گل حسن ڪلمتي جي زندگيءَ جو مختصر خاڪو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏21 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    گل حسن ڪلمتي جي زندگيءَ جو مختصر خاڪو​



    غلام مرتضيٰ لاشاري




    تعارف_-

    ¡ نالو – گل حسن ڪلمتي

    ¡ والد جو نالو- محمد خان بلوچ

    ¡ ڄمَ تاريخ- 05 جولائي 1959ع

    ¡ جنم جي جاءِ- حاجي عرضي بلوچ ڳوٺ گڏاپ ضلعو ملير ڪراچي



    پرائمري تعليم-

    ¡ گورنمينٽ پرائمري اسڪول راڌو جوکيو ملير ڪراچي

    ¡ مڊل- گورنمينٽ مڊل اسڪول ڪونڪر ويلج

    ¡ سيڪنڊري تعليم- گورنمينٽ سيڪنڊري اسڪول مراد ميمڻ- ميمڻ ڳوٺ ملير

    ¡ فرسٽ ايئر- گورنمينٽ ايس ايم سائنس ڪاليج ڪراچي

    ¡ ايم اي سائنس ڪاليج ڪراچي

    ¡ انٽر ۽ بي اي- ايس ايم آرٽس ڪاليج ڪراچي

    ¡ ايم اي صحافت (ماس ڪميونيڪشن) ڪراچي يونيورسٽي- 1983

    ¡ ايم اي سنڌي (پرائيويٽ) ڪراچي يونيورسٽي

    ¡ پوسٽ گريجوئٽ ڊپلومه ان لوڪل گورنمنٽ- پوليٽيڪل سائنس ڊپارٽمنٽ ڪراچي يونيوسٽي سٽي-1997



    سرڪاري ملازمت-

    ¡ نومبر 1983 کان 13 آگسٽ 2001 ضلع ڪائونسل ڪراچي ۾ پبلڪ ريليشنز آفيسر (PRO) جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. جنهن لاءِ سنڌ پبلڪ سروس جو امتحان به پاس ڪيائين.

    ¡ 14 آگسٽ 2001 کان گڏاپ ٽائون D. T. O (ريگيوليشن) ۽ آفيسر تعلقات عامه جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي.



    ٽريننگ-

    ¡ ڊيولمينٽ ايڊمنسٽريشن جي ٽريننگ سنڌ گورنمنٽ اينڊ رورل ڊيولپمنٽ اڪيڊمي ٽنڊو ڄام مان ڪيائين- 1985

    ¡ Concept of integrated rural development in A gravies economic, 1987

    نيشنل سينٽرل آف رورل ڊيولپمينٽ اسلام آباد

    ¡ پبلڪ رليشننگ ان لوڪل گورنمينٽ ميونسپل ٽريننگ اينڊ ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڪلفٽن ڪراچي- 1996



    ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ-

    ¡ واڍيلا بلوچ سماجي تنظيم پاران ٻهراڙي تي تحقيقي ڪم تي ايوارڊ

    ¡ ڪراچي جي پاڻي جي مسئلي تي ٺاهيل دستاويزي فلم تي گليڪسي آف فرينڊ شپ پاران ميجر ضياءَ الرحمان شهيد ايوارڊ

    ¡ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران بهترين ليکڪ جو ايوارڊ.

    سال 1989 ۽ 1991 تي آل سنڌ شاهه لطيف ڪانفرنس بهتر انتظام ڪرڻ تي ضلع ڪائونسل ڪراچي پاران ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.

    ¡ ضلع ڪائونسل ڪراچي پاران 1996 کان 2000 تائين ڪراچي جي ٻهراڙي ۾ پوليو پروگرام منظم ڪرڻ ۽ هلائڻ تي بهترين ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.



    ورڪنگ جرنلزم-

    ¡ سب ايڊيٽر ماهوار لطيف ڊائجسٽ سيپٽمبر 1982 کان جولاءِ 1983 تائين

    ¡ انچارج هفتيوار صفحو ”مورڙي جي ماڳ مان“ روزاني عوامي آواز ڪراچي

    ¡ ايڊيٽر ماروئڙا (ضلعي ڪائونسل ڪراچي جو ترجمان) ڊسمبر 1987 کان جولاءِ 1989 تائين

    ¡ چيف ايڊيٽر اعزازي ماهوار نئون نياپو- آڪٽوبر 1999 کان جنوري 2001 تائين

    ¡ رپورٽنگ: عوامي آواز، هلال پاڪستان، مشرق اردو، تعمير سنڌ ۽ سنڌ واچ نيويارڪ



    اليڪٽرانڪ ميڊيا-

    ¡ واءُ سواءُ، حال احوال، ٻين ڪرنٽ افيئرز جي پروگرامن جي لاءِ ڪراچي جي مختلف ڳوٺن ۽ اهم مسئلن تي ٺهيل ڊاڪيومينٽريز لاءِ تحرير ۽ تحقيق ڪيائين جيڪي مختلف پروڊيوسرن پيش ڪيا.

    ¡ ڪراچي جي وسندين تي ”سنڌو ندي پياسا ماڻهو“ دستاويز فلم ٺاهيائين جيڪو تحرير به پاڻ ڪيائين.

    ادبي ڪم-

    ¡ ڪراچي جي تاريخ تي ڪتاب ”هڪ رٺل شهر جي ڪهاڻي“ (1998)

    ¡ مختلف سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون لکندو رهندو آهي.

    ايندڙ ڪتاب-

    ¡ ڪيلا جي ڪافرن جو ديس

    ¡ انگريزن جو سنڌ ۾ اچڻ

    ¡ مڪران (پاڪستان ۽ ايراني مڪران جو سفر نامو) اردو ۾

    ¡ جڏهن توسان نينهن جو ناتو ڇنو (مختلف ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل مضمونن جو مجموعو)

    ¡ ملير (ملير تي تحقيقي ۽ تاريخي ڪتاب) سنڌي ۽ انگريزي ۾

    غلام مرتضيٰ لاشاري

    هڪ دلبر دوست جو خط

    گل حسن



    محمد علي قادري

    ڪالهه ڪلچر کاتي واري بوڪ اسٽال تي سڪندر کان اخبار وٺڻ ويس ته ان جي ٽيبل تي 3 عدد ڪتاب رکيل هئا. عادت کان مجبور ٿي ڪتاب هٿ ۾ کنيم ته توهان جو نالو نظر آيو، تمام گهڻي خوشي ٿي، ڪتاب کڻي پنهنجي ڪمري ۾ پڙهڻ آيس، ڪتاب جو نالو هيو، ”برف جو دوزخ“ پڙهڻ ويٺس دل نه پئي چوي ته هٿ مان ڪتاب ڪڍان.



    ان ڪري جو ڪجهه سال گرميءَ جي موسم ۾ مان پاڻ چترال، رنبو، برير ۽ ان کان پوءِ گرم چشما تائين وڃي چڪو آهيان، پر مون رڳو برفيلي جبل جي چوٽيءَ ڏٺي.



    مان اسلام آباد کان گرم چشمي تائين باءِ روڊ ۽ پنهنجي ڊبل ڪئبن ۾ ويو هوس، ان گاڏي ۾ مان PTDC جو گائيڊ ۽ ڊرائيور هئاسين. هڪ ڪتاب جي فوٽو گرافي جي سلسلي ۾ ، باقي ٻئي گاڏي ۾ 3 برٽش عورتون هيون. سفر ڏاڍو سولو گذريو، خبر ئي نه پئي ته اسان به ڪيلاش وادي ڪا گهمي آيا آهيون. گل حسن پاڻ ته ڏکڻ ۽ اڙانگن پندن جو ماڻهو آهي، اسان کي سک ڪٿي ٿا مزو ڏين.



    گل حسن، ڪالهه آفيس ۾ ڪجهه دوست اچي ويا، ان ڪري ڪتاب پڙهي پورو ڪونه ڪيم اڄ منجهند تائين ڪتاب پورو ڪيم. توهان سفر ۾ ڪل 3 ڄڻا هئا پر ڪتاب پڙهڻ وقت لڳي پيو ته چوٿون مان توهان سان ساڻ هيس ۽ وڏي مزي جي ڳالهه اها آهي ته برف ۾ سيءُ توهان کي لڳي پيو پر هت پير منهنجا به ٺري ويا آهن. شاباش هجي زبيده کي جنهن هيڏي ڏکي پنڌ ۾ توهان سان ساٿ ڏنو منهنجي طرفان توهان کين مبارڪ ڏيندا.



    اهڙي همٿ واري خاتون سان ڇا ملاقات ٿي سگهي ٿي ؟ نه ته منهنجا سلام کيس چوندا.



    گل حسن مونکي لکڻ نه ايندو آهي جيڪڏهن جملن ۾ غلطيون هجن ته درگذر ڪندا.



    باقي ڪتاب جي لاءِ توهان کي مبارڪون هجن.



    فقط

    محمد علي قادري

    2004. 1. 13





    *



    وطن سان اسان جو وفائون نه روڪيو



    گل حسن ڪلمتي



    مورنٽو بارا (زالاڻو بندر) يا ان کان به اڳ شروع ٿيندڙ هي سفر انتهائي ٿڪائيندڙ، تڪليف ڏيندڙ پر دلچسپ به آهي، تهذيبن جي ان سفر لاءِ ڪراچيءَ کي مختلف تهذيبن پنهنجي اثر هيٺ آڻي ڇڏيو. تهذيبن جو اهو سفر اڄ به جاري آهي. 521 ق . م ۾ يوناني سياح اسڪائي ليڪس هندستان جي حالتن جي جاچ لاءِ اٽڪ کان ڪراچي جي گسري بندر تائين سنڌوءَ جو سفر ڪيو.



    326 ۾ سڪندر اعظم پنهنجي لشڪر سان هتان گذريو ۽ هن علائقي کي پنهنجي قبصي ۾ آندو. سڪندر جي جرنيل نيارڪس هتان جي پر امن ۽ پر سڪون سر سبز علائقي کان متاثر ٿي علائقي جي هڪ حصي کي پنهنجي آقا ”سڪندر جي جنت“ جو نالو ڏنو آهي. انهيءَ سفر ۾ گهڻا يوناني هتي رهي پيا ۽ هميشه لاءِ هتان جا ٿي ويا. هن دور ۾ به هن خطي جي بندري علائقي جي هڪ حصي تي عورت حڪمران هئي. اهو دليل هن خطي جي ترقي يافته ۽ مهذب هجڻ لاءِ ڪافي آهي. يونانين کان اڳ هي خطو ڪجهه عرصي لاءِ پارس وارن جي هٿ ۾ به رهيو برهمڻ دور ۾ هن شهر جي آس پاس قائم بندري ڳوٺن ۽ زرعي سماج جي ڳوٺن جي مندرن مان اوم شيوا اوم ۽ گهنڊن جا آواز ماحول ۾ عجيب سر وکيري ڇڏيندا هئا. پوءِ عرب کان اٿيندڙ تلوارن جي چمڪاٽ ۾ هڪ نئين تهذيب هتي وارد ٿي ۽ ”الله اڪبر“ جي صدائن سان هي شهر به گونجي اٿيو.



    ارغون، مغل، ترخان جن ڪابل کان ڪراچي تائين پوري علائقي کي گهوڙن جي سنبن هيٺان لتاڙيو ۽ خطي جي هر شيءِ کي نيست و نابود ڪيو، انهن جي اچڻ وقت ۽ انهن کان اڳ ”ترڪ عجم“ جي اولادن جڏهن هن خطي جو رخ ڪيو ته سماج مذهبي اوچ نيچ ۽ برتري ۾ ورهائجي ويو. نئين مخلوق پنهنجي مذهبي برتريءَ جي بنياد تي پاڻ کي مٿانهون سمجهيو ۽ بغير ڪنهن محنت جي شان سان رهڻ لڳا، پيري، مريدي، ڌاڳا ڦيڻا انهن جي روزي روٽي جو ذريعو بڻيا ته هڪ نئون سماجي طبقو پيدا ٿيو. هتان جي مسڪين ماڻهن جن جي ڪمائي جو گهڻو حصو حاڪم ٽيڪس جي نالي وٺندا هئا ۽ رهيل پونجي تي انهن پيرن ۽ مذهبي برتري واري مخلوق، جي هئا ۽ ائين اهو طبقو خوشحال ٿيو ته مذهبي انتها پسندي کي انهن هٿي ڏيئي سياست کي چمڪايو پر هن خطي جو هڪ عجيب دستور رهيو آهي ته هر ايندڙ هتان جي تهذيب ۽ ثقافت ۾ رنڱجي هن جو حصو بڻجي ويا.



    1723ع ۾ جڏهن سيٺ ڀوڄمل واپار لاءِ ننڍن ننڍن سامونڊي بندرن مان دڙٻو بندر جو انتخاب ڪري هن جي ويجهو ”ڪلا واري ڪن“ يا مائي ”ڪلاچي جي ڪن“ واري جي پاسي ۾ پنهنجا خيما کوڙيا ۽ هتي موجود ڳوٺ کي ڪوٽ ڏيئي محفوظ ڪيو ته هي خطو جيڪو ننڍن بندرن ۽ زرعي ڳوٺن تي ٻڌل هو ترقي جو سفر شروع ڪيو ۽ ترقي جون منزلون طئي ڪندو اڄ ميگا سٽي جي صورت ۾ اسان جي سامهون آهي.



