بياض مخدوم عارف سنائي? جي چونڊ مسئلن جوترجمو۽ تحقيق. ڊاڪٽرحافظ شبيراحمد، ليڪچررعربڪ ,سنڌيونيورسٽي ڄامشورو ? بياض مخدوم عارف سنائي? جي چونڊ مسئلن جوترجمو۽ تحقيق. پيش لفظ سنڌالاجيء ۾ هڪ قلمي ڪتاب ”ترتيب الصلاة “ جي نالي سان آهي، جنهن جي ابتدا ۽ انتها جا اوراق غائب آهن، جئن ته هن ڪتاب جي شروعات باب ترتيب الصلاة سان آهي، اِن ڪري هن جو نالو ترتيب الصلاة رکيواٿن. نه ته حقيقت ۾ هي فتوى جو وڏو ڪتاب آهي، جنهن ۾ وڏي تحقيق ٿيل آهي، سنڌ جي عالمن جون فتوائون ۽ مهرون اٿس، مصنف پاڻ کي ڪٿي مفتي يا فقير عارف لکي ٿو. هي ڪتاب مخدوم ﷴعارف سنائيء جوآهي جنهن جو ذڪر حضرت علامه مولانا غلام مصطفى قاسمي? ”الرحيم مشاهير“ ۾ ڪيو آهي. ياد رهي ته مخدوم ﷴ عارف سنائي مخدوم عبدالواحد سيوستانيء (جيڪوملقب نعمان ثانيء سان آهي) جوهم عصر بزرگ ۽ وڏو مفتي هو. مون هن مضمون ۾ هن بياض جي چونڊ مسئلن جو ترجمو ۽ تحقيق ڪئي آهي، ته سنڌي ماڻهو اِن کان مستفيض ٿين. باب المصارف قال في الظهيريه قال مشائخنارح من ارادان يتصدق بدرهم ينبغي ان يتصدق على نفرواحدولايشتري بها فلوسا ويفرقهاعلى المساڪين. 12 خزانة الروايات من عينه. في اداء الزڪاة وسقوطهاومصارفها. 12 طالعت الظهيريه نفسها فوجدت هذه المسئله. 12 فقير ﷴعارف ترجمه: باب جن تي زڪاة خرچ ڪئي وڃي ظهيريه ۾ آهي ته اسان جي مشائخ چيوته جنهن شخص ارادو ڪيو ته درهم جوصدقو ڪري ته لائق آهي ته هڪ ٽولي تي صدقو ڪري ۽ اُن سان پئسا خريد نه ڪري ۽ اُن کي مسڪينن تي تقسيم ڪري. 12 خود خزانة الروايات. مصنف چئي ٿو ته مون خودظهيريه مطلعه ڪئي ته مون اِن مسئلي کي اِن ۾ لڌو. باب صدقة الفطر جي آخر ۾ آهي باب الاعتڪاف سان گڏ، ويستحب صوم عاشوراء ويستحب ان يصوم قبله اوبعده يوما فان افرده فهومڪروه لتشبيه باليهود. 12 فتح القدير من بياض مخدوم ﷴهاشم .12 ترجمه؛ ۽ عاشوري جو روزو مستحب آهي ۽ مستحب آهي ته اُن کان اڳ يا پوء هڪ ڏينهن جو روزو رکي پوء جيڪڏهن صرف عاشوري جو روزو رکيائين ته مڪروه آهي جو يهودين سان مشابهت آهي. رمضان جي آخري ڏهي جي اعتڪاف جي سنت هجڻ بابت مخدوم ﷴجعفر بوبڪائي جي تحقيق، ذڪرڪئي اٿس. ته مستحب آهي ياسنت وغيره. خلاصوته اهواعتڪاف سنت آهي، ڇو ته رمضان جي آخري ڏهي ۾ حضورﷺ جن هن تي هميشگي ڪئي آهي. مخدوم ﷴجعفر لکي ٿو ته هي اعتڪاف سنت مؤڪده آهي، منهنجي ڪن همعصر عالمن چيو ته هي اعتڪاف سنت مؤڪده عام آهي، جو ڏهن کان گھٽ هجي يا غير رمضان ۾ به ٿي سگھي ٿو. منهنجو اُنهن سان مڪي شريف ۾ مناظرو ٿيو، اُنهن منهنجي ڳالهه نه مڃي هي مسئلو فيصلي لاء هڪ وڏي فاضل ڏي کڻي ويا، اُن هنن جي راء سان اتفاق ڪيو مون هن مسئلي(فيصلي) کي هنن مان ڪن جي موجودگي ء ۾ پنهنجي مشهور استاد جيڪو وڏو علماء راسخين جو جيڪوفهامه علامه حجة شيخنا ﷴبنﷴبنﷴ البڪري الاشعري وٽ نيو. اُن بداهة فرمايو ته اعتڪاف عام سنت آهي پر سنت اعتڪاف، اماسنة الاعتڪاف في صفة المواظبة قلت فالسنة الاولى ڪمامر في البحث الاول.12 پر سنتِ اعتڪاف اِها سنت اعتڪاف هميشگيء جي صفت سان، چوان ٿو ته پوء اِها سنت بهتر آهي. جئن پهرئين بحث ۾ گذريو. باب الولي والڪفو فعم. زوج الجدالصغيرة والاب حاضرساڪت لايڪون اجازة بخ يجوز عس زوجت الام الصغيرة فبلغ الاب فسڪت لايڪون اجازة. 