تنهنجي ياد جي وري آهي وير! (ڊاڪٽر عبدالله ورياهه جي ورسيءَ تي هڪ تاثر) سيد محسن علي شاهه بخاري اهو 14 جنوري 1998ع جو ڏهاڙو هو ۽ رمضان المبارڪ جو سورهون روزو، حسب معمول فجر جي نماز بعد، تلاوت ڪلام پاڪ ڪري، او کا پوکا پلي، ڪراچي وڃڻ لاءِ تيارين ۾ لڳي ويس ته جيئن مئگزين جو رهيل ڪم پنهنجي اکين آڏو مڪمل ڪرائجي. ٻن هفتن کان روزي سان سڄو ڏينهن هڻ هڻان ڪرڻ ۽ رات جو به پورو آرام نه ڪرڻ سبب ان ڏينهن اٿڻ سان ئي چڪر اچڻ لڳا هئا پر پوءِ به ان طرف ڪوبه ڌيان ڪونه ڌريم ۽ پنهنجي ڌن ۾ مست رهيس. پتو تڏهن پيو جو اوچتو ٻئي پير نڪري ويا ۽ اتي جو اتي ڪمري اندر وڃي چوٽي ڀر ڦهڪو ڪيم، اٿڻ لاءِ پوءِ به وڏا وس ڪيم پر سڀ بي سود ثابت ٿيا. ڇو جو کاٻو پاسو پوري جو پورو صفا نستو ٿي چڪو هو. تان جو منهنجو پاڙيسري ۽ ڀائرن جهڙو پيارو دوست سيد اقبال علي اچي پڇڻ لڳو ته: ڪهڙي ڊاڪٽر کي وٺي اچان؟ چيو مانس تون ڊاڪٽر کي ڇڏ، صرف عبدالله ورياهه کي وڃي اطلاع ڪر ان وقت اتفاق سان ورياهه صاحب به تيار ٿي ڪاڏي وڃڻ لاءِ گهر کان هر نڪتو پئي ته مٿان اقبال علي به وڃي سلام ڏنس. پوءِ ته پاڻ پنهنجا سارا ڪم ڪار ڦٽا ڪري، ڊاڪٽر غلام علي عمراڻي کي ڪار ۾ کڻي ڏهن منٽن اندر اچي مون وٽ رسيو. ان وچ ۾ حيدرآباد مون واري ڀاءُ مظهر کي پڻ فون تي اطلاع ڏئي ڇڏيو هئائين. ان سان گڏ ايمبولينس جو بلو پڻ پاڻ ڄاڻو ڪيو آيو. جنهن ۾ مون کي اول حيدرآباد جي راجپوتانه اسپتال ۽ اتاهون وري ان ئي ڏينهن ڪراچي لياقت ميموريل هاسپيٽل اندر پهچايو ويو. عبدالله خان پهريان ٻه ڏينهن ته پاڻ به مون وارن ڀائرن سان گڏ اتي اڀ پيرو بيٺو رهيو پر هڪ هفتي بعد جڏهن اتان نڪري ڪراچي ۾ ئي پنهنجي ڀاءُ عباس جي گهر رهڻ لڳس ته پوءِ به پاڻ ڀيرو نه ڀڳائين ۽ هر هفتي سار لهڻ لاءِ ٽنڊي آدم مان ڪهي اچي ڪراچي رسندو هو. خاص ڳالهه ته اچڻ وقت ٽنڊوآدم مان ڊاڪٽر عزيز انصاري يا ٻيو ڪو دوست ۽ حيدرآباد مان وري عطا محمد ڀنڀري کي پاڻ سان آڻڻ ڪونه وساريندو هو. سڄو ڏينهن ڪچهري ڪري، شام ڌاري وري سڀني کي ساڻ ڪريو، خير سلامتي سان وڃيو سندن آستانن تي رسائيندو هو. پورو سال جيڪو بيماري سبب ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پاڻ وارن ڀائرن وٽ رهيس سو سمورو عرصو هفتيوار سار لهڻ سندس معمول رهيو ۽ سواءِ ڪنهن اهڙي مجبوري جي ڪڏهن ڪا گهاري ڪانه وڌائين پر هاڻ اهي سار لهڻ وارا ساهه سيباڻا سپرين، اکڙيون وري الائي ڪڏهن وڃي پسن، ڇو جو؟ مارُو ڳـُڻن ساڻ ويڙا ٿر اُڪريِ پنهنجي ڏيهه جو هڪڙو ڏاهو انسان ۽ جهونڙو سياستدان، جيڪو پنهنجي ڏاهپ ۽ دانائپ ڀريل گفتن سبب سياستدان گهٽ پر فلاسفر وڌيڪ لڳندو آهي، تنهنجو ڳپل سال اڳ هڪ رسالي ۾ انٽرويو پڙهيو هئم، جنهن جو خاص طور هي جملو ته ڏاڍو عجيب ۽ غريب لڳ هئم، جيڪو گهڻن سالن گذرڻ بعد به وساري نه سگهيو آهيان. آئون ڪنهن به بيمار کان پڇڻ ڪونه ويندو آهيان پوءِ ڀل ته اهو ڪيترو به ويجهو عزيز يا پيارو دوست ڇو نه هجي. ڇاڪاڻ ته منهنجي ڪمزور دل لاءِ ڪنهن کي به تڪليف واري حالت ۾ ڏسڻ برداشت کان ٻاهر هوندو آهي. مون کي هاڻ هن بيماري دوران اهو احساس ٿيڻ لڳو ته منهنجي ملڪ ساڻيهه سنڌ اندر ڪمزور دل وارن ماڻهن جو انگ جهڙوڪ ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. جڏهن ته عبدالله ورياهه مضبوط دل جو مالڪ هو. پاڻ جڏهن به ڪنهن دوست متعلق ڪجهه به ٻڌندو هو ته ان وقت ئي وٽس رسڻ جي ڪوشش ڪندو هو. جنهن لاءِ سندس چوڻ هو ته دراصل دوست اهو ئي چئجي جيڪو اوکي سوکي ۾ سار لهندو اچي، پر جي ڪو ڪنهن سبب سوکي ويل نٿو رسي سگهي ته پوءِ به مڙئي خير باقي اوکي ويل ته خبر ٻڌڻ شرط هر حال ۾ وٽس رسڻ گهرجي. ڇو جو اها ئي آزمائش واري گهڙي هوندي آهي. دوست سڏائي سڀڪو، جاني زباني آهي آساني، ڪم پئي ته ڪل پئي. سنڌي زبان جو ناميارو محقق ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا جڏهن اسلام آباد ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جو وائس چانسلر هو، تڏهن سندس حيدرآباد واري گهر مان جيڪو حر ڪالوني لڳ اڃا نئون خريد ڪيو هيائين اتاهون رات جي وقت ڪي شهيد ڀت ٽپي ڪافي قيمتي سامان ٻهاري ويا. اهڙو اطلاع الانا صاحب جي وڏي پٽ ٽنڊو آدم فون تي صبح سوير عبدالله خان کي ڏنو پوءِ ته پاڻ اهڙو ٿي ويو جهڙوڪ چوري ئي سندس پنهنجي گهر جي ٿي هجي. ان ئي وقت تيار ٿي وڃي حيدرآباد نڪتو. پهچڻ سان اول ته وڃي گهر ڀاتين کي آٿت ڏنائين ۽ پوءِ پاڻ نامعلوم چورن پٺيان ور کڻي ڪاهي پيو. مالڪن کي ڪو نه مليو تيتر پاڻ هڪ ڏينهن به سک ٿي ڪين ويٺو هر روز صبح سان حيدرآباد رسي اوسطيدار آفيسرن ۽ مختلف ماڻهن سان ملي اها ڄاڻ رکڻ ته معاملو ڪيتري قدر اڳتي وڌيو. رات جو وري سڄي ڏينهن جو رپورٽ فون تي اسلام آباد الانا صاحب کي پهچائڻ اهو سندس هر روز جو معمول هو. بس اهي ئي اهي ڳڻ ۽ ڳالهيون آهن جن کي هر ڪو ياد ڪري اڄ ويٺو کيس ساري. هوڏانهن ڊاڪٽر الانا صاحب جهڙو کرو ۽ کهرو شخص جيڪو ڪنهن جي به شخصيت