    هن ترقي ۾ سنڌ جي گاديءَ جي شهر جا پراڻا رهواسي ڪٿي پٺيان رهجي ويا آهن يا انهن کي پٺيان ڌڪيو ويو آهي. 1947ع جي تاريخ وڍ ڪٽ واري حادثي هن شهر جو حليو بگاڙي ڇڏيو. لکين ماڻهن جيڪي تاريخ جي جبر جو شڪار هئا لڏ پلاڻ ڪئي. انهيءَ لڏپالاڻ جي اذيت هن شهر کي جيڪي گهاءُ ڏنا اُهي هاڻي ناسور بڻجي ويا آهن. لکن جي تعداد ۾ هڪ نئين سماج، تهذيب ۽ ثقافت ۾ پلجندڙ ماڻهن جڏهن هن شهر ۽ هن خطي جو رخ ڪيو ته سماجي اڻ برابري، ثقافتي ٽڪراءَ هن شهر کي هڪ الڳ دڳ لاهي ڇڏيو. مذهب جي بنياد تي انهيءَ لڏپلاڻ هتان ويندڙ ۽ ايندڙن کي اڻڄاتل ماحولن ۾ ڌڪي ڇڏيو ڏسندي ئي ڏسندي هي صاف سٿرو پر امن شهر دنيا جي گندي ترين شهر ۾ تبديل ٿي ويو. شهر جو پرسڪون ۽ پر امن معاشرو باقي نه رهيو ۽ سنڌ جي مارئي ان ڏينهن کان اڄ تائين قيدياڻي آهي، پر پوءِ به ملير جي مارو ماڻهن هن شهر سان پنهنجي بي انت محبت کي ختم نه ڪي، اها محبت ۽ وفا ازل کان ابد تائين رهندي بندوقن، ڪلاشنڪوف، خود ڪش بمبارن، مختلف لڏپلاڻن، تاريخي ستم ظريفن ۽ جبر به اصلوڪن رهاڪن جي وطن سان وفائن کي روڪي نه سگهيا آهن. اوهان سڀ ڪجهه روڪيو پر بقول حليم باغي جي ”وطن سان اسان جون وفائون نه روڪيو.“ ورهاڱي کان پوءِ ايندڙ ماڻهو هتان جي تهذيب ۽ ثقافت جو حصو نه بڻجي سگهيا ته شهر مختلف طبقن ۾ ورهائجي ويو ۽ شهر جو نئون نقشو اڀرڻ شروع ٿيو. پراڻي شهر جو گڏيل ڪلچر ۽ اڻ ڏٺل منظم اتحاد ٽٽي پيو ته هن شهر ۽ هن جي معاشري هڪ نئون جنم ورتو. هن نئين جنم ۾ تاريخي ثابتيون، سچايون، اهڃاڻ ثقافت سڀ ڪجهه ختم ٿي رهيو آهي. اهو جنم تاريخ جو تسلسل جي ڪري نه پر تاريخي وڍ ڪٽ جي ڪري ٿيو.



    غير فطري طريقي سان هن شهر جي جيتري ترقي ڪئي فطري طرح ترقي جي سفر ۾ شايد صديون لڳي وڃن. فطري ترقي هن شهر کي شايد بهتر نتيجا ڏئي سگهي ها. فطري ماحول کي جڏهن به بگاڙيو ويو ته هن جا نتيجا هميشه ڀيانڪ نڪتا آهن.



    هاڻي ڪجهه هن ڪتاب جي باري ۾ منهنجي پهرئين ڪتاب ”هڪ رٺل شهر جي ڪهاڻي“ جيڪو 1998ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو هو. جنهن کي پڙهندڙن گهڻو ساراهيو. جنهن ۾ اڪثريتي مضمونن جو تعلق ڪراچي سان هو. جڏهن مارڪيٽ مان ڪتاب اڻ لڀ ٿيو ته دوستن ڪتاب جي ٻئي ڇاپي لاءِ زور ڀريو. نئون نياپو اڪيڊمي جي دوست انعام عباسي اها ذميداري نڀائڻ جي شروعات ڪئي. پر ڪجهه انعام جي سستي هڪ ته هو گهڻن جاين تي ورهايل هو. ٻيو منهنجي رولاڪ طبيعت ڪري پراڻي ڪتاب جي مضمونن جي ڪمپوزنگ ۽ پهرئين پروف پڙهڻ تائين ٻه سال لڳي ويا.



    جڏهن مضمونن جا پروف پڙهڻ لاءِ ويٺس ته مطمئن نه ٿيس. جيڪو ڪجهه ڪراچي بابت ڏيڻ هو پوءِ گذريل ڏهن سالن جي محنت جيڪا رف نوٽس جي صورت ۾ موجود هئي. اُهو مواد مختلف ڪچهرين ۽ ڪراچي جي گهٽين، ماڳن، مڪانن، قبرستانن ۽ تاريخي جاين جي سفر دوران حاصل ٿيل معلومات تي ٻڌل هو. انهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيم ۽ ائين پراڻي ڪتاب جي نئين ڇاپي جي بجاءِ ڪراچي جي تاريخ هڪ نئين ڪتاب لکڻ جو فيصلو ڪيم. جنهن جي حوصلا افزائي دوستن به ڪئي.



    سنڌيت، فرض، سنڌ جي محبتن جون ڳالهيون ڪندي نه ٿڪجندڙ سنڌي پبلشرز جيڪي ڪمرشل ازم جا شڪار آهن. انهن کان مايوس ٿيڻ کانپوءِ مون ۽ ڪاڇو پبلڪيشن جي محمد علي ماجد ايڏي وڏي پروجيڪٽ کي پاڻ ڇپائڻ ۽ مارڪيٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڪمرشل ازم جي شڪار پبلشرن ۽ سنڌ جي وڏن وڏن ادارن جو ڪم ئي سنڌ جي تاريخ تي ڪتاب لکڻ وارن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي ۽ ڪروڙين روپين جي بجٽ وارن انهن ادارن اندر ويٺلن جي تلخ لفظن نئون حوصلو ڏنو ۽ ڪتاب کي چئلينج سمجهي هٿ ۾ کنيم. بي ترتيب مواد کي جڏهن ترتيب ڏيئي ڪمپوزنگ جو ڪم شروع ڪيو سين ته آخر ۾ خبر پئي ته، ڪتاب اسان جي اندازي کان ٽيڻ تي ٿي ويو آهي ۽ بجيٽ ٺاهڻ کانپوءِ حوصلو هاري ويٺاسين ۽ اها ڳالهه به ٻڌائيندو هلان ته، هر پروف پڙهڻ کان پوءِ مواد ۾ واڌارو به ٿيندو ويو. اهو واڌارو ڪمپوزنگ دوران مختلف علائقن جي سفر دوران وڌيڪ معلومات ملڻ واري مواد جو هو. آخر ۾ اهو فيصلو ڪيوسين ته ڪتاب جي مختلف مضمونن کي مختصر ڪرڻ گهرجي ۽ ائين گهڻو مواد شامل ٿيڻ کان رهجي ويو. جنهن کي ڪراچي تي ايندڙ ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويندو هن ڪتاب کي ”هڪ رٺل شهر جي ڪهاڻي“ جو تسلسل سمجهڻ گهرجي. پراڻي ڪتاب جا ڪجهه مضمون واڌاري سميت هن ۾ شامل ڪيا ويا آهن. انهن ۾ دوستن جي تنقيدن ۽ صلاحن جي روشنيءَ ۾ بهتري به ڪئي ويئي آهي.

    دعويٰ نٿو ڪريان ۽ نه ئي ڪرڻ گهرجي ڪراچي جي تاريخ تي هي مڪمل ڪتاب آهي. پر اها هام ضرور هڻندس ته، هن ڪتاب ۾ ڪراچي جي انهن حصن تي لکڻ جي جسارت ڪيم جيڪي ڪڏهن به تاريخ جي ڪتابن جي پنن جي زينت نه بڻجي سگهيا ۽ هي ڪتاب ڊرائينگ روم يا لائبريرين ۾ مختلف ڪتابن کي گڏ ڪري ڪراچي جي تاريخ تي لکجندڙ ڪتابن کان انڪري الڳ حيثيت رکندڙ آهي جو ڪراچي جي هر گهٽي، هر وسندي، تاريخي ماڳن، مڪانن ،نئين، جبلن، ديهن، ڳوٺن، قبرستانن، تاريخي آثارن جو سفر ڪري اکين ڏٺن مشاهدن ۽ شاهدين جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ڏيڻ جي مون ڪوشش ڪئي آهي. گذريل ڏهن سالن جو تحقيقي ۽ علمي ڪم جو خلاصو هن ۾ موجود آهي.



    ايڏي جاکوڙ جي باوجود گهڻيون شيون جيڪي ڏيڻ چاهيم اهي رهجي ويون آهن. وقت به گهٽ هو. ڪراچي جي هر گهٽي، هر وسندي، هر ڳوٺ، هر ديهه، هر ڪوارٽر هر بلڊنگ الڳ تاريخ آهي. هر هڪ تي الڳ ڪتاب لکڻ جي ضرورت آهي.



    جنهن لاءِ ارادو آهي ۽ اهو سلسلو سيريز وائز جاري رکيو ويندو. لياري ۽ ملير تي الڳ ڪتاب لکڻ جو ارادو آهي ۽ ڪراچي جي تصويري تاريخ ڏيڻ جو به ارادو آهي اوهان دوستن جو ساٿ رهيو ته اهي ڪتاب به جلد اوهانجي هٿن ۾ هوندا.



    انگريزن جي اچڻ کان هاڻوڪي جيڪا ڪراچي آهي هتي الڳ الڳ وسنديون ۽ آباديون هيون. جن جي پنهنجي الڳ سڃاڻپ ۽ تاريخ هئي ملير، پپري، گهگهر، گڏاپ، ڪوهستان، منگهو پير، گابوپٽ، ڳجهڙو، لالو کيت ۽ ٻين علائقن جيڪي زرعي ثقافت جو حصو هئا، ٻئي پاسي ڪلاچي بندر (دڙٻو) کانسواءِ ريڙهي مياڻ، واڳو ڏر، ابراهيم حيدري ٻين بندرن جي ڌار حيثيت هئي. ڪراچي هاڻوڪا ساحلي علائقا ۽ پسگراديءَ جا زرعي علائقا جيڪي ڪوهستان جا حصا آهن، ڌار سڃاڻپ هئي. ڪتاب ۾ انهيءَ ڳالهه کي به سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. ڪتاب جو نالو ”ڪراچي: سنڌ جي مارئي،“ علي محمد راشدي پاران ڪراچي لاءِ استعمال ڪيل هو، هتان کنيم، نالو دل سان لڳو ڇاڪاڻ ته نيپئر جي ”اوڀر جي راڻي“ ملير جي مارئي وانگر قيد آهي. سنڌ جي ان مارئي کي قيد ڪرڻ ۾ ڌارين سان گڏ پنهنجن جو به هٿ آهي.



    ڪتاب مڪمل ٿيڻ جي صورت ۾ جن دوستن جو ن محنتون ۽ محبتون هن ڪتاب ۾ شامل آهن انهن جا ٿورا ڪڏهن به لاهي نٿو سگهان. گهڻا دوست ڪراچي جي سردي، گرمي دونهن ۽ دوڙ ۾ مونسان سفر ۾ گڏ هئا ۽ مواد حاصل ڪرڻ، ڪچهرين جي بندوبست ڪرڻ ۾ انهن دوستن جو وڏو هٿ آهي. انهن ۾ جمال ناصر بلوچ ڊسٽرڪٽ ڊپٽي اٽارني ملير ڪورٽ، واجا حنيف دلمراد شفيع ڳوٺ ملير، محمد اسماعيل بلوچ نائب ناظم گڏاپ يونين ڪائونسل، محمد يعقوب بلوچ، عبدالجبار بلوچ، سلطان شاهه ”ساقي“ ڪامريڊ نذير چنا ۽ علي اڪبر ڪاڇيلو نائب ناظم يوسي منگهوپير ڪامريڊ پپ پريم چند ۽ تنوير آرائين شامل آهن. تصويرن جي سلسلي ۾ جن دوستن مدد ڪئي انهن ۾ وادي ملير ۽ وادي لياري ڪتابن کي ترتيب ڏيندڙ پيارو دوست حميد ناصر، عبدالغفور بلوچ آسو ڳوٺ، غلام رسول بلوچ، سلمان گارڊن ۽ زيبده برواڻي شرڪت گاهه جون مهربانيون جن ڪراچي بابت ناياب تصويرون ڏيئي ڪنهن حد تائين منهنجو مسئلو حل ڪيو. ننڍي ڀاءُ شاهنواز ”شاني“ جا ٿورا جو هن پوري عرصي دوران شاهه لطيف لائبريبري مان ڪتابن جي حصول ۽ ڪمپوٽر تي تصويرون جي پروسيسنگ انهن کي سيو ڪرڻ ۽ ڪتابن ۾ ڏنل گهڻن نقشن کي ترتيب ڏيڻ ۾ هو هڪ فرمانبردار ڀاءُ وانگر گڏ هو. ڀاڻيجن محمد بخش ”سمير“ بلوچ، مشتاق بلوچ ۽ امداد بلوچ جا به ٿورا جن هر سڏ تي حاضر ٿي پنهنجون خدمتون پيش ڪيون. جڏهن ڪتاب جي بجيٽ جو مسئلو پيش آيو ته سووينئر جي اشتهارن جي صورت ۾ جن دوستن مدد ڪئي ۽ جن دوستن انهيءَ ڪم ۾ جاکوڙ ڪئي انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿورا سائين غلام مرتضيٰ بلوچ ٽائون ناظم گڏاپ جا ان کانسواءِ محمد اسماعيل بلوچ نائب ناطم يونين ڪائونسل گڏاپ جي ڪاوشن سان اها پريشاني دور ٿي.