12 ترجمه: ڏاڏي صغير پوٽيء کي پرڻايو ۽ پيء خاموش حاضر آهي ته هي پيء طرفان ڏاڏي کي پرڻائڻ جي اجازت نه هوندي بخ جائز آهي. (پرڻائڻ) عس ماء صغيره کي پرڻايو پوء پيء کي پرڻائڻ جي خبر پئي ته هو خاموش رهيو ته هي اجازت نه چئبي. خود رسالي کان نقل آهي مصنف چيو ته ان جي ديباچي ۾ آهي ته هي مسئلو منيه ڪبرى وغيره جي مشهور نسخن کان منقول آهي. انتهى. پر مان نه رسالي ۽ نه اُن جي مصنف جي نالي تي واقف ٿيس. ﷴعارف. ڇا ٿا فرمائن علماء هن مسئلي ۾ ته هڪ شخص پاڻ کي سيد ٿوڄاڻي ۽ اُن جوسيد هجڻ ماڻهن ۾ مشهور نه آهي مگر ڪجھ ماڻهو چون ٿا ته اسان پنهنجي پيئرن کان ٻڌو آهي ته هن شخص جو پيء سيد هو هنن جي هيء شاهدي ٻڌي ويندي يا نه؟ جواب: نسب تسامع (ٻڌڻ) سان ثابت ٿئي ٿو ۽ هي مرد سيدآهي. والله تعالى اعلم. مخدوم حامد اگھمي. بياض مخدوم ﷴ هاشم ٺٽوي. باب الرضاع ولواقرالزوج بهذا (الرضاع) قبل النڪاح فقال هذا اختي من الرضاع اوامي من الرضاع ثم قال اوهمت او اخطات جازله ان يتزوجها ولوتزوجها فرق بينهما ولوجحدالاقرار فشهداثنان على الاقرار فرق بينهما. 12سراج وهاج. مخدوم ﷴهاشم. ترجمه: جيڪڏهن مڙس هن کير پيارڻ جو اقرار ڪيو جو چيائين ته هيء منهن جي کير پياڪ ڀيڻ يا ماء آهي، پوء چيائين ته مون کي اهو وهم ٿيو يا مون غلطي ء ۾ اقرار ڪيو ته جائز آهي ته ان عورت سان نڪاح ڪري، پر جيڪڏهن چيائين ته جيڪو مون چيو سو سچ آهي ته پوء ان عورت سان ان جونڪاح ناجائز آهي. ۽ جيڪڏهن ان عورت سان نڪاح ڪيائين ته ان زال مڙس جي وچ۾ جدائي ڪئي ويندي. پر جيڪڏهن اقرار ڪرڻ جوانڪار ڪيائين ته مون اهواقرار نه ڪيو آهي، ۽ هن جي اقرارتي ٻن شاهدن شاهدي ڏني ته پوء ان زال مڙس جي وچ۾ جدائي ڪئي ويندي. باب الطلاق امرءة قالت لزوجها طلقني فاشارالزوج بثلث الاصابع ونوى به الطلاق لايقع مالم يقل بلسانه وبهذا يفتى. 12 مفروق. نقل من بياض مخدوم ﷴهاشم. درفروق مولاناشمس الدين محبولي آورده که طلاق صوتي وقولي است نه فعلي.12 رساله حيرة الفقه ع. 12 الطلاق قولي 12 تلقيح .المحبولي من بياض مخدوم ﷴهاشم. ترجمه: زال مڙس کي چيو ته مون کي طلاق ڏي، پوء مڙس طلاق جو اشارو 3 آڱرين سان ڪيو ۽ هن اشاري سان طلاق جي نيت ڪيائين ته طلاق نه ايندي جيستائين زبان سان نه چوي ۽ هي مفتى به قول آهي.[①] مولاناشمس الدين محبولي فروق ۾ آندو آهي ته طلاق آواز ۽ ڳالهائڻ سان هوندي آهي نه فعلي (ڪم سان ) طلاق قولي (چوڻ سان) آهي.12. تلقيح المحبولي. بياض مخدوم ﷴهاشم. جيڪڏهن مڙس زال کي چيوته ابراتڪ من الزوجيه (مون توکي زال هجڻ کان جداڪيو) طلاق بنان نيت جي ايندي زال هجڻ کان ابراء ۽ زال هجڻ جي دعوى کان ابراء، ٻنهين جو مقصد هڪ آهي يعني زال هجڻ جو ڇڏڻ جدا هجڻ لاء. ۽ جيڪڏهن چيائين ابراتڪ عن دعوى الزوجيه(مون توکي زال هجڻ جي دعوى کان بري ڪيو) هت به طلاق بنان نيت جي ايندي، زال هجڻ کان بري هجڻ ان زوجيت جي دعوى کان براءت آهي. تحرير مخدوم حامد اگھمي. هن مسئلي ۾ علماء جوقول ڇا آهي؟ جو زيد پنهن جي زال کي طلاق جي ڳالهه ٻولهه وقت سنڌيء ۾ چيو (3ڀيرا) ڇڏي. هن صورت ۾ 3طلاقون اينديون يا هڪ بائن. جيڪڏهن ان جي جدائيء جو حڪم ڏنو ته ان بعد نئون نڪاح ڪري زيد جي حوالي ڪيو ته ٻيوقاضي پهرئين قاضيء جي فيصلي کي ٽوڙي سگھي ٿو يا نه؟ بينوا توجروا. جواب ته مٿين صورت ۾ هڪ طلاق بائن ايندي ۽ بنان حلالي جي نئين نڪاح سان اُن تي حلال ٿيندي. على ماهوالمختار والمعمول عندالاخيار. ان جي صراحت ڪئي عالم رباني مخدوم ﷴ جعفر بوبڪاني بيانِ مبرم ۾. پوء جڏهن قاضيء جدائيء جوحڪم ڏنو ۽ بنان حلالي جي نئون نڪاح ٿيو ته ٻئي قاضيء کي حق نه ٿو پهچي ته پهرئين قاضيء جي فيصلي کي ٽوڙي. والله اعلم بالصواب. دستخط مخدوم هذا هوالمعمول والموافق الخ. اناالمفتقرالى روح الله الفقير روح الله تصويب. فقير ﷴ معصوم قاضي عبدالمنعم بن عبدالغفار، قاضي خيرالدين، مهر ﷴعثمان، مهر امان الله، مهر محتسب شرع احمد ﷴ مهر قاضي غلام ﷴ. ڪتاب البيوع. رجل اشترى دارا فطلب من البائع ان يڪتب له صڪا على الشراء فابى البائع من ذالڪ لايجبر على ذالڪ لان الڪتابة غيرواجبة عليه وان ڪتب المشتري من مال نفسه وامره بالاشهاد وامتنع البائع عن ذالڪ يؤمر بان يشهدشاهدين هوالمختار لان المشتري تحتاج الى الاشهاد ولڪن انمايؤمر اذااشترى المشتري شاهدين اليه يشهدهما على البيع امالايڪلف بالخروج الى الشهود.12 نصاب شرح قدوري من عينه 12 وجدت هذه الروايه في فتاوى غريبه من عينه ناقلا عن النصاب بهذه الالفاظ. والله اعلم بالصواب ﷴعارف. اذا اشترى الثمار على الاشجار بشرط الترڪ جاز عرفا ولايجوزشرعا فيفتى بالعرف وفي ڪل موضع لايترڪ العرف لتعامل الناس وان ڪان خلاف ظاهرالمذهب وبه يفتى في الاحڪام الا فيمالايجوز ڪالربوا والرشوة فانه لايفتى بجوازه حملا على اصطلاح المذهب. 12 مفروق پزدوي من بياض ﷴهاشم. من دفع شيئا ليس بواجب فله استرداده الااذادفعها على وجه الهبه ابتداء واستهلڪه الاخر. 12 محصل قنيه في اوائل ڪتاب الاجارة .من بياض مخدوم ﷴهاشم 12 باب البيوع ترجمه: هڪ شخص گھرخريدڪيوته بائع کان خريداريء تي چٺي ( دستاويز) لکي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، ته بائع لکي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته اُن کي چٺي (دستاويز) لکي ڏيڻ تي مجبور نه ڪبو ڇوته لکت اُن تي واجب نه آهي.[②] ۽ جيڪڏهن خريدار پنهنجي مال سان لکيو (دستاويز) ۽ بائع کي شاهد ڪرڻ جوحڪم ڏنائين ته شاهد آڻ ۽ بائع ان کان انڪار ڪيو (شاهد آڻڻ کان) ته بائع کي حڪم ڪيو ويندو ته ٻه شاهد مقرر ڪري اهو مختار مذهب آهي. ڇو ته خريدار شاهد ڪرڻ جو محتاج آهي. پران کي ان وقت حڪم ڏبو جڏهن خريدارڪاشئ خريد ڪئي ته ان کي بيع تي ٻه شاهد مقرر ڪرڻا آهن. پر ان کي تڪليف نه ڏبي شاهدن ڏي نڪرڻ جي. جڏهن وڻن تي ميون کي ڪنهن شخص خريد ڪيو ڇڏڻ جي شرط سان (ته ميوا نه پٽي) ته اهو عرف عادت جي لحاظ کان جائز آهي، شرعا جائز نه آهي. پوء عرف عادت مطابق فتوى ڏبي ۽ هرجاء ۾ جتي عرف کي ماڻهن جي تعامل (عمل) ڪري نه ٿو ڇڏيو وڃي (ته اتي عرف کي نه ڇڏبو) کڻي ظاهر مذهب خلاف هجي ۽ احڪام ۾ هن مطابق فتوى ڏبي مگر جتي جائز نه هجي جئن وياج ۽ رشوت ان جي جائز هجڻ جي فتوا نه ڏبي. مذهب جي اصطلاح ۾. ڪنهن شخص ڪنهن کي ڪاشئ ڏني جيڪا ان کي ڏيڻ واجب نه آهي.ته اها واپس وٺي سگھي ٿو مگر ته ان کي هبه (بخشش) جي طور تي ان کي شروع ۾ ڏني هيائين ۽ وٺندڙ اها شئ هلاڪ ڪئي. باب السلم وفي شرح الطحاوي لاسلم في حنطة حديثة قبل حدوثها فالسلم باطل لانها منقطعة في الحال وڪونها موجودةوقت العقد شرط وفي الخلاصة وڪذا لواسلم على صوف غنم بعينها اوالبانها اوسمنها قبل حدوثها او ممن حادث لايدرى بقاءه وفي الجوهره لواسلم في حنطة حديثة اوذرة جديدة لم يجز. 12 نهر فائق من بياض مخدوم ﷴ هاشم. ترجمه: شرح طحاويء ۾ آهي ته جيڪڏهن نئين ڪڻڪ ۾ ان جي پيداٿيڻ کان اڳي ٻول ڪيائين ته اهاٻول باطل آهي ڇو ته اها ڪڻڪ هن وقت غيرموجود آهي ۽ ان ڪڻڪ جوعقد (ٻول) وقت موجود هجڻ شرط آهي. ۽ خلاصي ۾ آهي ته اهڙيطرح ٻول باطل آهي ان صورت ۾ جو جيڪڏهن مقرر رڍ جي ڏاس(پشم) يا ان جوکير يا ان جي گھه تي ان جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ٻول ڪيا ئين يا ان شئ کان جو نئين پيدا ٿيندڙ آهي ان جو باقي رهڻ معلوم نه آهي ته اها ٻول به باطل آهي. جوهره نيره ۾ آهي ته جيڪڏهن نئين ڪڻڪ يا نئين جؤر ۾ ٻول ڪيائين ته جائز نه آهي. نهرِفائق. ڪتاب الرهن قال الشيخ الامام فخرالدين ﷴبن محمود المرتهن اذازرع في الارض المرهونة واباح الراهن الانتفاع له لايجب شئ وان لم يڪن الانتفاع مباحا يجب عليه نقصان الارض وضمان الماء ان ڪان من قناة مملوڪة ڪذا في الجوهرة.12 ووجدت فيه هذه الروايه بعينه.ﷴعارف عفي عنه . ترجمه. شيخ امام فخرالدين ﷴبن محمود چيوته جنهن وٽ زمين گروي رکيل آهي ان گروي رکيل زمين ۾ پوک پوکي ۽گروي ڏيندڙ شخص ان جو نفعو وٺڻ جائز ڪيو ته ان گروي رکندڙ شخص تي ڪاشئ واجب نه آهي ۽ جيڪڏهن نفعو وٺڻ جائز نه ڪيوته ان گروي رکندڙ شخص تي زمين ۽ پاڻيٻ جو نقصان ڀري ڏيڻ واجب آهي. جيڪڏهن ملڪيت واري نالي (اڏ) جي پاڻيء کان آهي. جوهره. خزانة العلماء .. مون جوهره کي مطالعه ڪيو ان ۾ هي روايت لڌم .ﷴعارف. ڪتاب الاقرار. ماقولهم رض اندرآنچه خاڪد مثلا نزدڪسي غير قاضي اقرار بحق عمرو نمود ايا اين چنين اقراردرغيرمجلس غير قضا قاضي صحيح است يانه؟ بينوا توجروا. شرعا ظاهرآنست ڪه اين اقرار صحيح است وحاجت بحضور مجلس قضا قاضي ندارد اما الاقرار فلا يفتقر الى القضاء.12 چلپي بعينه. في الاقرار تحت قول المصنف لاانشاءه .12 مهرﷴ من عباد الرحمان مهر احمد .12 ﷴعاقل عفي عنه .12.ترجمه علماء جوقول ڇاآهي، هن باري ۾ ته مثلا خالد غيرقاضي وٽ عمرو جي حق جواقرارڪيوته ڇاهي اقرار غير مجلس قضاقاضي ۾ صحيحآهي يانه؟ بينوا توجروا. جواب. شرعا ظاهرهي آهي ته اقرارصحيح آهي.۽مجلس قضاقاضي جي حاضر ٿيڻ جي ضرورت نه آهي، باقي اقرار اهوقضاءقاضي جومحتاج نه آهي. چلپي خود . مهرﷴ من عبادالرحمان مهر احمد 12 ﷴ عاقل عفي عنه. 12 باب الدعوى. اگرزيدبرعمرودعوى نمايد ڪه زمين مزرعه ڪه دردست تحت ملڪ من مي باشد ومراهرفصل وسال مالڪانه آن بهم دادهء ايادرينصورتاگرزيد بينه برملڪ يابردادن مالڪانه عمرو گذارد ويرابايدشنود.12 بينه براثبات ِ ملڪ است فقط نه بردادناجره آنلمافيفتاوى قاضي خان رجل ساڪن في داراقرانه ڪان يدفع الىفلان غلة هذاالدار ثم قال الدارداري وذڪرالناطقي ان هذه رواية ابن سماعه عن ﷴ وفي رواية هشام عنه يڪون اقرارا انتهى. نقلت من بياض مخدوم ﷴهاشم. وهو ناقل عن بياض مخدوم حامد اگھمي.12 باب الدعوى. ترجمه. جيڪڏهن زيدعمرو تي دعوى ٿوڪري ته پوک جي زمين جيڪا منهنجي قبضي ۽ ملڪيت ۾ آهي ۽ مون کي هرفصل سالانه مالڪاڻو حصوڏنئي ڇاهن صورت ۾ جيڪڏهن زيد ملڪيت ياعمرو جومالڪاڻو حصوڏيڻ تي شاهد قائم ڪري ته ان کي ٻڌبو؟ بينوا توجروا. جواب. شاهد صرف ملڪيت جي ثابت ڪرڻ تي ٿيندو، ان جي اجرت جي ڏيڻ تي نه. فتاوى قاضي خان ۾ آهي تههڪ شخص پنهن جي دوستن جي گھي۾ رهيوفلاڻي کي هن جوغلو(ڪرايو) ڏيندوهو،پوء چيائين ته هي گھر منهن جو گھرآهي ۽ ناطقي ذڪرڪيوته هي روايت ابن سماعه جي امام ﷴ کان آهي.