ۾ هڪ گھاٽي وڻ جي ڇانءُ ۾ ڪو بزرگ ستو پيو هو. سندس خادم کيس زور ڏئي رهيو هو. وڻ ۾ جھرڪي جو آکيرو هو. اوچتو انهيءَ جھرڪيءَ کان ڪک ڪريو جو بزرگ جي مٿي ۾ اچي ڪريو ۽ جھرڪي انهيءَ مهل مري وئي. بزرگ جي خادم هڪدم بزرگ کان وڃڻ جي موڪل گھري. بزرگ چيو مون کي ڇڏي ڇو ٿو وڃين؟ خادم چيوته جھرڪيءَ کان غلطيءَ سان ڪک ڪري پيو اها مري وئي. آئون ملائڪ نه آهيان ماڻهو آهيان، جيڪڏهن ڪنهن وقت مون کان ڪا خطا ٿي پئي ته الائي ڇا ٿيندو؟ بزرگ چيو ته مون کي نه جھرڪي جي خبر آهي نڪا ڪک جي خبر، پر الله تعالىﷻ پنهنجي دوستن تي ڪک به ڪونه ٿو سهي. اوهان ڀائرن کي خبر هوندي ته درگاھ جي مريد مٺي فقير جو سيٺ قادر ڏني سان ڪو معاملو هو. حضرت پير سائين روضي ڌڻي رضي الله عنہ جن جي مُهر سان خط مٺي فقير جي سفارش ۾ ٽنڊي قيصر واري ابراهيم فقير مولودي جي هٿان موڪليو ويو. خط جو ڪو اکر سيٺ کي نه وڻيو سو ڪاوڙ مان هٿ کي اُڇل ڏيئي درگاھ شريف ڏانهن اشارو ڪري چيائين ته منهنجا هٿ ايڏا ڊگھا آهن جو حڪم ڪريان ته هُتان آڻي هتي حيدرآباد ۾ کين قيد ڪرائي سگھان ٿو. انهيءَ بي ادبيءَ جي ڪري ٿوري ئي وقت ۾ الله جي حڪم سان سيٺ قادر ڏنو سرڪار جي ڏوھ ۾ پٽن ۽ ڀائرن سوڌو گرفتار ٿيو جن مان ٻه ماڻهو قيد ۾ ئي مري ويا ۽ پاڻ سيٺ قادر ڏنو سرڪار جو ڏنڊ ڀرڻ جي لاءِ ڦوڙي ڪرڻ نڪتو ۽ سڄي سنڌ ۾ رلندي پنندي نيٺ بندر جي شهر ۾ مري ويو. پنهنجي وطن ۾ نه پهچي سگھيو. پيارا ڀاءُ! اسان کي، اوهان کي ۽ سڀني مسلمانن کي الله تعالى پنهنجن پيارن ٻانهن جي بي ادبي کان پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان بچائي، ڇاڪاڻ ته الله وارن جي بي ادبي ٻنهين جهانن جي نقصان جو سبب ٿيندي آهي. بيت گر خدا خواهد که پرده کس درد ميلش اندر طعنئه پاکان کند ترجمو: جڏهن الله تعالى چاهيندو آهي ته ڪنهن جو پردو ڦاڙي ته اهو الله جي پاڪ بندن جي بي ادبي ڪندو آهي. سلام قبول ڪندا ۽ حاضرين مجلس کي چوندا