    آخر ۾ پبلشر محمد علي ماجد جا ٿورا مڃيندس جنهن محنت ڪري هي ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ ڏنو. ماجد منهنجو ويهڻ ويهه ڪري ڇڏيو ۽ رولاڪ پيرن ۾ ڏاوڻ هڻي ڇڏيا جنهن جي ڪري گهر ۾ اٺ مهينا قيد رهيس ۽ ڪمپيوٽر آپريٽر طارق احمد انصاري جون وڏيون مهربانيون جنهن ڪتاب کي اوليت جي بنياد تي ڪمپوز ڪري ڏنو.



    انهي سڀني دوستن ۽ بزرگن جون مهربانيون جن ڪچهري وسيلي معلومات ڏني جن جا نالا ببلو گرافي ۾ ڏنل آهن. پنهنجي ڊرائيور محمد عظيم جوکئي عرف پنڇي جا جيڪو گرمي ۽ سردي ۾ هر سفر ۾ مونسان گڏ رهيو.



    آخر ۾ سائين امر جليل جا ٿورا جو هن محمد علي ماجد جي چوڻ تي ڪتاب جو مهاڳ لکي ڏنو ڇو ته منهنجي امر جليل سان ملاقات ناهي.

    ڪتاب لکڻ دوران والد صاحب هي جهان ڇڏي ويو جنهن جي رهنمائي ڪتاب لکڻ جو حوصلو ڏنو هو. هو 35 سال ڪراچي جي پراڻي علائقي ليمارڪيٽ ۾ رهيو ۽ پنهنجون يادگيريون مون سان شئير ڪيون. بابا جي وڃڻ کانپوءِ ڪتاب لکڻ جو حوصلو نه رهيو. ڄڻ ته سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. پورو هڪ مهينو ڪجهه به لکي نه سگهيس. بابا کي هن ڪتاب سان گهڻي دلچسپي هئي ۽ خواهشن هئي ته ڪتاب جلدي اچي بابا جي انهيءَ خواهش ٻيهر حوصلو ڏنو جنهن جي ڪري اڄ ڪتاب اوهانجي هٿن ۾ آهي. اوهان جي تعميري تنقيدي، صلاحن مشورن ۽ حوصلا افزائي جي اکرن جو اوسيئڙو رهندو. ڪتاب پسند اچڻ نه اچڻ ٻنهي صورتن ۾ اوهان جي راءِ جو انتظار رهندو.



    *

    هڪ باڪمال ليکڪ جو بي مثال ڪتاب

    تاجل بيوس



    مئڪسم گورڪيءَ چيو آهي ته ڪتاب لکڻ انسان جي چند وڏن ڪارنامن مان هڪ ڪارنامو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪتاب جي ورق، ورق ئي انسان جي ڀلائيءَ جا نسخا هجن ٿا.

    مون کي مانواري گل حسن ڪلمتيءَ جو ڪتاب ” هڪ رٺل شهر جي ڪهاڻي“ جيئن مليو ته سڀ کان پهريائين مون هن ڪتاب تي حيدري شيخ، جان خاصخيلي، بدر ابڙي ۽ خود ڪلمتي جي تاثرات کي پڙهيو، هڪ محل يا عمارت جي دروازي ڏسڻ سان پتو پئجي ويندو آهي ته اها عمارت ڪيتري اهم ۽ اعلي هوندي يا چيو ويندو آهي ته مسجد جو پتو ممبر يا محراب مان لڳايو ويندو آهي. ان ڪري ڏاهن جي ويچارن ۾ ويڙهجي ويس ۽ ڪتاب مان تڏهن هٿ ڪڍيم، جڏهن اٺن مضمونن کي پڙهي صفحي 149تي ”مارو ملڪ ملير جا“ تي پهتس. ٻئي ڏينهن تي باقي مضمون پڙهي، مان پنهنجي راءِ هن طرح قلمبند ٿو ڪريان:

    ”گل حسن ڪلمتيءَ جي ڪتاب ”هڪ رٺل شهر جي ڪهاڻي“ کي پڙهڻ کان پوءِ ان تي ذڪر ڪيل گورڪيءَ جي ويچار تي اکيون ٻوٽي دستخط ٿو ڪيان، جنهن چيو آهي ته ڪتاب لکڻ انسان جو هڪ وڏو ڪارنامو آهي.“

    گل حسن ڪلمتيءَ هيءُ ڪتاب لکي سنڌ ماتا جو پياريل کير ملهايو آهي. ڪراچيءَ يا مائي ڪلاچي جا ماڳ مڪان سنڌ جو روح آهن. موڙي، موکي متارن چاڪر خان ڪلمتي، اياز سمين ۽ شهيد ڀٽي جي نالن وٺڻ سان اسان پاڻ کي رت سان لکيل تاريخ پڙهندي محسوس ڪنداآهيون. گل حسن ڪلمتيءَ ڪيترن ئي گمنام ۽ وساري ڇڏيل واقعن ۽ سورمن کي روشنيءَ ۾ آندو آهي، جنهن ۾ چاڪر خان ڪلمتي به شامل آهي.

    جنهن هڪ انگريز ڪئپٽن هئنڊ کي ان وقت قتل ڪيو هو، جڏهن هو شڪار جي بهاني جاسوسي ڪري رهيو هو،هتي مون کي سنڌ جي تاريخ جو هڪ واقعو ياد ٿو پوي ته انگريز، ميرن کان سنڌ جي ٻيلن مان ڪاٺين گڏ ڪرڻ جي اجازت وٺي، جڏهن ٺٽي کان ٻيڙيون هاڪاريون هيون تڏهن هڪ سنڌي ڏاهي ڪلمتيءَ ته بيهي سٿرن تي هٿ هڻي، هيئن چيو هو ”الوءِ ! اڄ سنڌ ميرن کان وئي“هن ڪتاب ۾ واکاڻ جوڳي هڪ هيءَ به خوبي آهي ته گل حسن ڪلمتيءَ هتان توڙي ڪنهن به ماڳ مڪان مان جڏهن گذريو آهي ته هن اتان جي اقتصادي صورتحال، آبادي، پکيڙ، تاريخي پس منظر جو به دل کولي ذڪر ڪيو آهي. پوءِ ڇو ته نه ان ماڳ يا مڪان جو تعلق ڪنهن ٻئي صوبي سان هجي سٺو ٿئي ها، جيڪڏهن ڪتابن جا حوالا ڄاڻائي ها. اهڙيءَ کوٽ جي نشاندهي مهاڳ لکندي، بدر ابڙي به ڪئي آهي.

    پر ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته گل حسن گهڻو مواد مقامي ماڻهن، پاڻ سير سفر ڪندي ڪن جهونڙي ڏانهن ۽ پنهنجي ذاتي شاهدي وسيلي گڏ ڪيو آهي. جنهن لاءِ هن پاڻ به لکيو آهي ته هو نه اديب آهي ۽ نه ڊانشور ۽ نه ئي ادبي پنڊتن جي ڪنهن گروهه جو چيلو آهي. مان سمجهان ٿو ته اها ڪلمتي يار جي ڪسر نفسي آهي، نه ته ٻين ليکڪن وٽ جيڪو ادبي ۽ تحقيقي وڙُ ۽ ورجيسون هجن ٿيون، گل حسن وٽ به اهي ساڳيائي وڙ ۽ ورجيسون آهن.

    ادب ۽ تحقيق انساني بستين سان واسطو رکن ٿا ۽ نه آسماني مخلوق سان. مان سڌ سان چوان ٿو ته ڪراچيءَ بابت اهڙي ڄاڻ جا اسان کي دوست گل حسن ڪلمتي ڏني آهي، هن کان اڳ ڪنهن به نه ڏني آهي. هن ڪتاب ”هڪ رُٺل شهر جي ڪهاڻي“ کي ڇنڊ، ڦوڪي، حوالن ۽ مددي ڪتابن جي وچور ڏيئي، ڄاهي ٺاهوڪڙو ڪري جيڪڏهن ٻيءَ ايڊيشن ذريعي اسان تائين پهچايو وڃي ته هوند هيءُ ڪتاب ڪراچيءَ جي تاريخ ۾ ”پورڻتا“ جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو ۽ ان وقت گل حسن ڪلمتي به سنڌ جي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ٿي ويندو، نه رڳو محفوظ، پر امرتا جي بلندين تي بيٺو نظر ايندو. سندس لکڻيءَ ۾ سونهن ۽ ڳووڏا قدر ته ڏسو لکي ٿو:

    ”جڏهن به بلوچستان جي آزاد فضائن ۾ حق ۽ سچ جو ڳاڙهو جهنڊو ڪنهن ڪنواريءَ جي رئي وانگر جهولندو ته اي بلوچستان واسيو ! ڪنهن تارن ڀريءَ رات جو اوهان آسمان طرف ڏسجو ته تارن جي جهرمٽ ۾ ٻين شهيدن سان گڏ اهي ٻئي ڀينرون به مرڪندي نظر اينديون.“ هنن ڀينرن پنهنجي ڳوٺ جي عورتن جي ننگن جي حفاظت لاءِ ٻن ڪلاڪن تائين پنجابي ۽ پٺاڻن جي فوج جو مقابلو ڪيو هو، جنهن ۾ ٽيهه هزار بلوچ ماريا ويا هئا. ڪلمتي لکي ٿو ته اهي ٻئي ڀينرون بندوقون هلائينديون رهيون، جيستائين سندن گوليون ختم ٿيون ۽ پوءِ انهن بگهڙن صنفت وحشين کان بچڻ لاءِ ٻنهي بلوچيائين هٿ هٿ ۾ ڏيئي، اوچي پهاڙ تان ٽپو ڏيئي پنهنجو لڄ جو مانُ رکيو.

    بلوچ قبيلن جي روايتن ابتڙ، اسان گل حسن ڪلمتيءَ کي گذارش ڪندا سون ته هو انهن ٻن ڀينرن ۽ سندن ماءُ، پيءُ جا نالا به هٿ ڪري ته انهن بهادر بلوچ سورمين جا نالا به تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ٿي وڃن.“

    صفحي 121 تي دل ۾ پيهي ويندڙ استعماري جملو پڙهو: انهن علائقن ۽ جاين جي مون وٽ ان ڪري اهميت آهي جو اهي نالا تاريخ جي صفحن تي انهن نخلستانن وانگر آهن، جن کي ڏسندي جديد تهذيب ۾ بگڙيل انسان جي اکين ۾ ٿڌاڻ جا جهرڻا اچن ٿا.“ گل حسن ملڪتيءَ شانتيءَ کان شاهه نورانيءَ تائين واري مضمون ۾ صفحي 181 تي لکي ٿو: بلوچستان اسٽيٽ جو جهنڊو، جنهن تي قرآني آيتون تحرير ٿيل هيون، تنهن کي گولين سان اڏايو ويو. آخرڪار قرآن شريف تي معاهدوڪري، انهن بهادر بلوچن کي جبلن تان لاٿو ويو. هيٺ لهڻ شرط انهن کي گرفتار ڪيو ويو. نوروز خان، مير جلال خان ۽ ٻين بلوچن کي پنهنجي اصولن تان نه هٽڻ ڪري حيدر آباد جيل ۾ ڦاسي تي چاڙهيو ويو.

    مان هتي هن واقعي جو به اضافو ڪندس ته خير بخش مري جنهن کر هڪ اونهيءَ غار ۾ بند ڪيوويو هو، ان کي ماني رسيءَ ۾ ٻڌي هيٺ موڪليندا هئا، جو رکي سکي ماني ڳڀي تي گذر ڪندو هو ۽ مارڪسي اڳواڻ عظيم شير محمد بلوچ سمورو وقت جلال وطن رهي، جڏهن پنهنجي جنم ڀومي عظيم بلوچستان آيو ته اتان جي زبون ۽ غلاميءَ واري حالت ڏسي زندهه رهي نه سگهيو.

    منهنجي خيال ۾ غير سنڌي ايجنسين لاءِ ستن، اٺن انسانن کي ڦاهيءَ تي لٽڪائڻ، ڪوڙا هڻڻ، جانور سمجهڻ، هڪ معمولي ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته ترڪي سلطنت وقت ڪعبي جهڙي مقدس تيرٿ گاهه تي به گوليون هلايون ويون هيون.