۽ هشام جي روايت امام ﷴ کان تههي اقرارچئبو مخدوم ﷴ هاشم جصي بياض کان نقل ڪيم. ۽هومخدوم حامد اگھمي ءکان نقل ٿوڪري. باب الهبه. ولوڪانت المرءة تدفع لزوجهادراهم عندالحاجة الى النفقه اوشئ اخر وهوينفقه على عياله ليس لها ان ترجع بهاعليه. جامع الفتاوى نقل من بياض مخدوم ﷴهاشم. متفرقه . في المفروق ان من وضع درهما اودابة اوثورا اوغيره على قبرالمشائخ اوالعلماء ڪان مباحا لمن اخذه اي ااااااااالفقراء الا اذانوى خادما معينا.12 من رساله ﷴقاسم تتهر متفرقه. يجوزالنوم والاڪل والشرب في المسجد بدون الاعتڪاف. 12 خلاصه(1) طالعت الخلاصه في باب الاعتڪاف واحڪام المسجد في ڪتاب فلم يوجدعبارة هذه التي وجدت في الوقف النوم في المسجد مباح والتي وجدت في الاعتڪاف وياڪل ويشرب في معتڪفه وينام في المسجد وان ڪانت في موضع اخر من الخلاصه لم اطلع عليه والله اعلم بالصواب .12 حرره مفتي ﷴ عارف.باب الهبه .س ترجمه.جيڪڏهن زال پنهن جي مڙس کي ضرورت وقت خرچ لاءپئيساڏئي ياٻيوڪجھ ته پنهن جي عيال تي خرچ ڪري ته اها عورت مڙس کان پئيسا ياٻيوسامان موٽائي وٺي نه ٿي سگھي . جامع الفتاوى . بياض مخدوم ﷴهاشم. متفرقه. مفروق ۾ آهي ته جنهن شخص پئسا ياجانور ياڍڳوياٻيوڪجھ بزرگ ياعالم جي قبر تي رکيو ته اهي پئيسا وغيره جنهن کي به مليا (فقيرغريب هجي) ته اهي ان لاءاستعمال ڪرڻ جائز آهن.مگرته جڏهن ڏيندڙ شخص مقررخادم جي نيت ڪئي هجي. (1) رساله ﷴقاسم تتهر . (1)هن وقت اوقاف وارن ان بزرگ جي مزار جي مصلحت خاطر پيٽي رکي آهي جنهن جي ڪري اتان جي خرچ ۾ هي پيسو استعمال ڪيوٿووڃي ان لاء اهوهديو پيٽيء ۾وڌووڃي ته بهترآهي مگرجڏهن معلوم ٿئي ته حڪومت ان جو ناجائز استعمال ڪري ته پوء پيٽيء ۾ نه وجھي. متفرقه.ننڊڪرڻ ۽ کائڻ، پئڻ مسجد ۾بنان اعتڪاف جي جائز آهي. خلاصه خلاصي جي باب الاعتڪاف ۽احڪام مسجد ۾ ڪتاب ۾ مطالعه ڪيم ته عبارت نه ملي. هي وقف ۾ لڌم ته ننڊڪرڻ مسجد ۾ جائز آهي ۽ جيڪواعتڪاف ۾ لڌم سوهي آهي، ۽ کائيدو ۽ پئندو پنهنجي اعتڪاف جي جاء مسجد ۾ ننڊڪندو۽ جيڪڏهن خلاصي جي ٻي جاء تي آهي ته ان جي مون کي خبر نه آهي. حرره مفتي ﷴ عارف. باب احياء الموات. وفي الجوهرة النيره. ومن احياها بغيراذن الامام فعندابي حنيفة? الاولى للامام ان يستردها منه وهذاذترڪ الاستيذان جهلا امااذاترڪها تهاونا بالامام ڪان له ان يستردها زجراله انتهى. رساله مخدوم حامد بياض مخدوم ﷴ هاشم. من الروضة الناطقيه من احيى ارضا مملوڪة فهو احق باستعمالها مالم يترڪ وليس للاول اخراجها من يده .12 مهر قاضي خير الدين مهر ﷴ رضا مجاور . باب الاشربه جي حاشيه ۾ آهي. حضرت استاذنا مخدوم عثمان متعلوي نوشته اند ڪه هيچ نهايت بولايت سن نرسيده . وهو تعالى اعلم ﷴ عفي عنه. باب الاشربه. چون از نص قرآن معلوم شد ڪه شير حلال است وباعطاء آن جهة خوردن وآشاميدن حضرت جل وعلى منت عظيم نهاده است بربندهاءي خويش وپنوس ڪه آنرا بلغت غرب لباء گويند در فرس فله ناميدند شير است ڪه عقب ولادت دوشيده مي شود چنانچه از ڪتبهاء لغت معلوم است بس حڪم او حڪم شيرباشد واز زمانِ سابق تاحال درعصرعلماء اعلم واورع وافقه درديار هيچ ڪس راازخوردن آن است نڪاف نڪرده .12 تحرير مخدوم بايزيد ?. باب احياء الموات. ترجمه. جنهن شخص زمين امام جي اجازت کان سواء آباد ڪئي ته امام ابوحنيفه ? وٽامام لاء بهتر آهي ته ان شخص کان اها زمين