کان تمام گهٽ متاثر نظر ايندو آهي سو به وڏي واڪي اها ئي پيو هام هڻي ته پوري پاڪستان اندر جي ڪوبه سندس دوست آهي ته اهو فقط عبدالله ورياهه آهي. اهڙو اظهار ڊاڪٽر صاحب پنهنجي هڪ واقفڪار کي موڪليل خط ۾ ورياهه صاحب جي جيئري ڪيو هو. جيڪو بعد م ڪنهن اخبار يا رسالي ۾ پڻ ڇپيو هو ۽ اهو مرحوم پاڻ مون کي پڙهايو هو. ان بعد مرحوم جي وفات وقت الانا صاحب جڏهن ٽنڊو آدم آيو هو تڏهن تڏي تي پنهنجي لکيل تعزيتي رمارڪ ۾ پڻ اهو ئي حوالو ڄاڻايو هئائين. ڊاڪٽر الانا صاهب جي اها خوبي چئجي يا خامي جو هوڪا به ڳالهه اندر ۾ لڪائي ناهي رکندو. بس جيڪي به ڪجهه من ۾ موجود هوندو اٿيس سو سڀن اڏو اوڳاڇي ڇڏيندو آهي. رک رکا يا مصلحت واري سياست مان بنهه ڪين ڄاڻي. سندس رمارڪ تان ڪو رنج رهندو يا راضي ان جو اونو ڪونه ڪري بس اهو ئي سبب آهي جو ساڻس گڏ گهمڻ ۽ هر ڳالهه تي ها ۾ ها ملائڻ وارا به پرپٺ جا ڪونه هوندا آهن. جڏهن ته مرحوم عبدالله ورياهه وري سندس خلاف، پرپٺ ته ڪنهن جي به واتان ڪو لفظ به ٻڌي نه سگهندو هو. باقي منهن سامهان سو سچ جا لفظ حجت هلائيندي اڪثر اوقات ٻڌائي ڇڏيندوهئس. ياد ٿو پئيم ته ٿر سيمينار جي موقعي تي مٺي ۾ ڊاڪٽر ماڻڪ جي جڳهه تي مرحوم عبدالله ورياهه سان گڏ ڊاڪٽر غلام علي الانا،ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل، پروفيسر محمد خان ٻرڙو، بابر سومرو ۽ آئون ترسيل هجون. صبح جو وقت هو سڀئي ساٿي سيمينار ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيارين ۾ هئاسون جو اتي ڳاليهن ڪندي الانا صاحب ڪا اهڙي ڳالهه ڪڍي ورتي جا ورياهه کي ڪانه آئڙي ۽ کيس مخاطب ٿي چوڻ لڳو. ”سائين منهنجا! معاف ڪجو الائي ڇو مون ته اوهان جي پرپٺ ٻين کي ته ڇڏيو پر خود اوهان جي ويجهن دوستن واتان به اوهان لاءِ ڪڏهن ڪي چڱا لفظ ناهن ٻڌا“ ورياهه صاحب واتان اوچتو اهڙو رمارڪ ٻڌڻ ۽ اهو به الانا صاحب لاءِ اتي موجود اسان ٽيئي(ٻرڙو، سومرو، سيد) ته حيراني جي عالم ۾ ٻنهي کي تڪيندا رهجي وياسون. جيڪي ٻئي ويٺا به ته هڪ ٻئي جي ويجهو ئي هئا جڏهن ته مغل صاحب جيڪو عام طور ادبي ميڙاڪن ۾ الانا صاحب سان گڏ ئي ڏسبو آهي ۽ ان ڏينهن به حيدرآباد مان ٻئي گڏ نڪتا هئا ۽ وري واپس به ته ٻنهي کي هڪ ئي گاڏي ۾ وڃڻو هو. سو ان وقت ڪجهه وٿيڪو ويٺو هو ۽ شيو ڪرڻ ۾ مشغول هو، تنهنجو هڪ هٿ ته اڳي ئي سيفٽي ۾ سوگهو هو، باقي ٻيو لوڏي به رهيو هو ۽ پنهنجي منهن پري کان صرف اهو ئي چيو ته سائين مان نه سائين