    ”ڪراچي مطلق ذڪر تاريخ جي ڪتابن ۾ حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان 325 سال اڳ ملي ٿو. ان ۾ مان اهو به اضافو ڪندس ته ابوالڪلام آزاد ۽ غلام محمد گراميءَ توريت ۽ انجيل جي حوالن سان ثابت ڪيو اهي ته افغانستان جا افغنيه يهودي حضرت موسيٰ جا مريد هئا، جي حضرت موسيٰ کي سنڌ وٺي آيا هئا ۽ اهو سلسلو نادر شاهه، امد شاهه ابدالي ۽ مدد خان پٺاڻ کان وٺي اڄوڪن مهاجر افغانين جي يلغارن تائين جاري ۽ ساري آهي.

    گل حسن ڪلمتيءَ لکيو آهي ته 1831ع ۾ انگريزن، ميرن جي اجازت سان سنڌونديءَ رستي رنجيت سنگهه کي پنجاب گهوڙا پهچايا هئا ۽ ان کان پوءِ انگريزن سنڌو درياهه ۾ واپار ڪرڻ جو مڪمل اختيار حاصل ڪري ورتو هو، ائين جيئن هتان جا غير زميني ڪجهه پنهنجا لنڊن ۾ ڏن طور سوکڙيون ۽ ڏوڪڙ پهتا ڪري، ماڻهن جي رت ڇاڻ ۽ بدنظميءَ جا پروانا حاصل ڪندا آهن.

    گل حسن ڪلمتي ڪراچيءَ جي مسئلن جي نشاندهي به ڪئي آهي، جنهن ۾ هتان جي بي انت ماڳن ۽ مڪانن جا نالا بدلائي تاريخ سان مذاق اڏائي ٿي وڃي. جيئن راڻڪيون کي ڪورنگيءَ جي مختلف نمبرن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي ۽ مولا رام واري بستي جعفر طياره سوسائٽي ٿي وئي آهي، نه رڳو ايترو پر صديون پراڻا ڳوٺ مسمار ڪري، هتان جي وڏڙن جي قبرن ۽ هڏڙن مٿان پلازا جوڙي غير انساني ۽ غير فطري روين سان ڪارو ڌن ڪمايو ٿو وڃي، جنهن لاءِ سوچڻ ۽ ڪجهه ڪرڻ ته اسان کي گهڻو اڳ کپوندو هو، پر هاڻي به ويل وهامي ڪانهي.

    ڪتاب ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ گل حسن ڪلمتيءَ کان غلطي به ٿيندي نظر اچي ٿي، جيئن صفحي 40 تي اوڀائي ملاح جا ست پٽ لکيا ويا آهن پر نالا ڇهن جا آهن. ٻئي هنڌ پٺاڻن جي حملن کان پوءِ هڪ عام چوڻي هن طرح لکي وئي آهي ته ”جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي اُتران جوکو“ جا آهي جڏهن تڏهن سنڌڙي توکي قنڌاران جوکو.“ نورجهان جي مضار وارو فارسي بيت هن طرح آهي:



    بر نرار ما غريبان ني چراغ ني گلي،

    نه پر پروانه سوزد ني صداءِ طلبي.



    آخر ۾ ايجنسين جي اکڙيل متارن جي قبرن واري شڪل ڏيڻ ۽ مٿانئن شيڊ ٺاهڻ لاءِ هڪ رٿا پيش ڪندس، جنهن لاءِ هڪ اڪيڊمي ۽ هڪ الهه لوڪ شخص به پنهنجون خدمتون آڇڻ لاءِ راضپو ڏيکاريو آهي ۽ اڃان به آخر ۾ گل حسن ڪلمتيءَ ۽ ساريڪا پبليڪيشن ڪراچيءَ کي مان هن املهه ڪتاب جي ڇپجڻ ۽ روشنيءَ ۾ اچڻ تي دلي مبارڪن ڏيڻ ۾ فخر ٿو محسوس ڪيان.



    *



    ڪتاب جو مهاڳ

    ڪراچيءَ جون ڳالهيون

    امر جليل

    مهاڳ ۾ مان ان ڪتاب جي باري ۾ ڪجهه نه چوندس. نه ئي ڪتاب بابت فتويٰ جاري ڪندس. اهو اوهان جو حق آهي ۽ اوهان جي حق لاءِ مون کي احترام آهي. مهاڳ ۾ مان اوهان سان ڪراچي بابت ڳالهائيندس، ان ڪراچيءَ بابت ڳالهائيندس، جنهن ڪراچيءَ سان مون کي عشق آهي، ان ڳالهه ٻولهه ۾ نه تاريخ جو ذڪر ايندو، نه جاگرافيءَ جو نه آرين جو ذڪر ايندو، ۽ نه اڻ آرين جو ذڪر ايندو.تبديلي موت وانگر اڻٽر آهي. نه ڪو موت کان منهن موڙي سگهيو آهي. ۽ نه تبديليءَ کي روڪي سگهيو آهي، پر موت ۽ تبديليءَ ۾ بنيادي فرق آهي، موت هڪ دفعي جو مهڻو آهي ۽ تبديلي مسلسل ڦير گير جو سلسلو آهي، اسان جي هئڻ، اسان جي نه هئڻ سان تبدليءَ جي تسلسل ۾ ڪو به فرق نه ايندو. اهو گهڙيءَ گهڙيءَ جو گهاءُ آهي. لڳندو رهندو، جيئن موت کان پوءِ زندگيءَ بابت هزارين سالن کان انومان هلندا رهيا آهن، ۽ هلندا رهندا، تيئن تبدلين ۾ گم ٿي ويل گهڙين جو ذڪر هميشه ٿيندو رهيو آهي ۽ ٿيندو رهندو. قديم آثار جا ماهر چريا ناهن جو کنڊرن ۾ تبديليءَ سبب وڃائجي ويل تهذيبن جي تلاش ڪندا آهن. ماضين جا محقق حل کي ماضيءَ جي آئيني ۾ منهن ڏسڻ جو موقعو ڏيندا.

    مهاڳ ۾ مان ذڪر ڪندس پنهنجي ڪراچي ۾ آيل تبديلين سبب تحس نحس ٿي ويل يقينن، اعتقادن ۽ محبتن جو، ان قسم جا انيڪ حوالا اوهان کي پڙهڻ لاءِ هن ڪتاب ۾ ملندا. اهي حوالا هڪ محقق جا آهن، ۽ هي حوالا هڪ ڪهاڻيڪار جا آهن. تنهنڪري ورجايل حوالن کي ورجاءَ نه ٿو چئي سگهجي. محقق جا حوالا کوجنائن جو ثمر آهن. منهنجا حوالا نج يادن جو نتيجو آهن. جواني هجي يا ٻڍاپيو يادون ڪنهن ڪنهن وقت يا ته منهن موڙي وينديون آهن، يا دغا ڪنديون آهن. هئڻ تي نه هئڻ جو گمان ٿي پوندو آهي.

    مان ضروري سمجهان ٿو ڳالهه جي شروعات هڪ وضاحت سان ڪريان. مان ڪهڙي ڪراچيءَ کي پنهنجي ڪراچيءَ سمجهان ٿو ؟ اها ڪهڙي ڪراچي آهي ؟ جنهن ڪراچي سان مون کي عشق آهي؟ اها ڪهڙي ڪراچي آهي جتي مون هوش سنڀاليو، جتي مون هوش وڃايو ؟ منهنجي ڪراچي ڪياماري، (جنهن کي اردوءَ جي ڪيماڙي لکندا آهن) کان شروع ٿيندي هئي ۽ ٽڪريءَ وٽ ختم ٿيندي هئي جتي ٽڪري هوندي هئي اُتي اڄڪلهه محمد علي جناح جو مقبرو اڏيل آهي. ٽڪري شهر جو تفريح گاهه هوندو هو جتي روزانو ڪرسچين، پارسي، هندو، مسلمان، يهودي ۽ بهائي فيمليون اچي گڏ ٿينديون هيون، ڇنڇر جي شام ۽ آچر جو ڏينهن ٽڪريءَ تي ڄڻ ميلو متل هوندو هو. ٽڪريءَ جي پاسي کان اوڀر طرف سُکين سنڌي هندن جي عامل ڪالوني هوندي هئي، سندن بنگلا بيحد سهڻا، ۽ بنگلن آڏو سندن ذاتي باغ باغيچا سدا بهار هوندا هئا، ٽڪريءَ جي اولهه طرف ڪروڙ پتي پارسين جا بنگلا هوندا هئا. پارسين ۽ هندن ڪراچيءَ کي سهڻو ۽ صاف سٿرو رکڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو هو. هو هئا ته ڪراچي ڪنوار هوندي هئي، هينئر بيواهه آهي.

    ٽڪريءَ سان لڳو لڳ اولهه ۾ سولجر بازار جو علائقو هو، ۽ اڃا به آهي جتي گهڻو ڪري ڪرسچين ۽ پٽيل ذات جا هندو ۽ مسلمان ايڪي ۾ رهندا هئا. ٻنهي قومن جي گڏيل ڪاميٽي پٽيل پارڪ ٺهرايو هو جنهن جي وچ ۾ هو ڪرڪيٽ گرائونڊ ان گرائونڊ تي مون انيڪ ميچون کيڏيون هيون. ورهاڱي کانپوءِ هندستا سان وڏي تعداد ۾ آيل مسلمانن ڪراچيءَ جو شهر اچي وسايو. هنن هر شيءِ کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو پٽيل پارڪ ۾ هنن کي سردار ولڀ ڀائي پٽيل جي سياست نظر آئي. هنن پٽيل پارڪ جو نالو مٽائي ولڀ ڀائي پٽيل جي مسلم ليگي حريف عبدالرب نشتر جي حوالي سان نشتر پارڪ نالو رکيو. بندر روڊ تي مولو مسافر خاني جي سامهون، جتي هينئر صابري نهاريءَ واري جو هوٽل آهي، هڪ ننڍڙو ۽ ٽڪنڊو پارڪ هوندو هو، هينئر به آهي. ان پتڪڙي پارڪ جو نالو هوندو هو، شِوِجي پارڪ Shiv-Ji- Park شِوِ جي پارڪ ۾ هندو ۽ مسلمان جوان ڪسرت ڪندا هئا ۽ ڏنڊ بيٺڪون هڻندا هئا. ورهاڱي کانپوءِ يارن کي شِوِجيءَ ۾ شيوا جي ShivaJi نظر آيو. پارڪ جو نالو مٽائي رکيائون اونگزيب عالمگير پارڪ، بندر روڊ جو نالو انڪري مٽايائون جو بندر روڊ تي کين بندر يعني ڀولڙا نظر نه آيا هئا، بندر روڊ کي نالو ڏنائون ايم اي جناح روڊ، نالو مٽائڻ لاءِ سولو ڪم رام باغ سان ڪيائون جتي ٻال اوسٿا يعني ننڍ پڻ ۾ مون دسهڙي جي ڌوڌڪ ڏٺا هئا، ۽ راڪاس جيڏي راوڻ کي باهه لڳي تيرن سان سڙي ڀسم ٿيندي ڏٺو هو. يارن رام باغ نالي آڏو الف مد آ ڏيئي رام باغ کي آرام باغ ڪري ڇڏيو. بارنيس اسٽريٽ تي منهنجي ٻاراڻي وهي ۽ جوانيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون گذريون هيون. منهنجون انيڪ يادون بارنيس اسٽريٽ جو نئون نالو جميله اسٽريٽ رکي ڇڏيائون جيڪو مون قبول ڪو نه آهي. اهو هڪ فرد جو حڪومتي فيصلن خلاف انحراف جو حق آهي. هنن گهٽيءَ گهٽيءَ جو، ۽ هڪ هڪ رستي جو نالو مٽائي ڪراچيءَ کان سندس اوائلي سڃاڻپ کسي ورتي. اڄ تائين نه مٽائي سگهيا آهن ته فقط هڪ روڊ جو نالو نيپيئر روڊ نلو نالو. ڇو ؟ اوهان سياڻا آهيو پاڻ سمجهي سگهو ٿا.

    هندستان ۾ ڪجهه ورهيه اڳ شهر تي اصلي ۽ پراڻن نالن رکڻ جو رواج پيو هو هو، جيئن بمبئيءَ کي سندس اصلي قديم نالو ڏنو هئائون ۽ مدارس کي چنيوئي تڏهن مون سمجهيو هو ته اسان جا حاڪم ان ڪم ۾ دير نه ڪندا ۽ ڪراچيءَ کي سندس قديم نالو ڪولاچي موٽائي ڏيندا. پر يارن ائين نه ڪيو.