واپس وٺي ، هي ان صورت ۾ آهي جڏهن هن امام کان اجازت بي زبري ء ڪري نه ورتي پر جڏهن سستي بي پرواهيء ڪري امام کان اجازت نه ورتائين ته امام ان کان جھڙڪڻ لاء زمان واپس وٺي. رساله مخدوم حامد اگھمي. بياض مخدوم ﷴهاشم. روضه ناطقيه ۾ آهي ته جنهن شخص مملوڪه زمين آباد ڪئي ته اهو ان زمين جي استعمال جو وڌيڪ حقدارآهي، جيستائين اهازمين نه ڇڏي ۽ پهرين کي حق ٿو پهچي جواها زمين ان شخص جي هٿ مان ڪڍي. مهر ﷴ رضا مجاور. باب الاشربه. جڏهن نص مان معلوم ٿيو ته کير حلال آهي ۽ ان جي عطاء ۽ کائڻ پئڻ سان الله تعالى جو پنهن جي ٻانهن تي وڏو ٿوروآهي .۽ ان جي پس(کڙ) جنهن کي عرب لباء ٿاچون جو ٻچي پيداٿيڻ کانپوء کير ڏڌو ويندوآهي جئن لغت جي ڪتابن مان معلوم ٿوٿئي. پوء ان جو حڪم کير جو حڪم آهي ۽ اڳئين زماني کان هن زماني تائين متقي پرهيزگار علماء جي زماني ڪنهن به زماني ۽ ملڪ ۾ ان جي کائڻ پئيڻ کان ڪنهن به شرم نه ڪيو. تحرير مخدوم بايزيد ? باب اليمين. آنچه از عبارات ڪتب معتبره واستفتهائ علماء سابقين مستفاد مي گردد، ملخص آن است ڪه چون شخصي گفت ماسوگندشرع است پرسيده شود اوراازنيتِ او پس اگفت ڪه مرادِمن طلاق بود يڪي طلاق بائن واقع شود مگرآنڪه نيّت سه طلاق داشته باشد آنگاه هرسه واقع شوند واگرگفت مرادِ من حلفِ بشرع بود هيچ لازم نيايد چون حلف بغير از ذات وصفات حلف نباشد شرعا واگر از بيان ساڪت ماند اگر آمردعامي است واستعمال اين عبارت درطلاق متعارف عوام آن ديار نيز باشد يڪ طلاق واقع والّالا وعلماء اين عصر بثبوت اين تعارف رادرعوام سند قائلند ودرصورتيڪه شخصي تڪرار اين لفظ سه بارنمود باآن دومرتبه اخيرهچيزي واقع نشود اصلا اذالبائن لايلحق البائن والله سبحانه اعلم وعلمه احڪم وحڪمه اعظم .12 ﷴ هاشم عفي عنه نقلا من بياض من عينه . ليڪن صاحب نحر رائق افاده نمودڪه آنچه علماء گفته اند ڪه در ڪفايه متعارفه طلاق واقع گردد بلانيت مراد وقوع درقضاءست واما ديانة بغيرواقع نگردد انتهى ماافادهﷴهاشم عفي عنه . نقل من بياَ بعينه . عامي سوگند شرع خورده ومي گويد ڪه قصدِمن تعظيمِ شرع بود مصدق است يانه؟ اگر استعمال عبارتِ مذڪوره درطلاق متعارفِ عوام اين ديار باشد پس اين عبارت راڪه عامي مذڪور گفته حمل برطلاق بايد ڪرد واگر عامي مذڪورگويد مراقصدِ تعظيم شرع نه قصدِطلاق مصدقاست. چه ڪلام رابرحقيقتِ غير مهجوره حمل مي ڪنند واين نيت رااعتبار ڪرده اند برين تقدير واگرشرع مقسم به داشته باشد حنث لازم نمي آيد چه قسم بدين وشرع وامثالِ آن ازغيرذات وصفات يمين نيست واگر مقصودش اين بوده ڪه مراسوگندشرعي است حانث مي شود وبروڪفارت است. والله اعلم بالصواب. مخدوم مصلح االدين لاري قدس سره. نقل من بياضمخدوم ﷴهاشم من عينه . ولوقال ڪل حل عليّ حرام فهوواقع على الطعام والشراب للعرف الّاان ينوي غير ذالڪ والفتوى اليوم على ان تبين امرئته بلانيه لغلبة الاستعمال فيه. والتناقض يمنع قبول البينه الااليمين . بياض مخدوم ﷴهاشم . ترجمه باب اليمين . جيڪومعتبر ڪتابن جي عبارتن ۽اڳين عالمن جي فتوائن مان حاصل ٿوٿئي ان جوخلاصوهي آهي ته جڏهن ڪنهن شخص چيوته مون کي شريعت جوقسم آهي، ان کان ان جي نيت بابت پڇيو ويندو؟ پوء جيڪڏهن چيائين ته منهن جي مراد شريعت جوقسم هيوته ڪجھ به لازم نه ايندو ڇوته شريعت ۾ قسم الله تعالى جي ذات ۽صفات کان سواء ڪنهن جو قسم نه ٿيندو جيڪڏهن بيان کان خاموش رهيو ته جيڪڏهن اهوعام شخص آهي ۽ هن لفظ جواستعمال طلاق ۾ ان ملڪ جي عوام جي عرف ۾ هوندوته هڪ طلاق بائن نه تهنه ۽ هن زماني جاعلماء هن تعارف طلاق جي ثبوت جا سنڌ جي عوام ۾ قائل آهن. ۽ ان صورت ۾ جوڪوشخص هن لفظن جو 3 ڀيراتڪرارڪري ته پوين ٻن ڀيرن سان ڪاطلاق نه ايندي ، ڇوته بائن بائن سان نه ملندي . ﷴهاشم . نقل خودان جي بياض کان . پر صاحب بحرِرائق فائدو ذڪر ڪيوته جيڪوعلماء چيوآهي ته ڪفايه ۾ بنان نيت جي متعارف طلاق ايندي ان مان مراد قضا فيصلي ۾ آهي باقي ديانة (مابين الله وبين عبده) بان نيت جي طلاق واقع نٿيندي. ﷴ هاشم. بياض خود . عام شخص شريعت جوقسم کنيو ۽ چئي ٿوته منهن جوارادو شريعت جي تعظيم هئي ان جي تصديق ڪبي يانه ؟ جواب . جيڪو ذڪر ڪيل لفظن جواستعمال طلاق ۾ هن ملڪ جي عوام جي عرف ۾ هوندو ته پوء طلاق ايندي، جيڪڏهن عامي شخص چئي ٿوته منهن جو مقصد شريعت جي تعظيم هئي ، نه طلاق جوارادو ته ان جي تصديق ڪبي، ڇوته ڪلام کي نه ڇڏيل حقيقت تي حمل ڪبو ۽هن صورت ۾ هن جي نيت جواعتبارڪبو ۽ جيڪڏهن شريعت مقسم به ڪيو هوندائين ته حنث لازم نه ٿيندو. (قسم نه ٽٽندو.) ڇوته قسم دين ۽ شريعت ۽ ان جي مثال سان الله تعالى جي ذات ۽ صفات کان سواء سان قسم نه آهي ۽ جيڪڏن ان جومقصد هي آهي ته مون کي شرعي قسم آهي ته حانث ٿيندو (قسم ڀڄي پوندو) ۽ ان تي قسم جوڪفاروآهي. مخدوم مصلح الدين لاري قدس سره . نقل من بياض مخدومﷴهاشم. ۽ جيڪڏهن چيائين ته هرحلال شئ مون تي حرام آهي ته عرف عام جي ڪري اهي لفظ کاڌي پيتي تي پوندا ( ان تي کاڌو پيتو حرام ٿيندو) مگر ته اب لفظن سان ٻي شئ نيت ڪري ، اڄ فتوى هن تي آهي تهبنان نيت ڪرڻ جي ان لفظن چوڻ سان ان شخص جي زال ان کان جداٿيندي(ان کي بائن طلاق ايندي) ڇوته هي لفظ اڪثراستعمال ۾ زال جي جدائيء لاء استعمال ٿينداآهن ۽ تناقض شاهد جي قبول ٿيڻ جو مانع آهي. مگر قسم.بياض مخدوم ﷴهاشم. باب الاقرار. ڇاٿافرمائن علماء ڪرام هن صورت ته زيد مثلا عمرو جي حق جوقاضيء اڳيان اقرارڪيو۽قاضي مذڪور ان وقت حڪم نه ڪيو هاڻي جيڪڏهن زيدعمروجي حق جو انڪاري ٿئي ته قاضيء کي حق پهچي ٿوته مٿين علم مطابق زيد جي اقرار مطابق عمرو جي حق جوعمل ڪري فيصلوڏئي عمرو جوحق لازم ڪري زيد تي يانه؟بينوا توجروا جواب شرعا ظاهرآهي ته قاضيء کي حق نه ٿوپهچي ته پنهن جي علم ڪري زيد جي حق جو عمرو تي لازم قرار ڏئي. لان الفتوى علىعدم العمل بعلم القاضي في زماننا ڪمافي جامع الفصولين. ڇوته اسان جي زماني ۾ فتوى هن تي آهي ته قاضيء جي علم تي عمل نه ڪيو وڃي جئن جامع الفصولين ۾ آهي. والفتوى على قول ابي يوسف فيمايتعلق بالقضاء ڪما في القنيه والبزازيه. اشباه . من عينه من عباد االرحمان ﷴ احمد ﷴ عاقل. ترجمه. فيصلي متعلق مسائل ۾ امام ابويوسف جي قول تي فتوى ڏني ويندي. متفرقه.لايزال اهل الاسلام يبتهجون بشير مولدهٖﷺ ويعملون الولائم ويتصدقون في ليالي بانواع الصدقات ويظهرون السرور ويزيدون في الميراث ويعتنون بقراءة مولده الڪريم ويظهر عليهم من برڪاتهم ڪل فضل عظيم. مواهبِ لدنيه في مقصد اول . من بياض مخدوم ﷴهاشم. متفرقه. ڇاٿافرمائن علماء دين هن مسئلي ۾ ته مسلمان هندوء سان ڳالهائيندي سنڌيء ۾ چيوته جوئي هي مرئي ڪم شيطان جا ڪرين اوهان ڪافرن جا آهن يعني هي سڀ ڪم شيطان گريء جا توهان ڪافرن جا آهن هندوء جواب ۾ سنڌيء ۾ چيوڪافر کووان ڇڏي ڪافر نه آهيون واڻياآهيون يعني ڪافر ماڻهوء کي توهان ڇڏيوآهي اسان ڪافرنه آهيون هندوآهيون،هن چوڻ سان مذڪور قائل مسلمان ٿيندويانه؟