مان نه“ سندس اهڙي پريشاني، ورياهه صاحب کي ڏکي لڳي ۽ کيس دلجاءِ ڏيندي چوڻ لڳو: ”پر سائين! اوهان اجايو ڇو ٿا پريشان ٿيو، آئون اوهان لاءِ ته ڪجهه به ڪونه چوان، پر هڪڙي عام ڳالهه ٿو ڪريان“ دراصل عبدالله خان ورياهه ان ڏينهن اها ڳالهه اتي اڌوري ڇڏي ڏني جيتوڻيڪ حقيقت هن ريت آهي ته جڏهن به ڪو محقق دوست ڪٿي ملندو هو ته سڀ کان اول سندس ٿيسز بابت ئي پڇندو هو ته هاڻ اهاڪٿي پهتي؟ جنهن جي جواب ۾ پاڻ هر ڪنهن کي عام طور اها ئي ورندي ڏيندو هو ته: ”بس سائين لڳا پيا آهيون انشاالله هاڻ ستت ئي پڄاڻي پهچائبس“ ان جي موٽ ۾ کيس گهڻو ڪري اهو ئي ٻڌڻو پوندوهو ته: ”تون ڀل ته رات ڏينهن لڳو رهه ۽ پنهنجي پاران هر هلائي ڇڏ پر ياد رک جيتر اهو الانا گائيڊ اٿئي تيتر مقالي جو مڪمل ٿيڻ نه صرف مشڪل پر ناممڪن ئي سمجهي ڇڏ“ پنهنجي لاءِ اهڙن لفظن ٻڌڻ بعد اڳلي جي دل رکڻ خاطر خالي مسڪرائي ماٺ ڪري ويهي رهڻ يا رڳو ايترو چئي ڇڏڻ ته بس سائين جي اچي ڦاٿا آهيون ته هاڻ نيٺ منهن ڏئي وينداسون. پر ان جي برعڪس اهڙي رمارڪ ٻڌڻ بعد ڪاوڙ ۾ سندس رتوبت ئي بدلجي ويندي هئي ۽ چهري جو سونهري رنگ تتل لوهه جهڙو ڳاڙهو ٿي ويندو هو. جڏهن ته سمورو بار پنهنجي سر تي وسائيندو اڳلي آڏو هن ريت وضاحت ڪرڻ شروع ڪرڻ ڪندو هو. سائين سستي ته منهنجي پنهنجي آهي سو ان ۾ الانا صاحب جو ڪهڙو ڏوهه؟ هو ته ورندو اهو چوندو آهي بس جيڪو به لکيو اٿئي سو ڪافي آهي هاڻي اهو سمورو مواد سهيڙي کڻي اچي حال ڊگري ته حاصل ڪري وٺ پوءِ جي چاهين ته ان کي ڀل پيو وڌائجانس پر جيئن ٿو پيو اونهو مطالعو ڪريان تيئن ڪافي نيون ۽ سٺيون ڳالهيون پيون سامهون اچن، تن کي آئون به وڃان پيو ڪٺو ڪندو ته جيئن سنڌ جي تاريخ سڪن جي روشني ۾ وڌيڪ چٽي ۽ صحيح صورت ۾ سامهون اچي وڃي. الله جو هي نيڪ ٻانهو(عبدالله) ست پيڙهيو زميندار هئڻ سان گڏوگڏ سياست جي ميدان جو پڻ شهسوار هو پر پوءِ به هن يار کي لکڻ پڙهڻ جو خفت جنون جي حد تائين لڳل هو. دل جي تڪليف وڌي وڃڻ سبب ڊاڪٽرن جي جلد باءِ باس ڪرائڻ جو مشورو ڏنس ته کائن ٻن هفتن جي مهلت گهري پنهنجي ٿيسز واري رهيل ڪم کي جنبي ويو. ايتري قدر جو اسپتال داخل ٿيڻ کان پوءِ به ڊاڪٽرن جي منع باوجود قلم مان هٿ ڪونه ڪڍيائين ۽ آخر اتي ئي آپريشن ٿيٽر ۾ وڃڻ کان چند منٽ اڳ ان کي پڄاڻي تي پهچائي پنهنجي پراڻي آرزو پوري ڪيائين. سچ ته اهي ئي اهي کاهوڙي مڙس آهن جن لاءِ لطيف سرڪار چئي ويو آهي ته: جيسين هئي جيئري، ورچي تان نه ويٺي