    پٽيل پارڪ هاڻوڪي نشتر پارڪ کان سٽ پنڌ تي هوندو هو سائين جي ايم سيد جو بنگلو، حيدر منزل- اڃا به اتيئي آهي. حيدر منزل وارو بنگلو سنڌ جي سياست ۾ مزاحمتي سياست جو مرڪز ۽ محور هوندو هو، جنهن شخص 1946ع تائين پاڪستان ٺاهڻ واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو هو ۽ سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان جي حق ۾ قرارداد پاس ڪرائي هئي، سو شخص پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پاڪستان جو مخالف ٿي پيو هو. انسان ڪڏهن ڪڏهن اهڙا عملي قدم کڻي وٺندو آهي جنهن جو پڇتاءُ کيس سڄي عمر رهندو آهي. سوين صحيح قدم کڻڻ جي باوجود انسان کنيل هڪ غلط قدم جو ازالو ڪري نه سگهندو آهي.

    سائين جي ايم سيد سان منهنجي پهرين ۽ آخري ملاقات حيدر منزل تي ٿي هئي. مان تڏهن ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ڪم ڪندو هوس، ملڪ ۾ سخت قسم جو ڏڦير هو. بنگال ۾ بغاوت جي باهه دکي پيئي هئي، انتظامي ڍانچو فيلڊ مارشل ايوب خان کانپوءِ جنرل يحيٰ خان جي مارشل لا ۾ جهنجهوڙجي رهيو هو. زمانو 71-1970ع جو هو. هڪڙي ڏينهن هڪ ڇهن- ساڍن ڇهن فٽن جو جوڌو جوان براڊ ڪاسٽنگ هائوس ۾ جيپ ڪاهي آيو. مون وٽ اڳ به ايندو هو. چيائين، ”سائينءَ توکي سڏايو آهي.“

    انهن ڏينهن ۾ منهنجو ڪتاب ”جڏهن مان نه هوندس“ مارڪيٽ ۾ آيو هو. ان سلسلي ۾ سائين مون کي سڏايو هو، جيپ جانٺي جوان هلائي هئي جيپ ۾ ڪجهه ٻيا بي ڊپا نوجوان به موجود هئا، هنن وٽ ننڍا وڏا هٿيار ۽ هٿ ۾ ڪهاڙيون هيون.

    مون کي حيدر منزل تي وٺي آيا. بنگلي جي ٻاهران ۽ بنگلي اندر ماڻهن جا هشام هئا، جن ۾ گهڻائي نوجوانن جي هئي. ماڻهن جي پيهه مان مون کي اندر وٺي ويا. ٻه ٽي ورانڊا لنگهي هڪ وڏي ڪمري ٻاهران پهچي در ٻاهران بيهي رهيا سين. اندر فرشي نظام هو. سائين جي ايم سيد ۽ ٻيا مهمان ڀتين ڀَرَ ۾ گئو تڪين (گول ويهاڻن) کي ٽيڪ ڏيئي ويٺا هئا، جوڌو جوان اندر ويو. گوڏا کوڙي سائينءَ کي سڙٻائن ۾ ڪجهه چيائين. سائين هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو جوڌو ٻاهر آيو. مون کي اندر هلڻ لاءِ چيائين. مان ڪمري ۾ داخل ٿيس. سائين پنهنجي جاءِ تان اٿيو. مان سلام ڪري سائينءَ جي سامهون بيهي رهيس، سائين مون کي ڏورن کان جهلي مون ڏانهن ڏسندو رهيو. منهن تي هلڪي مُرڪ هئس. ڪجهه نه چيائين ڇڪي مون کي ڀاڪر ۾ ڀريائين. ڀاڪر مان ڪڍي جوڌي جوان کي چيائين،. ”ابا، ڇڏي اچوس.“

    اِها هئي سائين جي ايم سيد سان منهنجي پهرين ۽ آخري ملاقات، حيدر منزل کان ڪجهه گهٽيون ڇڏي سولجر بازار جي سڀ کان وڏي مسجد هئي، نالو ته ڪجهه ٻيو هوس، پر سڏبي هئي علامه غلام رسول واري مسجد، محرم جا ڏهه ڏينهن مولوي غلام رسول مجلس پڙهندو هو. ماڻهن جا هشام ٻڌڻ ايندا هئا. خبر نه پوندي هئي ته ايڏي پيهه ۾ ڪير سني هوندو ۽ ڪير شيعو نه ڪڏهن جهيڙو ٿيو نه فساد ٿيو.

    ٽڪريءَ کان ٽي ميل پري هوندو هو، ڪراچيءَ جو سينٽرل جيل اهو جيل هينئر وچ شهر ۾ آهي ۽ گهڻ ماڙ عمارتن سان وڪوڙيل آهي. ٽڪريءَ کان چوڏهن ميل کن پري هوندي هئي سلهه جي مريضن لاءِ رهائش واري اسپتال هڪ الله لوڪ هندو سيٺ ٺاهرائي هئي. اسپتال جو نالو هوندو هو، اوجها سينٽيوريم ساڳي نالي سان سينٽوريم اڃا به اُتي موجود آهي ۽ هر طرف کان آباديءَ ۾ وڪوڙجي ويو آهي.

    1956ع ۾ اوجها سينٽيوريم کان ٻه ميل اورتي ڪراچي يونيورسٽيءَ جو نئون ڪيمپس ٺهڻ شروع ٿيو هو. 1958ع ۾ آرٽس فيڪلٽي، ڪينٽين ۽ هاسٽل جي هڪ ونگ ٺهي تيار ٿيا ته بواهرا پير ويجهو پرنسيس اسٽريٽ تي مرهٽن جي اسڪول ۾ قائم ڪيل ڪراچي يونيورسٽيءَ جي آرٽس فيڪلٽيءَ کي نئين ڪيمپس ڏانهن شفٽ ڪيو ويو. شاگردن جي پهرين جٿي ۾ مان به هوس، هر طرف جهنگ ۽ ويراني هئي. گرومندر کان روزانو ڇهه بسون اسان کي کڻي نئين ڪيمپس ڇڏڻ وينديون هيون ۽ وري شام جو دير سان وٺڻ اينديون هيون. روزانو اِن ڪرت ۾ ٻه چار ڪلاڪ ضايع ٿيندا هئا. بابا مون کي يونيورسٽي هاسٽل ۾ رهڻ جي اجازت ڏني مون کي عجيب قسم جي خوشي محسوس ٿيندي آهي ته هاسٽل ۾ رهائش وٺندڙ شاگردن جي پهرين ٽولي ۾ مان به شامل هوس. هاسٽل ۾ منهنجي ڪمري جو نمبر ٽيهه هو، هينئر ڪراچي يونيورسٽي چئني طرفن کان گلستان جوهر، گلشن اقبال، سچل ڳوٺ ۽ سهراب ڳوٺ سان وڪوڙجي ويئي آهي.

    عامل ڪالوني ۽ پارسين جي ڪالوني سٽ پنڌ تي، ٽڪريءَ جي اوڀر طرف گرومندر کان علاوه هڪ ٻيو مندر به هوندو هو جنهن جو نالو مون کي ياد نه ٿو اچي. ان مندر جي عمارت سهڻي پٿر ۽ سنگمرمر سان ٺاهيل هئي، مندر پنهنجي جاءِ تي موجود آهي، پر ورهين کان مندر ۾ ڪسٽم کاتي جي هڪ آفيس کولي ڇڏي اٿائون. اهڙي طرح ڪراچيءَ جي انيڪ مندرن تي ماڻهن قبضو ڪري گهر، اسڪول، لائبريريون ۽ گدام ٺاهي ڇڏيا آهن. اهڙن انيڪ مندرن جو ذڪر تفصيل ۽ تصويرن سان هن ڪتاب ۾ ڪيو ويو آهي.

    ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي موجوده عمارتن ۾ ورهاڱي کان اڳ لوڪل بورڊ آفيس هوندي هئي، اڄ تائين ان عمارت جو شمار ڪراچي جي جازب عمارتن ۾ ٿيندو آهي. پاسي کان هوندي هئي، جانورن لاءِ اسپتال.

    ريديو پاڪستان جي سامهون، بندر روڊ جي ٻئي طرف تاج محل سينيما هوندي هئي. تمام سهڻي سينيما هوندي هئي. تاج محل سينيما ڊاهي سينيما جي جاءِ تي دڪان دڙا ۽ آفيسون کولي ڇڏيون اٿائون، ان سينيما ۾ مون ٻال اوسٿا ۾ امان جي هنج ۾ ويهي انيڪ فلمون ڏٺيون هيون، ڊاهي ڇڏيائون. اسان جي سعيد منزل واري اپارٽمينٽ جي اوسي پاسي ڏهه- ٻارهن سينيمائون هونديون هيون.

    بارنس اسٽريٽ تي ايڊلجي ڊنشا بلڊنگ جي پهرين ماڙ تي اسان جو فليٽ هوندو هو. فليٽ نمبر اٺون، ساڄي طرف بندر روڊ هوندو هو. بندر روڊ جي پرئينءَ ڀَرِ اي ون A- one ايراني ريسٽونٽ جي پاسي کان بنگلن جي قطار هوندي هئي. گارڊن روڊ تي برهاني بلدنگ واري اپارٽمينٽ مان اٿي 1942ع ۾ اسين سعيد منزل ڀرسان ايڊلجي ڊنشا واري بلڊنگ ۾ اچي رهيا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ سائين پير صبغت الله شاهه پير پاڳاري جي ٻن پٽن کي انگريز سرڪار پنهنجي تحويل ۾ وٺي اي ون ايراني رسٽونرٽ جي پاسي هڪ بنگلي ۾ آڻي رهايو. بنگلي تي پهرو هوندو هو. بعد ۾ ٻنهي ٻارن کي انگريز انگلينڊ وٺي ويا هئا. انهن ٻارن مان هڪ هاڻوڪو پير پاڳارو آهي ۽ ٻيو هو سندس ڀاءُ جنهن جو نالو نادر شاهه هو.

    پاڪستان ٺاهڻ کانپوءِ ساڳي بنگلي ۾ ڊاڪٽر ساران صديقي اچي رهي هئي، ۽ اتي ئي اسپتال کولي هئي. ان اسپتال ۾ منجهين ٻن ڀائٽين جنم ورتو هو، ٻنهي مان هڪ ايسوسئيٽ پروفيسر آهي، ۽ ٻي پروفيسر آهي. ڊاڪٽر ساران صديقي شڪارپور جي هئي، ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ پهرين ٻاهران پڙهي آيل مسلمان ڊاڪٽرياڻي هئي. مشهور سرجن ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم صديقي سندس ڀائٽيو آهي. وقت جو اجگر اُهي بنگلا ڳهي ويو. انهن بنگلن جي جاءِ تي گهڻ ماڙ بلڊنگو بيهي رهيو آهن.

    تاج محل سينيما سان لڳو لڳ ٿيا سافيڪل هال ۽ لائبريري هوندي هئي. ٿيا سافيڪل هال ۽ سندس لائبريري سياسي اٿل پٿل ۾ تباهه ٿيڻ کان بچي ويا آهن. ٿيا سافيڪل هال سعيد منزل ڀرسان اسان جي فليٽ کان تمام ويجهون هونديون هو. وچ ۾ اين جي وي هاءِ اسڪول جي عاليشان عمارت ايندي هئي. اين جي وي هاءِ اسڪول منهنجي ابتدائي يادن جو مرڪز آهي. پهرين درجي کان ميٽرڪ تائين مان پنهنجين غير معمولي يادن جي مرڪز ۾ پڙهيو آهيان. تفصيل ۾ هليو ويس ته پوءِ آتم ڪٿا جا اٺَ باب لکي ويندس.

    ٿيا سافيڪل هال سان منهنجيون بيشمار يادون وابسته آهن. 1961ع کان 1963ع وارا ٽي سال مان ڪڏهن وساري نه سگهندس. جڏهن به لکيم منهنجي آتم ڪٿا جا اهم باب انهن سالن جي باري ۾ هوندا هئا. هتي فقط هڪ ٻن ڳالهين جو حوالو ڏيندس. ننڍي وهيءَ کان مان ٿياسافيءَ تي هفتيوار ليڪچر ٻڌڻ لاءِ ٿيا سافيڪل هال ويندو هوس. اُهي ليڪچر ٻڌڻ لاءِ ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي پريزيڊنٽ مسز گل مينوالا سادي، سليس ۽ سمجهه ۾ ايندڙ انگريزيءَ ۾ ڏيندي هئي. انهن ليڪچرن مذهبن ۽ عقيدن جي باري ۾ منهنجو ذهن صاف ڪري ڇڏيو. هال جي اسٽيج مٿان وڏن اکرن ۾ لکيل ايني بسنت جي هڪ سٽ جو مفهوم مون کي سمجهه ۾ اچي ويو. ”ڪو مذهب سچ کان مٿاهون ناهي“

    مذهبن ۽ عقيدن جي باري ۾ منهنجا مونجهارا ختم ٿي ويا. مون کي هميشه لاءِ مڪتي ملي ويئي مان آزاد ٿي ويس. ٿيا سافيڪل هال ۾ نيشنل ٿيٽرس پاران منهنجو پهريون ڊرامو اسٽيج ٿيو هو. اتي ئي مون ٻه ٽي اسٽيج ڊراما ڊائريڪٽ ڪيا هئا. اهي ڊراما اردو ۾ هئا. پاڪستان ٿيٽرس ۽ نيشنل ٿيٽرس سان ڪم ڪندي مون زندگيءَ جي لاهن ۽ چاڙهن کي هر رنگ هر روپ ڏنو. زندگي کي مون روشني ۾ ڏٺو زندگيءَ کي مون تاريڪيءَ ۾ غرق ڏٺو. ڪلوز اپ (Close Up) ۾ زندگيءَ مون کي ڏاڍي ڀوائتي محسوس ٿي.

