هڪ سچي ۽ 1947 جي دئور جي ڪهاڻي (ٽيلي فلم ) جڏنهن پناهگير سنڌ لڏي آيا. (شمع ۽ پروانو ) تحرير، مڪالما ۽ منظر ڪشي عبدالرزاق ميمڻ هيءَ 1947 جي لڏ پلاڻ کان پوءِ جنم وٺندڙ، عشق و مُحبت ، دردن، پيڙُهن ، انتظاري ڪيفيتن ۽ پڇتائن ۾ وڪوڙيل هڪ هندُستاني جوڙي جي سچي ۽ درد ڀري ڪهاڻي آهي جيڪا هندستان کان شروع ٿي ۽ سنڌ جي هڪ ڳوٺ ۾ اختتام پذير اُن وقت ٿئي ٿي جنهن وقت دليءَ جي مشهور طوائف شمع کي، سنڌ ۾ ڄمندڙ سندس ڌيءَ ڪُومل ،سنڌي ناٺي سجاد ۽ ساهڙي رضيه ٽرين وسيلي کوکرا پار کان مُنا ٻائو ويندي الوداع ڪن ٿا. سٺ سالن جي انتهائي حسين ۽ پُر وقار ڏسجندڙ عورت بيگم شمسُ النساءِ عرف شمع گاڏيءَ جي ڌڌڪن ۽ پس منظر کي ڏسندي، فليش بيڪ ۾ پنهنجي ماضيءَ جي ڪتاب جي پنن کي سوچُن سان هن ريت اُٿلائي ٿي. چون ٿا ته آزاديءَ کا پهرين، جمنا نالي هڪ انتهائي خوبصورت هندو طوائف جو، رقص دوران هندُستان جي هڪ لکنوي مسلمان نوابزادي امجد سان عشق ٿي پيو. اُن وقت ڪوٺن تي گفتگو، ادب ۽ آداب سکڻ لاءِ، نوابزادن کي خانم ۽ طوائفن ڏي موڪليو ويندو هو ۽ اڪثر نوابن جون راتيون ڪوٺن تي گُذرنديون هُيون. نواب امجد تحريڪ آزاديءَ ۾ دلچسپي وٺڻ ڪري ڪوٺن کان پري رهيو پر پنهنجي والد نواب حاڪم خان جي شديد اسرار تي هڪ ناچڻي جمنا جي پهرئين ناچ جي افتتاح ڪرڻ لاءِ کيس ڪوٺي (ناچ منڊل) تي وڃڻو پيو جتي نواب امجد ۽ جمنا هڪ ٻئي کي ڏسي پهرئين نظر ۾ عشق ۾ مبتلا ٿي ويا. جمنا هڪ بنگالڻ امبا ۽ ڪنهن نواب جي ڌيءَ هُئي جنهن کي ٻن مهنن جي عُمر ۾ سندس پيءُ جي امبا سان بيوفائيءَ ڪري ڪوٺي تي پلجڻو پيو ۽ ماءُ جي مرڻ کانپوءِ، خانم جيڪا امبا جي ڀيڻ جيان ساهڙي هُئي، تنهن جمنا کي لاڏ ڪوڏ سان پالي وڏو ڪيو هو. خانم چاهيو پئي ته جمنا کي هن گند مان ٻاهر ڪڍي ڪنهن نواب يا اُمرا جي زال بڻائجي، جتي هُوءِ عزت جي زندگي گُذاري. هوڏانهن نواب امجد به جمنا جي عشق۾ غرق ٿي هيلي بهاني سان خانم جي ڪوٺي جا لڳاتار چڪر هڻندو رهيو. جمنا ۽ امجد جو پيار ايترو ته وڌندو ويو جو جمنا مُسلمان ٿي شاديءَ لاِ راضي ٿي وئي، خانم پاڻ به اهو چاهيندي هُئي اُن ڪري هن کي به اعتراض نه هو. هندو مسلمان جي فسادن جي ڪري خانم جو ڪوٺو