هڪ مڪمل ٻوليءَ سان روا رکيل سلوڪ جي ڪهاڻي! يوسف سنڌي سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد ڪافي پراڻو آهي، ان سلسلي ۾ اسان وٽ سياحن ۽ محققن جا احوال موجود آهن، جيڪي ثابت ڪن ٿا ته ديبل، منصوره ۽ ملتان ۾ (مسلمانن جي دور ۾) سنڌي ۽ عربي ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون. سن 270هه (883)ع ۾ قرآن پاڪ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ترجمو به ڪيو ويو. ان مان ثابت آهي ته سنڌي نه فقط ڳالهائي ويندي هئي، پر ڪافي ترقي يافته زبان هئي ۽ لکي پڻ ويندي هئي. کوجنائن مان ثابت ٿيو آهي ته عرب حڪومت جي شروعات کان اڳ سنڌي زبان عام ماڻهن جي روز مرهه تجارت توڙي واپار جي استعمال جي زبان هئي ۽ سنڌ جي عام ماڻهن، واپارين ۽ عالمن وٽ مقبول هئي. البيروني لکي ٿو ته ”اسلام جي آمد وقت سنڌي ٻولي نه فقط ڳالهائي ويندي هئي پر اها ڌار ڌار رسم الخط ۾ لکي به ويندي هئي.“ ان وقت هر قبيلي وٽ پنهنجي رسم الخط هوندي هئي. سنڌي لهاڻا پنهنجي نموني لکندا هئا ته ڀاٽيا پنهنجي رسم الخط ۾. عرب سياحن جي احوالن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌي ٻولي، واپاري ڏي وٺ ۽ عام استعمال واري ٻولي هئي. مطلب ته اسلام جي آمد کان اڳ به سنڌ ۾ سنڌي ٻولي جدا جدا لکتن ۾ لکي ويندي هئي. ڊاڪٽر دائود پوٽي موجب ”عربي، سنڌي“ لکڻي جو قديم نمونو شاهه ڪريم بلڙي واري جي ڪلام ۾ ملي ٿو، پر ان رسم الخط جو حقيقي پايو وجهندڙ مخدوم ابو الحسن هو، جيڪو ڪلهوڙن جي دور جو وڏو عالم هو. اها رسم الخط 1853ع تائين هلي. جيتوڻيڪ فارسي، ادبي ۽ سرڪاري زبان هئي، پر سنڌي عام ماڻهن جي روز مرهه زبان هئي. سنڌي ٻولي برطانوي دور ۾: 1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو. 1845ع ۾ بمبئي جي ”بورڊ آف ايجيوڪيشن“ سنڌ ۾ تعليمي ايجنسي ٺاهڻ جو سوال هٿ ۾ کنيو ۽ سنڌيءَ کي صوبي جي سرڪاري زبان بنائڻ جو مطالبو ٿيو. ان تحريڪ نيٺ وڃي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ جو سوال پيدا ڪيو. 1848ع ۾ بمبئي جي گورنر ”سر جارج ڪلارڪ“ هڪ حڪم نامون ڪڍي، سنڌي ٻولي کي سنڌ جي دفتري زبان بنائڻ جو حڪم ڏنو. حڪم نامي ۾ چيل هو: ”اسان کي سرڪاري لکپڙهه لاءِ ملڪي ٻولي يعني سنڌي رائج ڪرڻ گهرجي. آئون نٿو سمجهان ته ڪهڙي نموني اسان جا روينيو ۽ عدالتي آفيسر ڪاميابيءَ سان ڌارين ٻولين جهڙوڪ فارسي يا انگريزيءَ ۾ لکپڙهه هلائي سگهندا. تنهن ڪري ارڙهن مهينن جو مدو اهڙن ملازمن کي ڏنو وڃي، جنهن ۾ هو سڀ سنڌي ٻوليءَ جو امتحان پاس ڪن. گرامر ۽ لغت ڇپرائڻ جو ڪم به ترت ڪيو وڃي.“ 1851ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر هڪ اطلاع نامو ڪڍي سرڪاري عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو سڀ سنڌيءَ ۾ امتحان پاس ڪن. ان ۾ ڄاڻايل هو ته: (لف) آئيندي سرڪاري لکپڙهه سنڌي ۾ ٿيندي. (ب) يوروپي ۽ ٻيا آفيسر سنڌيءَ ۾ امتحان پاس ڪن. (ت) سنڌي اسڪول کلن. پر، سنڌي ٻوليءَ کي ڪا هڪ مقرر صورتخطي نه هئي، ان ڪري 1852ع ۾ سرڪار صورتخطي مقرر ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي. جنهن جا ڏهه ميمبر هئا، جن ۾ چار هنڌو ۽ چار مسلمان ۽ ٻه انگريز هئا. گهڻي بحث ۽ مباحثي کانپوءِ سنڌي زبان جي لاءِ ”عربي سنڌي“ صورتخطي مقرر ٿي ۽ ”سر بارٽل فريئر“ ڪمشنر سنڌ جي سفارش تي، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ فيصلو ڪيو ته سنڌي لکڻ لاءِ ”عربي، سنڌي“ رسم الخط اختيار ڪئي وڃي. سنڌي ٻوليءَ کي دفتري زبان بنائڻ جي لاءِ سنڌ جي ڪمشنر 25 مارچ 1857ع تي سنڌ جي ڪليڪٽرن ڏانهن حڪم نامون موڪليو ته سنڌي ٻولي روينيو ۽ عدالتن ۾ استعمال ڪئي وڃي. 29 آگسٽ 1857ع ماڻهن کي اطلاع ڏنو ويو ته ”اڄ کانپوءِ سنڌ جي درٻار ۾ هر قسم جي عريضي سنڌيءَ ۾ لکي موڪلي وڃي، جيڪا ٻڌڻ ۾ ايندي.