    ڪراچيءَ ۾ ٽي ٿيٽرس هوندا هئا. هڪ ٿيا سافيڪل سوسائٽيءَ وارو، ٻيو ايليٽ ٿيٽر، اسان جي سعيد منزل وارو فليٽ کان تمام ويجهو هوندو هو، ۽ ٽيون هو ڪيٽرڪ هال، ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ وارو هال هلي پيو. ايليٽ ٿيٽر کي ورهاڱي کانپوءِ اهي ساڳي هنڌ ايروز سينيما ٺاهي هئائون جيڪا پاڪستان ۾ آيل سينيمائن لاءِ تباهيءَ ۾ مسمار ٿي ويئي. اتي هن وقت موٽر گاڏين لاءِ اسپيئر پارٽس جا دڪان آهن. اٺ ڏهه سال اڳ ڪيٽرڪ هال ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيائون ڪيٽرڪ هال جي ويجهو هڪ ڄڻو گاڏي تي جست جي ديڳ ۾ برياني کڻي ايندو هو. ڏاڍي لذيذ هوندي هئي. اوسي پاسي جي اسڪولي ۽ ڪاليج جي شاگردن کي وڻندي هئي. ڪاروبار هلي پيس ته گاڏي تي هڪ بدران ٻه ديڳيون آڻڻ لڳو. مٿان ٽيبل ڪرسيون آڻي فٽپاٿ تي رکيائين اتيئي، ساڳي هنڌ ايمپريس مارڪيٽ ويجهو سندس هوٽل آهي. ساڳي نالي سان- اسٽوڊنٽ برياني. نه رهيو ته ڪيٽرڪ هال نه رهيو. اتي گهڻن ماڙ عمارت اُسري آئي آهي.

    ائين يادن جي هڙ کولي ويٺس ته ڪتاب پڙهڻ وارن سان بي انصافي ڪندس، هنن هيءَ ڪتاب مهاڳ ۾ منهنجي آتم ڪٿا پڙهڻ لاءِ نه ورتو آهي، تنهنڪري ڪراچيءَ جي ٻن چئن هنڌن جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ اُداس شام ۾ ڊگهي واڪ تي نڪري ويدنس. انهن هنڌن تي وڃي بيهندس جن هنڌن، جڳهن جو ذڪر مان هينئر اوهان سان ڪندس.

    ڪي ڪي يادون پٿر تي ليڪ وانگر يا ڀرجي ويل پراڻي زخم وانگر اسان کي هميشه ذهن ۾ پاسا ورائيندي محسوس ٿينديون آهن. مون اڍائي ٽن سالن جي ڄمار ۾ هوش سنڀاليو هو. تڏهن اسين گارڊن روڊ تي برهاني بلدنگ ۾ رهندا هئا سين. پاسي کان اينڪل سيريا نرنسگ هوم هوندو هو. سٽ پنڌ تي هوندو هو گانڌي گارڊن ٻال اوسٿا جي يادن مان سڀ کان واضع ياد آهي صبح جو شام ويلي ببر شينهن جي اونائن جو آواز چلڪڻي فرش تي هاريل پاڻيءَ ۾ مون کي مختلف شڪليون نظر اينديون هيون. پاڻيءَ ۾ پير هڻي مان شڪليون بدلائي ڇڏيندو هوس، اهي ڏينهن هئا ٻي مهاڀاري جنگ جا. ڪڏهن ڪڏهن سائرن وڄندا هئا. بتيون وسامي وينديون هيون. امان مون کي ڀاڪر ۾ ڀري وٺندي هئي. اوندهه جي هيبت منهنجي لاشعور ۾ لهي ويئي. مون کي اڄ تائين اوندهه کان ڊپ محسوس ٿيندو آهي. اهي ڳالهيون امان ۽ بابا جي بار بار ورجائڻ جو سبب مون کي ياد رهجي ويون آهن.

    برهاني بلدنگ ۾ اسان کي ڇڏي باقي ڪرسچن، پارسي، بوهري ۽ هندو فيمليون رهنديون هيون. ان عمارت ۾ منهنجي لاءِ اڳتي هلي لاهن چاڙهن ۽ ڇڪتاڻ سان سٿيل زندگيءَ ۾ سيڪيولر روين جو پڪو پختو بنياد پيو. سالن جا سال ٿيا سافيڪل هال ۾ ٿيا سافيءَ تي ليڪچر ٻڌندي مون تي صوفياڻو اثر پوندو ويو. سوچڻ تي ڪا بندش نه هئي. ڪو به سوال پڇڻ تي جهل پل نه هوندي هئي. پوءِ اڳتي هلي جڏهن سچل سائينءَ کي پڙهيم تڏهن انيڪ وهمن وسن کان مون کي نجات ملي ويئي.

    ٻڌائيندا آهن ته سال کن جي عمر ۾ جڏهن پهرين وک کئين هيم تڏهن بابا مون کي فريئر هال وٺي ويندو هو. پاڻ بينچ تي ويهي رهندو هو ۽ مون کي فريئر هال جي سرسبز ڇٻر يعني لان تي هلڻ، ڏيندو هو ۽ هلندي ڪرڻ ۽ ڪِرڻ کان پوءِ اٿڻ لاءِ ڇڏي ڏيندو هو. فيئر هال ۾ گذاريل اهو عرصو مون کي ياد ناهي. پر پوءِ اڍائي سالن جو ٿيڻ کان پوءِ جڏهن مون کي شيون سڃاڻن جو شعور مليو تڏهن کان فريئر هال ۾ رکيل ڪجهه شيون ڪجهه بت ۽ لامار ڏيئي چرڳو چڳڻ وارا ڪبوتر هميشه لاءِ منهنجي ذهن تي نقش ٿي ويا. لان تي پير رکيو هو ته سڀ کان اڳ انصاف جي ديويءَ تي نظر پوندي هئي. سنگ مرمر مان ٺاهيل انصاف جي ديوي وڏي چبوتري تي ويٺي هوندي هئي. اکين تي پٽي ٻڌل هوندي هئس ۽ هٿ ۾ ساهمي. ٻنهي پاسن کان پتل جا ٻه ببر شينهن ويٺا هوندا هئس. ويجهو وڃي ڏسڻ کانپوءِ به اصلي، جيئرا جاڳندا لڳندا هئا.

    پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ بتشڪنن انصاف جي ديوي غائب ڪري ڇڏي، ان ڏينهن انصاف پاڪستان مان لڏي ويو. راڻي وڪٽوريا جو خوبصورت مجسمو به الاءِ ڪيڏانهن ڪري ڇڏيائون. برٽش طرز تي ٺاهيل فريئر هال ڪسمپرستيءَ جي حالت ۾ آهي. اُتي ڪنهن کي پير پائڻ جي اجازت ناهي ڇو جو عين سامهون آمريڪا جو ڪائونسل خانو آهي.

    هاڻوڪي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ جي وچ واري چوراهي تي پتل ۽ ٽامي مان ٺاهيل مها آتما گانڌيءَ جو مجسمو بيٺل هوندو هو، ايڏو سهڻو ٺاهيل هو جو لڳندو هو، اجهو وک کنيائين بت شڪستن رسا ۽ زنجير وجهي مهاتما گانڌيءَ جو مجسمو ڪيرائي وڌو هو. مشهور ٿيو ته يارن ٽامون ۽ پتل ڳاري ڳريل يا رجيل ٽامي ۽ پتل مان ديڳيون ٺاهيون هيون ۽ برنس روڊ تي انهن ديڳين ۾ حليم ٺاهي وڪڻڻ شروع ڪيو هئائون.

    ڪي وڌيڪ سال ڪو نه ٿيا آهن جڏهن انگريزن جي يورپي طرز تي ٺاهيل قديم ٽولٽن مارڪيٽ ڊاهي، ان جي جاءِ تي گهڻن ماڙ عمارت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو هئائون. ڪجهه نه ٿيو هو. ڪو احتجاج نه ٿيو هو. ٽولٽن مارڪيٽ ڊاهي ڇڏيائون. سعيد منزل کان ٽرام تي ويهي بابا ۽ مان بولٽن مارڪيٽ مان سيڌو سامان وٺڻ ايندا هئا سين. ٽولٽن مارڪيٽ جي سامهون هڪ سرڪاري عمارت هوندي هئي، شايد سروير جي آفيس هئي. اها ڳالهه اهم ناهي. اهم اهو آهي ته ان جي عمارت جي ٻاهرين ڀت تي ڪراچيءَ جي زيرو پوائنٽ جو پٿر لڳل هوندو هو. هينئر سڀ ڪجهه غائب ٿي ويو آهي.

    ڪجهه سال اڳ لاهور جو ٽولٽن مارڪيٽ جڏهن ڊاهڻ جو فيصلو ڪيون هئائون ، تڏهن سمورو لاهور جو شهر احتجاج جي باهه ۾ ڀڙڪي اٿيو هو. ٽولٽن مارڪيٽ کي گهيري ۾ آڻي لکين، آرٽسٽسن، جرنلسٽن، ٽيچرن، پروفيسرن، شاگردن، ۽ لکين شهرين ڌرڻو هنيو هو. ٽولٽن مارڪيٽ جا ڌڻي سائين هئا، تن ٽولٽن مارڪيٽ بچائي ورتو. بولٽن مارڪيٽ جو ڪو ڌڻي سائين نه هو. پٽي پٽ ڪري ڇڏيائونس.

    منجهجين انيڪ ڪهاڻين جا ٽي هنڌ مرڪزي حيثيت جا آهن، سعيد منزل، بارنيس اسٽريٽ، ايلفنسٽن اسٽريٽ صدر ۽ چاڪيواڙو، ڀيم پورو ۽ رانگي واڙو.

    بارينس اسٽريٽ کي ڪري ڇڏيائون جميله اسٽريٽ، ايلفنسٽن اسٽريٽ کي ڪري ڇڏيائون زينب النسا اسٽريٽ، ايلفنسٽن اسٽريٽ تي جتي ڪتابن جا دڪان هئا اُتي بوٽن جا دڪان کلي ويا اهن. ايلفي ريسٽورنٽ جتي ڪراچيءَ جا ليکڪ، آرٽسٽ، ڪميونسٽ، صحافي ۽ بيروزگار اچي چانهن پيئندا هئا، اُتي زيورن جو دڪان کليو اٿائون. چاڪيواڙا ڀيم پورو ۽ لياري غنڊن ۽ شودن جي حوالي ڪري ڇڏيا اٿائون.

    جهانگير پارڪ صدر ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ هوندو هو، جتي ميچن کان علاوه اٺ ٽيمون نيٽ پريڪٽس ڪنديون هيون. منهنجي زندگيءَ جا ڀرپور سال جهانگير پارڪ ۾ ميچون کيڏيندي يا پريڪٽس ڪندي گذريا. هينئر جهانگير پارڪ جي هڪ حصي تي مسجد ٺاهي اٿائون جنهن تي بيشمار لائوڊ اسپيڪر لڳل آهن. ڪرڪيٽ راند بند ڪرائي جهانگير پارڪ جي باقي بچيل حصي تي ڇٻر، لان، گل ٻوٽا هڻي باغ ٺاهيائون جيڪو هينئر چرسين، هيورئنن ۽ نشين اجاڙي ڇڏيو آهي. ظاهري ڀڃ ڊاهه منهنجي لاءِ باطني ڀڃ ڊاهه جو سبب ٿي پيئي آهي.

    هندو جمخاني جو شمار ڪراچي جي سٺن ڪرڪيٽ گرائوند ۾ ٿيندو هو. اتي مون آل انڊيا ٽيسٽ ڪرڪيٽر نائونمل کي راند ڪندي ڏٺو هو. اتيئي مون پنمل پنجابي، رامچند ۽ لعل کي کيڏندي ڏٺو هو. لعل اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ مون کان سينيئر هوندو هو، ۽ ليفٽ آرم فاسٽ بالر هوندو هو. هندو جمخاني سان لڳو لڳ هوندو هو مسلم جمخانو. هندو جمخاني کان سڏ پنڌ تي هوندو هو ڪراچي جمخانو آغا خان جمخاني جو ڪرڪيٽ گرائونڊ گارڊن طرف هو. ڪراچي پارسي انسٽيٽيوٽ جو ڪرڪيٽ گرائونڊ سينٽ پيٽرڪ اسڪول جي ڀرسان هوندو هو. ورهاڱي کانپوءِ هندو جمخاني جي عاليشان پويلين ۾ مهاجر ڪيمپ کوليائون. ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ڪراچي پوليس قبصو ڪري سپاهين لاءِ ننڍڙا سوين فليٽ ٺاهرائي ڇڏيا هئا. هندو جمخاني جي خوبصورت پويلين سيٺ مهاٽا پنهنجي محل مهاتا پئلس وانگر ساڳئي راجسٿاني پٿر ۽ طرز تي ٺاهرائي هئي. ورهين تائين زبون حالت ۾ هئي سنڌ ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي اڳوڻي سيڪريٽري عبدالحميد آخوند وڏي جاکوڙ کان پوءِ هندو جمخانو ڪلچر ڊپارٽمنٽ جي تحويل ۾ ورتو ۽ سالن جا سال ڏينهن رات محنت ڪري، مرمت ڪرائي هندو جمخاني جي پويلين کي ساڳي اوج تي آڻي بيهاريو. ڪجهه سال اڳ ٿيٽر جي نالي ۾ ڪجهه پراڻا فنڪار هندو جمخاني تي قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو. افسوس انڪري ٿيو جو هندو جمخاني جي صفا سامهون ڪراچي آرٽس ڪائونسل آهي. اتي هڪ ٿيٽر به ٺهيل آهي، جيڪو ڪم تاريخي هندو جمخاني ۾ ٿيٽر جا پراڻا فنڪار ڪري رهيا آهن، سو ڪم هو آرٽس ڪائونسل ۾ ڪري سگهيا ٿي. پر هنن کي هڪ نويڪلي جاءِ جي تلاش هئي جيڪا کين ٺهيل ٺڪيل ملي ويئي، جتي هنج هئا، اتي ڪانون ڪانگيرا ڪيا آهن.