بينواتوجروا. جواب هن صورت ۾ اهو هندو ٻن ڪلمن ڳالهائڻ سان مسلمان ٿي وري مرتد ٿيو اسان ڪافر نه آهيون مسلمان ٿيو ،ظاهرآهي وري چيائين اسان هندوآهيون مرتدٿيو. مهر قاضي شيخ ﷴ مهر قاضي عبدالرحمان مهر قاضي عبدالمنعم ، عبدالغفار، غلام ﷴ عثمان احمد محتسب. ڇاٿافرمائن علماء هن مسئلي ۾ ته هندو شخص مسلمان کي چئي ٿوته هي اسان جوڀاء آهي ڇا ان کي اسلام جوحڪم ڏبويانه؟ بينوا توجروا . جواب هن چوڻ سان اهوذمي مسلمان ٿئي ٿو دليل بعد ، مهر خيرالله مهر قاضي شيخ ﷴقاضي ﷴ حسن مهر قاضي عبدالرحمان. لمافي التلويح اذاقال هذا اخي يحتمل الاخوة في الدين والاتحاد في القبيله والاخوة في النسب .انتهى. في المقاليد وعندالاحتمال يرجح جانب الاسلام لانه يعلو ولا يعلى. مفرقه .ترجمه. هميشه اهلِ اسلام حضرت ﷴ مصتفى ﷺ جي ولادت تي خوش ٿاٿين ۽ ان خوشيء ۾ کاڌاتيار ٿاڪن ۽ ولادت رات مختلف قسمن جا صدقاٿاڏين ۽خوشئ جواظهارٿاڪن ۽ ميراث ۾ اضافوٿاڪن ۽ حضورﷺ جي ميلاد پڙهڻ طرف توجه ٿاڏين ۽ ان جون برڪتون وڏوفضل انهن تي ظاهر ٿوٿئي. مواهب لدنيه مقصدِ اول. بياض مخدوم ﷴ هاشم. متفرقه . آخر ۾ آهي، وقدقال في الاختيار والبحر الرائق ڪل مااثر في قدح الشهاده اثرفي قدح استماع الدعوى ايضا في جميع ذالڪ لان فرض عدالته ينفي توهم التلبس. ترجمه. تلويح ۾ آهي جڏهن چيائين هي منهن جوڀاء آهي ان ۾ احتمال آهي ديني ڀاء هجڻ جو ۽ قبيلي جي هجڻ ۽ نسب ۾ ڀاء هجڻ جو. مقاليد۾ آهي احتمال وقت اسلام جي طرف کي ترجيح ڏبي ڇوته اسلام غالب ٿيندو ، مغلوب نه ٿيندو . اختيار۽ بحرالرائق ۾ چيائين ته هرشئ جنهن شاهديء جي جرح ۾ اثر ڪيو ان دعوى جي ٻڌڻ ۾ ۾ به سڀ ۾ اثرڪيو ڇوته ان جي عادل هجڻ جوفرض ڪرڻ التباس(گڏجڻ) جي وهم جي نفي ٿوڪري . اه مهر عبده سيوسي جيلاني مهر قاضي خيرالدين ، قاضي عبدالرحمان مهرڪرم الله فينا، مهرﷴڪامل عفي عنه مهر عبد الرحيم مهر ﷴ عاقل، احمد محتسب ، مخدوم روح الله، دستخط، سيد صالح اسماعيل ، دستخط ﷴ معصوم ، عبدالله. حوالا. 1. الرحيم مشاهير شاه ولي الله اڪيڊمي، حيدرآباد. 2. المنجد . اردو عربي لغت دارالاشاعت ، ڪراچي . 1994 3. معجم الاشرف. عربي اردو فارسي لغت سيمينار لائبريري انسٽيٽيوٽ آف لينگويجز. سنڌ يونيورسٽي ، ڄام شورو. [①] طلاق آڱر جي اشاري سان نه ايندي آهي جيستائين زبان نه چوي باقي گونگي جي طلاق اشاري سان ايندي، جواُن جواشاروقول جي قائم مقام آهي، جئن حديث ۾ آهي ته گونگي آسمان طرف اشاروڪيو ته اُن تي مسلمان هجڻ جوحڪم لڳايوويو جئن هڪ ٻانهيء کي ڪفاري ۾ آزادڪرڻ جوارادوڪيوويو(جيڪاگونگي هئي) اُن کي حضورﷺ جن فرمايو، اين الله (الله ڪٿي آهي؟ )اُن ٻانهيء هٿ سان آسمان طرف اشاروڪيو ته الله مٿي آهي ته حضور ﷺ جن فرمايوته اِهاٻانهي مسلمان آهي ان کي آزادڪر. الفتاوى الﷴيه في الاحڪام الاحمديه ص470. [②] هن زماني ۾ دستاويز ضروري آهي نه ته اها بيع مڪمل نه ٿيندي نه لکت ڪري نقصان ٿين ٿا.
جواب: بياض مخدوم عارف سنائي? جي چونڊ مسئلن جوترجمو۽ تحقيق. ممتاز صاحب وڏي مهرباني توهان جي تمام سٺي محنت آهي
ادا ممتاز صاحب السلام عليڪم عرض ته اهو بياض اسان کي فوٽو ڪاپي جي صورت ۾ ملي ويندو ؟ جواب جي اميد آهي۔