ويران ٿيڻ لڳو، ۽ پوءِ جھيڙن ۽ فسادن جي ڪري خانم ۽ ٻيون طوائفون قتل ٿي وڃن ٿيون، ۽ امجد جمنا کي بچائي وٺي اچي ٿو. نواب امجد هندستان مان هجرت ڪري سنڌ جي هڪ ڳوٺ ۾ آباد ٿي وڃي ٿو، سندس مائٽ وڇڙي وڃن ٿا، سنڌ رسڻ تي سنڌ جا ماڻهو هندستان مان آيلن کي پناه ڏين ٿا، اهڙي ڀرح هن جوڙي کي به پناه ملي ٿي ۽ ڳوٺ جا ماڻهو کين اکين ۾ جاءِ ڏئي، سماجي ۽ مالي مدد ڪن ٿا ۽ جمنا هتي ئي مسلمان ٿئي ٿي، سندس اسلامي نالو شمسُ النساءِ عرف شمع رکجي ٿو. سنڌي تهذيب ۽ ڪلچر تحت ڳوٺاڻا سندس شادي نواب امجد سان ڪرائين ٿا، جنهن مان شمع کي پيٽ ٿئي ٿو. نواب امجد پنهنجي وڇڙيل مائٽن کي ڳولڻ لاءِ ڪراچيءَ جا چڪر لڳائي ٿو، ۽ آهستي آهستي پنهنجي ڪاروبار کي ڪراچيءَ ۾ سيٽ ڪري ٿو. ڳوٺ ۾ شمع جي دوستي هڪ سنڌياڻي رضيه سان ٿئي ٿي ۽ هڪ ٻئي طرف بي حجاب اچڻ وڃڻ ٿئي ٿو، رضيه کي هڪ سال جو پُٽ آهي سجاد۽ رضيه جو مُڙس ساجد به ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪري ٿو ۽ اڪثر ٻاهر رهي ٿو، ٻنهين جي مڙسن جي ٻاهر ۽ ڪراچي ۾ رهڻ ڪري هي هڪ ٻئي سام ملي جُلي رهن ٿيون ۽ ڳوٺ ۾ ڪنهن کي به خبر ناهي ته هوءَ هندستان جي مشهور طوائف جمنا ٻائي آهي. شمع کي ڌيءَ ڪُومل پئدا ٿئي ٿي، هنن ۾ ايڏو پيار وڌي ٿو جو ٻئي سنڌي ثقافت تحت ننڍي هوندي ئي نڪاح ڪرڻ چاهين ٿا پر شمع فلحال ٽاري وڃي ٿي. ڪراچيءَ ۾ به رضيه جي مُڙس جي نواب امجد جي ڪنهن عزيز سان دوستي هوندي آهي، هڪ ڏينهن هو کيس پنهنجو فيملي البم ڏيکاري ٿو ۽ ٻُڌائي ٿو ته هو هندستان جا نواب هُئا. رضيه جي مُڙس جي جڏهن البم ۾ هڪ فوٽوءَ تي نظر پئي ٿي جنهن ۾ نواب امجد کي هڪ عورت ۽ ٻن ٻارن سان ويٺل ڏيکارجي ٿو ۽ پُڇڻ تي کيس ٻُڌايو وڃي ٿو ته، نواب امجد سندن سئوٽ ۽ هي عورت ۽ ٻار سندس زال ۽ اولاد آهن. ۽ هو ڳوٺ ۾ وڃي اهو پنهنجي زال رضيه کي ٻُڌائي ٿو. رضيه اهو سڀ ڪُجھ پنهنجي ڀيڻ جيان ساهڙي شمع کي ٻُڌائي ٿي ته جنهن تي شمع بي يقيني ڪيفيت ۾ امجد جي گھر پُهچڻ تي بيوفائيءَ جا تعانا ڏئي گھر ۾ ماتم مچائي ڇڏي ٿي. امجد کيس ٻُڌائي ٿو ته هو ساڻس پيار ڪرڻ ۽ شادي ڪرڻ کان پهرين شادي شُده ۽ ٻن ٻارن جو پي هو، ۽ هُن اها شادي والدين جي زور تي جائداد پنهنجن ۾ هُئڻ ڪري زبردستي ڪئي هُئي ۽ اُن زال ۾ جيڪا هُن کان عمر ۾ وڏي هُئي ، چاچي جي ڌيءَ هُئي پر هُن ان ۾ ڪڏنهن به دلچسپي نه ورتي هُئي ۽ تحريڪن ۾ مَهُو ٿي ويو، جيسين ڪه هُن کيس نه ڏٺو هو۽ اڄ هو شمع سان اوترو ئي پيار ڪري ٿو. پر پهاڄ جو وُجود ئي هُن کان برداشت نه پئي ٿيو ۽ شمع پيار جي شدت ماپڻ لاءِ کيس اهو چئي امتحان ۾ وڌو ته هو سندس زال ۽ ٻارن کي زهر ڏئي ماري ڇڏي، امجد کيس گھڻائي سندس شفقت ڀريل دل جا حوالا ڏنا ۽ هن ڪٺور عمل کان پاسيرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هوءَ نه مڃڻ تي هوڏ هڻي بهي رهي، بل آخر مجبورن امجد کي کيس ڪوڙو سوڙو آسرو ڏيڻون پيو۽ وقت تي ائين ڪرڻ جو بهانو تلاش ڪيو ته جيئن ڳالهه ٿڌي ٿئي ته هو شمع کي پوءِ پيار سان سمجھائي. وقت سان شمع به ٿڌي ٿي وڃي ٿي پر هڪ ڏينهن جڏنهن امجد ڪراچي وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳو ته هُن کي وري پهاڄ جي ياد جا جھوٽا پوڻ لڳا ۽ عجيب ڪيفيت تاري ٿي وئي. هُن امجد کي ڪوڙ پچاڻي روڪڻ لاءِ ڪچن مان زهر جي نالي تي لوڻ ڦڪي ورتو، سچي عاشق اهو سمجھيو ته هُن زهر کاڌو آهي، نه ڪيائين هم نه تم، جذباتي ٿي اندر ڪمري ۾ ويو ۽ پنهنجو پستول ڳولي پنهنجي لوندڙي تي رکي خود ڪشي ڪري ڇڏي ۽ رت ۾ لالو لال ٿي فاني دونيا مان موڪلائي ويو، ٺڪاءَ جي آواز تي شمع به ڪچن مان ڊوڙندي ڪمري ۾ آئي ۽ امجد جو رت ۾ ٻُڏيل لاش ڏسي دانهون ڪري ٻڌائيندي وئي ته هُن مذاق ڪئي ۽ زهر نه پر لوڻ کاڌو هو جيئن کيس ڪراچي وڃي پهاڄ وٽ وڃڻ کان روڪي، پر هاڻ ڪير به ٻُڌڻ وارو نه هو، بل آخر هُن به اهو پستول کڻي پنهنجي انت آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس ڀرسان بيٺل معصوم نه سمجھندڙ ڪومل جي هٿ، هٿُ وجھي روڪي سوچڻ تي مجبور ڪيو. هلندڙ ٽرين جي ڌُڌڪن ۾ فليش بيڪ مان واپس نڪرندڙ شمع چشمو لاهي اکين ما لڙڪن کي وهندي..ڏيکاربي ۽ ڪهاڻي فريز ڪبي ... پُڄاڻي. هن ڪهاڻيءَ جا سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ، ڪو پلي، اسٽوري، ناول، ٽيلي فلم وغيره ، هن ڪهاڻي سان مشاهبت ڪاپي رائيٽ ايڪٽ تحت ايندا. اڳتي وڌائڻ لاءِ ليکڪ جي پرميشن ضروري آهي