    ڪلفٽن هڪ دياوان پارسي جهانگير ڪوٺاري ٺهرائي هئي، سو سال اڳ، گنبذ کان سٽ پنڌ تي ڳارهي پٿر جا ويڪرا ڏاڪا سڌو سمنڊ تائين وٺي ويندا هئا، هڪ محرام هيٺان ڏاڪا شروع ٿيندا هئا. محراب تي اڃا به اُهائي عبارت اُڪريل آهي- جهانگير ڪوٺاري پريڊ، پاسي کان مندر آهي جتي اڃا به سومر سومر تي پوڄا پاٽ هلندو آهي. الاءِ ڪيئن وقت جي ڏڦير ۾ بچي ويو آهي. قدرت جو ڪرشمو آهي.

    جهانگير ڪوٽاري پريڊ جا ڏاڪا جتي ختم ٿيندا هئا اتي پاسي کان سي بريز نالي ريسٽورنٽ هوندي هئي. عجيب ريسٽورنٽ هوندي هئي. شام ڌاري سج لهڻ کان پوءِ وڏي ويڪري اڱڻ ۾ ميزون ويهڻ لاءِ موڙا رکندا هئا. هلڪي روشنيءَ وارو بلب ٻري پوندا هئا. چئن ڪنڊن تي لڳل لائوڊ اسپيڪر مان جهونگار جهيڙي آواز ۾ طلعت محمود جا غزل ۽ سگهل جا گيت هلندا هئا. اڱڻ کي ٽن فٽن جيتري لوڙهي جهڙي ڀت ڏنل هوندي هئي. چانڊوڪي راتين ۾ ڪا ڇولي سي بريز جي ڀت سان اچي لڳندي هئي. نه رهي آهي سي بريز، ۽ نه چانڊوڪين راتين ۾ غزلن ۽ گيتن جو سمنڊ جي سرگرم تي روح کي راحت بخشڻ جهڙي موسيقيءَ جو سحر، سمنڊ ڪوٺاري پريڊ کان ڏيڍ ٻه ڪلو ميٽر پري هليو ويو آهي. ڄڻ اسان کان رسي ويو آهي.

    آخر ۾ مان ذڪر ڪندس پنهنجي پرائمري اسڪول جو رتن تلاءُ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪراچيءَ جي تمام سٺن اسڪولن ۾ شمار ٿيندو هو. گارڊن روڊ واري برهاني بلڊنگ ۾ مان جڏهن ڇهن سالن جو ٿيس تڏهن بابا مون کي رتن تلاءُ اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. برهاني بلڊنگ رتن تلاءُ اسڪول کان ڪجهه پري هوندي هئي. تنهن ڪري بابا 1942ع ۾ بارنيس اسٽريٽ تي سعيد منزل سان لڳو لڳ ايڊلجي ڊنشا بلدنگ ۾ فليٽ ورتو ۽ اسين برهاني بلڊنگ مان اُٿي ايڊلجي ڊنشا بلدنگ هليا آيا سين. پاسي کان بندر روڊ هوندو هو. بندر روڊ پار ڪري، هڪ گهٽي لنگهبي هئي ته سڌو وڃي رتن تلاءُ اسڪول جي سامهون بيهبو هو. وڌ ۾ وڌ پنجن ڇهن منٽن جو پنڌ هو، ٻال اوسٿا دوران دل ۾ گهر ڪري ويهي رهڻ واريون دوستيون رتن تلاءُ اسڪول ۾ ٿيون هيون.

    رتن تلاءُ پرائمري اسڪول ۾ مون اُن دور جي دستور موجب پرائمري جا چار درجا پڙهيا- 1942ع کان 1946ع تائين 1947 ۾ هندستان جو ورهاڱو ٿيو. سڄي ملڪ ۾ فسادن جو ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو. 1947ع ۾ مون اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي جي پهرين درجي ۾ داخلا ورتي هئي. هڪ شام افواهه آيو ته رتن تلاءُ اسڪول کي باهه ڏني اٿائون. مان ڊورنڊ ويس. بندر روڊ پار ڪ، گهٽي لنگهي جيئن ئي مان اسڪول آڏو پهتس ته اسڪول جي پهرين ماڙ جي درين مان باهه جا ڀنڀٽ نڪري رهيا هئا.

    مان توائي ٿي ويس اڄ تائين توائي آهيان مون کي نروان نصيب نه ٿيندو، مان هر جنم توائي رهندس. رتن تلاءَ اسڪول کي لڳل باهه جا ڀنڀٽ منهنجي وجود ۾ وسامي نه سگهيا آهن. مان مها آتما گوتم ٻڌ جو ڀڪشو آهيان پر نروان منهنجي نصيب ۾ ناهي.

    *





    ديو مالائي شخص جو ديو مالائي ڪردار

    گل حسن ڪلمتي



    اشتياق انصاري



    موکيءَ متارن جي ديس جو گل حسن ڪلمتي ڪراچيءَ جو اصلوڪو ۽ پراڻو رهاڪو آهي. هو ان ڪراچيءَ جي ڪُن جو اَوائلي تهذيب جو والي وارث ۽ امين آهي، بدقسمتيءَ سان هو پنهنجي پريشان اکين سان ڪراچيءَ جي تاريخي ماڳن مڪانن کي تباهه ٿيندو ڏسي رهيو آهي، ٻيو ته ٺهيو پر گل حسن ڪلمتي سانڀر ۾ ئي پنهنجي قديم ناناڻي ڳوٺ بلباس کي ڌرتي جي گولي تان گم ٿيندي ڏٺو. بلباس جتي هن ٻارونڻي جا موج مستيءَ وارا ڏينهن گذاريا هيا. هاڻي اهو نخلستان جهڙو سرسز ٻيرين، بادامن ۽ کجين سان جهنجهيل ڳوٺ لوهه ۽ سيمينٽ جي پڃري ۾ قيد آهي.



    ايتري قدر جو بلباس جهڙي تاريخي نالي کي به مدينا ڪالوني سڏي ڏيڍ ٻه سئو سالن جي تاريخي ورقن کي ڦاڙي ڦٽو ڪيو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو گل حسن ڪلمتي کي کوري جيان پچي ۽ پڄري ٿو. سندس لفظ لفظ ۾ درد ۽ دانهن سمايل آهي، چوندا آهن ته، ”جتي باهه ٻري اتي سيڪ اچي“ هونءَ به تاريخي ماڳن، مڪانن ۽ اوائلي آثارن جي مدد سان اتان جي ماڻهن ۽ معاشري جو مطالعو ڪيو ويندو آهي، انهن قومن جي عادتن، ريتن، رسمن، رهڻي ڪهڻي ۽ ان جي خوشحاليءَ جو اندازو ڪيو ويندو آهي. پر ڏٺو ويو آهي ته، دنيا ۾ هميشه غاصب قومون، مقامي ماڻهن کي ڪمزور، بي عمل، غير مهذب ۽ ڪلچر کان عاري ثابت ڪرڻ لاءِ انهن جي تاريخي ماڳن، مڪانن کي تباهه ڪنديون آهن.



    جيئن آمريڪا، آسٽريليا، نيوزي لينڊ، ميڪسيڪو جي قديم قومن کي ٻاهران آيل ماڻهن پنهنجي نسلي برتري ۽ مقامي ماڻهن کي پوئتي پيل ڏيکاري پنهنجا سياسي مقصد پورا ڪيا. ساڳيءَ نفرت جو اظهار سنڌين لاءِ چيل اهي لفظ آهن: ”سنڌ جي تهذيب گڏهه چارڻ ۽ اٺ هڪلڻ وارن جي تهذيب آهي.“



    مورڙي ميربحر جي ماڳ ۾ گل حسن ڪلمتي هڪ جاکوڙي انسان آهي. سنڌي ادب جي ميدان ۾ هن جي پيرن جا نشان ” هڪ رٺل شهر جي ڪهاڻي“، ”شير دريا: سنڌوءَ جي سفر ڪهاڻي“، ”برف جو دو زخ“ طور اڄ به چٽا پٽا بيٺا آهن. پر هي تازو ديو مالائي ڪم ”ڪراچي: سنڌ جي مارئي“ کيس سنڌي ادب ۾ نمايا مقام تي آڻي بيهاريو آهي.



    گل حسن ڪلمتيءَ وڏي اورچائيءَ سان ڪراچيءَ جي وساريل ورقن کان جديد ڪراچيءَ تائين تاريخي سفر وڏي تسلسل ۽ روانيءَ سان بيان ڪيو آهي. هو نه رڳو پرهندڙ کي چيچ کان وٺي سڪندر اعظم جي اچڻ کان وٺي هاڻوڪي دور تائين قديم ماڳن، مڪانن جو سير ڪرائيندو ٿو اچي پر ساڳي وقت هڪ ماهر وڪيل جيان پنهنجي ڌرتيءَ جو ڪيس به ورهندو ٿو هلي.



    هو ٻڌائي ٿو ته ڪيئن هڪ سازش تحت لالو کيت کي لياقت آباد، ڀانگريا ڳوٺ کي عزيز آباد، مولڙي کي سفاري پارڪ، پپري بندر کي پورٽ قاسم ۽ درسمي واڙي کي گهاس منڊي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.



    گل حسن نه رڳو ڪراچي شهر جي قديم وسندين جي ويران ٿيڻ جو ذڪر ڪيو آهي. پر هن اتان جي گرجائن، قبرستانن، درگاهن، مندرن، مسجدن، مساڻن ۽ مڙهين جي ميسارجڻ تي به ماتم ڪيو آهي. هن کاهوڙيءَ ڏکيا ۽ ڊگها پنڌ ڪري ڪراچي جي پسگردائي ۽ ٻهراڙيءَ جي چپي چپي جو احوال هڪ سگهڙ جيان پيش ڪيو آهي. هن ملير جي مارن، منگهوپير جي ماڻهن، ساحلي ماهيگيرن کان وٺي گولاڙا ۽ گگرين جي ڏيهه ڪوهستان ۽ ڪاڇي جا به اُرها ڪرها پيچرا لتاڙيا آهن. هن پنهنجين رولاڪين دوران وڻن جي واڍي ۽ جهنگلي جيوت جي خاتمي تي به لڙڪ هاريا آهن.



    گل حسن ڪلمتي ”ڪراچي: سنڌ جي مارئي“ جهڙو ڪتاب لکي اڪيلي سرڄڻ ڏونگر ڏوريو آهي. اهڙا وڏا پراجيڪٽ اصل ۾ وڏن ادارن کي سونهن ٿا. پر شاباس آهي گل حسن کي جنهن هڙان وڙان اهڙو اڻانگو ڪم ڪري ڌرتيءَ جو ڪجهه قرض لاٿو آهي.



    ڪاش ! سنڌ جو هر ماڻهو پنهنجي وقت وس آهر اهڙي محنت ۽ ڪوشش سان اسان کي اوائلي سٻاجهڙي سنڌ ۽ ان جون سهڻيون يادون واپس ورائي ڏي.

    (ڪتاب جي ڊسٽ ڪور تان ورتل )

    *



    ”ڪراچي، سنڌ جي مارئي“، ايم ڪيو ايم کان وڌيڪ طاقتور ڪتاب آهي.



    منور لغاري



    ڪراچي سنڌ جي مارئي پڙهڻ لاءِ مليو، تنهن لاءِ توهان جي مهرباني، ادا گل حسن آءُ پڻ ان سلسلي ۾ اوهان سان رابطو ڪرڻ وارو هوس، سچ پڇو ته اوهان جو ڪتاب هڪ شاندار ڪتاب آهي جنهن کان آءُ تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان. حقيقت ۾ اوهان جو ڪتاب ايم ڪيو ايم کان وڌيڪ طاقتور آهي، جنهن ڪراچيءَ جي حقيقي وارثيءَ متعلق هڪ شاندار دستاويز ۽ تاريخ ثبوت جي حيثيت فراهم ڪئي آهي.