“ 12 ڊسمبر 1857ع تي سنڌ جي ڪليڪٽر (ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور) ۽ سياسي ناظم اپر سنڌ، ڪمشنر سنڌ کي اطلاع ڪيو ته سنڌي مڪمل طور تي عدالتي ۽ روينيو ٻولي ٿي چڪي آهي ۽ ڪمشنر 28 ڊسمبر 1858ع تي بمبئي سرڪار کي اطلاع ڪيو ته سنڌ جي صوبي ۾ سنڌ کي دفتري ۽ حساب ڪتاب جي ٻولي بنايو ويو آهي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌي ٻولي: 4 آڪٽوبر 1954ع تي اولهه پاڪستان جي چئني صوبن کي گڏي ون يونٽ ٺاهيو ويو. ون يونٽ جي قيام، سنڌ ۽ سنڌي زبان جي سڄڻن کي پاڻ ۾ متحد ڪيو ۽ پنهنجي ٻوليءَ کي بچائڻ ۽ ان جي واڌ ويجهه لاءِ ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪيو. ون يونٽ جي قيام کان هڪ سال پوءِ، سنڌي ٻوليءَ تي وار شروع ٿي ويا. 1956ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي طرفان سنڌي ٻوليءَ کي ”امتحاني ذريعي واري حيثيت“ کان محروم ڪيو ويو ۽ فقط اردو کي اها حيثيت ڏني ويئي. انهيءَ فيصلي تي ڪراچي يونيورسٽي جي شاگردن يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ کي هڪ يادداشت نامون پيش ڪيو، جنهن ۾ گهر ڪئي ويئي هئي ته ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾، سنڌي ٻولي جي امتحاني ذريعي واري حيثيت بحال ڪئي وڃي. اهو يادداشت نامون 4 سيپٽمبر 1956ع تي ڪراچي جي مختلف تعليمي ادارن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽيءَ جي ٽن هزار کان به مٿي شاگردن هڪ عام ميڙ ۾ منظور ڪيو هو. سنڌ جي اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين به ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ان فيصلي جي سخت مخالفت ڪئي. آڪٽوبر 1958ع ۾ فيلڊ مارشل ايوب خان، ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي حڪومت تي قبضو ڪيو. مارشل لا جو پهريون وار سنڌي زبان تي ٿيو. سنڌ يونيورسٽي، جنهن ۾ غير سنڌي شاگردن کي سنڌي زبان جو هڪ پيپر لازمي طور پڙهڻو پوندو هو. حيدرآباد سنڌ جي ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل ٽڪا خان جي حڪم تي اهو ختم ڪيو. انهيءَ حڪم نامي تي اعتراض ڪندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي تڏهوڪي وائيس چانسلر علامه آءِ آءِ قاضيءَ پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي هئي. ايوب خان جي ٺاهيل تعليمي ڪميشن جيڪا ”شريف ڪميشن“ سڏجڻ ۾ آئي، پنهنجي رپورٽ پڌري ڪئي. جنهن جي غير مدلل ۽ هاڃيڪار سفارشن سان سنڌ جي تعليمي ماهرن، اديبن ۽ عالمن اختلاف ڪيو ۽ سنڌ جي ماڻهن پنهنجي مادري ٻولي بچائڻ جي لاءِ ايوبي مارشل لا جهڙي سخت دور ۾ حڪومت جي ان فيصلي جي سخت مخالفت ڪئي. سنڌي ماڻهن جي هلايل زوردار تحريڪ جي نتيجي ۾ حڪومت پاڪستان ڪنڌ جهڪايو ۽ 13 آڪٽوبر 1962ع تي مرڪزي حڪومت هڪ آرڊيننس جي ذريعي سنڌي زبان کي، انٽر تائين تعليم جي ذريعي طور قبول ڪيو. تڏهوڪي پاڪستان ۾ بنگالي کانسواءِ جيڪڏهن ڪا سڌريل شڪل واري زبان موجود هئي ته اها سنڌي هئي. جيئن هينئر پاڪستان ۾ ٻين زبانن جي ڀيٽ ۾ سنڌي وڌيڪ سڌريل ۽ هر لحاظ کان مڪمل زبان آهي، ان وقت ڪراچي ۾ تيرهن سئو پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائي ويندي هئي. جن مان ملڪ ٺهڻ کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏني ويئي.