    مون کي پڪ آهي ته اسين پنهنجي شهر جو وقار ۽ حقيقي مالڪيءَ جو اختيار ضرور حاصل ڪنداسين ۽ انهيءَ سلسلي ۾ اوهان جو ڪتاب هڪ شاندار ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.



    جيڪڏهن آءُ سنڌ ۾ هجان ها ته اوهان جي ڪتاب متعلق مطالعاتي ويهڪون ڪوٺايان ها ۽ اوهان جي ڪتاب کي درسي نصاب ۾ شامل ڪرائڻ جي لاءِ جدوجهد ڪريان ها.



    جيڪڏهن اسان کي تاريخ جو شعور ۽ ادارڪ نه آهي ته پوءِ اسان وٽ ڪجهه به نه آهي ۽ اوهان ” ڪراچي، سنڌ جي مارئي“ لکي اسان منجهه سنڌ ۽ سنڌ جي شهرن متعل تاريخي ادراڪ ۽ شعور پيدا ڪيو آهي.



    سائين امر جليل ڪتاب جو مهاڳ پڻ شاندار نموني لکيو آهي جنهن لاءِ کيس منهنجي طرفان مبارڪون ڏجو.



    آءُ هر روز ڪتاب جا ڪجهه صفحا پڙهندو آهيان ۽ اميد ته جلد ئي پڙهي پورو ڪندس، ڇو ته ان سان گڏ ڪجهه ٻيا ڪتاب پڻ مطالعي هيٺ آهن، جڏهن ته شاه صاحب جو رسالو پڻ هر روز منهنجي مطالعي ۾ شامل رهندو آهي.

    ڪتاب تي تبصرو:

    ”ڪراچي: سنڌ جي مارئي“



    منظور جوکيو



    انگريزن جي دور ۾ حڪومت طرفان صوبي ۽ ضلعي سطح تي هر سال گزيٽيئر ڇپبا هئا. اڄ به اهي گزيٽيئر، جهڙوڪِ 1887ع ۾ ڇپيل هيوگيز جو سنڌ گزيٽيئر ۽ 1907ع وارو اي ايم ايٽڪن جو گزيٽيئر، سنڌ متعلق بنيادي ڄاڻ فراهم ڪن ٿا. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ، ڪجهه عرصو گزيٽيئر ڇاپڻ جو سلسلو رهيو جيئن 1956ع ۾ ايچ ٽي سوريلءَ جي سنڌ گزيٽيئر. پر اڳتي هلي اهي سلسلا بند ٿي ويا.



    ساڳئي طرح ضلعي سطح تي به گزيٽيئر ڇاپيا ويندا هئا، جيئن ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور، دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعن لاءِ هر سال ڌار ڌار ڇاپيل گزيٽيئر اڄ به علم تحقيق لاءِ وڏي حيثيت رکن ٿا. پر هن وقت سرڪاري سطح تي رڳو ضلعي جي ڊيٽا تيار ڪري ڇاپي وڃي ٿي، جيڪا صرف سرڪاري فائيلن ۽ ڪٻٽن تائين محدود رهي ٿي.



    ملڪ ۽ صوبن جون تاريخون ڇپرائڻ، معلومات گڏ ڪرڻ ۽ گزيٽيئر جهڙا تحقيقي ڪم ڪرڻ بنيادي طور حڪومتي ادارن جي سستي ڏسي ڪجهه خانگي ادارن اهو ڪم هٿ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيئن تازو ڪراچيءَ جي حوالي سان ٻه ڪتاب سامهون آيا اهن. هڪ ڊان اخبار ڇاپيندڙ اداري هيرالڊ پبليڪشن پاران ڪراچيءَ تي انگريزيءَ ۾ ڪتاب ۽ ٻيو ”آج“ رسالي ڇاپيندڙ اداري طرفان ڪراچيءَ تي اردوءَ ۾ ڪتاب: ڊان وارو انگريزي جو ڪتاب هڪ پراڻي ڪتاب جي Reprint آهي، جيڪو هڪ انگريزي محقق انگريز دور ۾ لکيو هو، جنهن جو موجوده دور سان تعلق ڪونهي.



    ”آج“ وارن جو ڪتاب هڪ مخصوص سوچ تحت تعصباڻي رنگ ۾ رڱيل ڪتاب آهي. جنهن کي پڙهي محسوس ٿئي ٿو ته، اهو ڪتاب رڳو ڪراچيءَ تي مالڪي ڏيکارڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. ڇو ته انهيءَ ڪتاب ۾ ڪراچيءَ جي اصل وارثن کي گهڻي ڀاڱي نظر انداز ڪيو ويو آهي. انهيءَ سڄي پسمنظر ۾ اها ضرورت شدت سان محسوس ڪئي پئي وئي ته، سنڌيءَ ۾ به اهڙو ڪتاب هجي جنهن ۾ حقيقت کي سامهون آندو وڃي ته ڪراچي اصل ۾ ڇا هئي، اها ڪنهن جي هئي/آهي ۽ اڄ ان تي ڪير قبضي ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي.



    اهو وڏو ڪم گل حسن ڪلمتيءَ ڪري ڏيکاريو، ڪلمتي ڪنهن به حوالي سان ڪو امير ترين ماڻهو ناهي، ۽ نه وري ڪو محمد علي ماجد (ڪتاب جو پبلشر) پئسي وارو آهي. پر انهن ٻنهي جوانن جي سچائي، نيڪ نيت، جذبي، اڻٿڪ محنت ۽ وڏي جدوجهد ڪراچيءَ تي سنڌيءَ ۾ ضخيم ڪتاب آڻڻ واري خواب کي ساڀيا ڏني، گل حسن ڪلمتيءَ هي ڪتاب لکي هڪ وڏو تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن لاءِ ان جي جيتري به تعريف ڪبي سا گهٽ هوندي.



    ڪراچي تي ٿيل گل حسن ڪلمتيءَ جو اهو ڪم سنڌ جي مڙني يونيورسٽين ۾ ٿيل ۽ ٿيندڙ تحقيقي ڪمن کان وڏو ڪم آهي ڪراچي يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ کي پنهنجون روايتون ٽوڙي گل حسن ڪلمتيءَ کي سڏائي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏيڻ کپي.



    هن ڪتاب جو مهاڳ عظيم ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڪالم نگار امر جليل لکيو آهي. مهاڳ واقعي به امر جليل دل جي گهراين سان ۽ وڏي چاهه سان لکيو آهي. هن ڪتاب تي بحث ڪندي مون امر جليل جي اکين ۾ اها جوت ڏٺي آهي جيڪا هڪ عاشق جي اکين ۾ محبوبا لاءِ هوندي آهي، اهوئي سبب آهي جو امر جليل جڏهن ڪراچيءَ جو ذڪر ڪندو آهي ته، ائين لڳندو آهي، ڄڻ هو پنهنجي محبوبا جو ذڪر ڪري رهيو هجي. مهاڳ ۾ امرجليل پڙهندڙن کي ٻڌايو آهي ته هن اصل ڪراچيءَ کي ڪيئن ڏٺو ۽ مختصر عرصي ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪهڙيون هاڃيڪار تبديليون آيون. ڪراچيءَ جي اهڙي حالت جو امر جليل وٽ وڏو درد آهي. جنهن کي هو سانڍيون ويٺو آهي.



    ڪاش ! هو ان ڪرب کي نجيب محفوظ جيان قاهره شهر تي لکيل ٽن ناول: ”پئليس واڪ“،”شگر اسٽريٽ“، پئليس آف ڊزائر“ يا وري گارشيا مارڪئيز جيان مڪونڊو ڳوٺ تي لکيل ناول: ”ون هنڊريڊ ايئر آف ساليٽيوڊ“ جهڙو ڪو روپ ڏئي سگهي.



    گل حسن ڪلمتيءَ ڪراچيءَ تي لکيل هن ڪتاب ۾ معلومات جو هڪ وڏو ذخيرو ڏنو آهي. هي ڪتاب 25 بابن تي ٻڌل آهي. جنهن ۾ اٽڪل 286 مختلف موضوعن تي لکيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ توهان کي ڪراچيءَ سان لاڳاپيل هر موضوع تي معلومات ملندي، بس توهان ڪنهن موضوع جو ذڪر ڪيو يا وري ڪو نالو کڻي اهو توهان کي هن ڪتاب ۾ ملندو. هن ڪتاب کي ڪراچيءَ جي 250 تصويرون به خوبصورت بڻايو آهي. ڪتاب ۾ 100 پراڻيون يادگار تصويرون ۽ 150 هاڻوڪيون تصويرون ڏنل آهن. تصويرن جو اهو خزانو گڏ ڪرڻ ئي وڏو ڪم آهي.



    ڪتاب جي آخر ۾ بليو گرافي ڏنل آهي جيڪا اڪثر تحقيقي سنڌي ڪتابن ۾ اڻلڀ هوندي آهي. ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ باقاعده حوالا ڏنا وڃن ها، جيڪي ڪنهن تحقيقي ڪم جو لازمي جذ هوندا آهن. ڪتاب جي آخر ۾ ڏسڻي، انڊيڪس به هئڻ کپندي هئي. اها به تحقيقي ڪم لاءِ ضروري هوندي آهي.



    تنهن هوندي به مان سمجهان ٿو ته، ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌي زبان ۾ جيڪي به ڪتاب ڇپيا آهن. انهن جي مقابلي ۾ هي ڪتاب سڀني کان وڌيڪ ضخيم، معلوماتي، معياري، خوبصورت ۽ شاندار ڪتاب آهي. شال هن ڪتاب جي انهن مڙني خوبين کي ڏسي سنڌ جا ٻيا پبلشر به اهڙا معياري ڪتاب پڌرا ڪن.



    (ڪتاب جي پڌري ٿيل، سووينيئر تان



    *

    ڪراچيءَ جي تاريخ جي کوٽائي ڪري اوهان حقيقتن تا پردو کنيو آهي:



    ڊاڪٽرموتي پرڪاش، گجرات



    پيارا گل حسن ڪلمتي،

    ”ڪراچي، سنڌ جي مارئي“ موڪلڻ تي آءُ اوهان جو نهايت ئي ٿورائتو آهيان. مون سمورو ڪتاب ٽن ويهڪن ۾ پڙهي پورو ڪيو، سچ پڇو ته ڪتاب پڙهندي مون پنهنجو پاڻ کي ننڍ پڻ جي ڏينهن ۾ محسوس ڪيو، جڏهن آءُ اسڪول ۾ پڙهندو هوس ۽ ڪراچيءَ جي گهٽين ۽ روڊن تي کيڏندو هوس. ڪتاب لکڻ جي ڏس ۾ تنهنجون ڪوششون انتهائي داد لائق آهي. تو ڪتاب لکي نه فقط تاريخ جي کوٽائي ڪري سچائين ۽ حقيقتن کي پورو ڪيو آهي پر ان سان گڏو گڏ تون ڪراچيءَ جي وقار، عظمت ۽ مهانتا کي پڻ بيان ڪيو آهي.



    ڪتان لکڻ تي جيڪا تو تڪيلف ڪئي هوندي ۽ مشڪلاتن کي سٺو هوندو آءُ ان کان بخوبي واقف آهيان. ڪتان لکندي تحقيق ڪندي ۽ لکڻيون گڏ ڪندي تو کي انهيءَ ڳالهه جو احسا شدت سان ٿيو هوندو ته ڪيئن نه ايشيا جو هڪ صاف ترين شهر گندگيءَ جي ڌير ۾ تبديل ٿي ويو آهي.



    ڪيترنئي سالن کان هڪ مخصوص ٽولي جي انتهائي بي رحماڻي ورتاءَ، تاريخ سان بي حسيءَ واري سلوڪ ۽ نادر تاريخي يادگارن جي قدر منزلت نه ڪرڻ جي ڪري اهي شيون تباه ۽ برباد ٿي ويو ۽ تاريخ جو هڪ شاندار باب ميسارجي ۽ مٽجي ويو آهي، اوهان انهن جو ذڪر ڪري جهڙوڪر تاريخ کي هڪ دفعو وري جيئاري ڇڏيو آهي.



    سائين امر جليل صاحب پنهنجي ننڍپڻ جي يادگيرين جو ذڪري ڪري جهڙي نموني ڪراچي شهر جي بدلجندڙ چهري جو ذڪر ڪيو آهي اهو پڻ شاندار ۽ تعريف جوڳو آهي.



    ڪراچيءَ جي اهرين حالتن تي دل رت جا ڳوڙها وهايا آهن، آءُ ۽ ۾ ڪراچيءَ اچي چڪو آهيان پر پاڻ ۾ ڪراچي جي اهڙي حالت ڏس۾ جو ست ساري نه سگهيس اهو ئي سبب آهي جو آءُ ڪراچيءَ تفصيل سان گهمي نه سگهيس.



    ڪتاب جي ڪاپي موڪلڻ تي آءَ اوهان جو دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان ۽ مون اها ڪاپي انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجيءَ ۾ رکيو آهي.



    سنڌي ڪتاب ڊاٽ نيٽ جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو