شهنشا ه کان شهري تائين

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏21 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    شهنشا ه کان شهري تائين​

    الطاف شيخ .فلمي دنيا سان منهن جي واسطو ڪونهي ۽ نه وري ڪو شهزادو گلفام آهيان



    جو فلمي ڪالم لکان . پر اڄ هڪ انگريزي فلم

    ذڪر ڪرڻ مناسب سمجھان ٿو جيڪا ٻه ڏينهن اڳ هتي ملائيشيا ۾ رليز ٿي آهي جيسين هي مضمون ڇپجي تيسين پاڪستان ۾ اچي.

    the last emperor ويندي



    . هن فلم سان منهن جو ڪجھ يادو ن وابسته اهن هڪ ته فلم جي ڪجھ حصا جيڪي چين ۾ فلمايا ويا ان لاء چين ويندڙ يونٽ سان منهن جي ملاقات ٿي هئي..

    ملائيشيا ايئر پورٽ تي هڪ لکندڙ جي حيثيت ۾ کانئن فلم بابت پڇندو رهيو هوس. ان بعد ارادو ڪيم ته جڏهن اها فلم لڳندي ته ضرور ڏسندس.ٻيو ته اها فلم چين جي آخري بادشاه بابت آهي ان شهنشاه کي ڪافي وقت اڳ ڏٺو هوم فلم وارو ائڪٽر نه پر سچو شهنشاه جيڪو 62 ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو.

    توهان شايد يقين نه ڪريو ته شهنشاه سان مون جهڙو عام ماڻهو ڪيئن ملندو پر انهن ڏينهن ۾ آئون شاگرد هوس سڄو ڏينهن گهمڻ ڦرڻ ۽ بک ۾ پاه ٿي پارڪ ۾ ڊبل روٽي ۽ بسڪوٽ کائي رهيو هوس ته انوقت پارڪ جي مالهي سان ملاقات ٿي پاڻ ۽ ٻين چيني همراهن ٻڌايو ته اهو چين جو آخري شهنشاه پوئي آهي.سادن ڪپڙن وارو اهو چيني ڪنهن وقت شهنشاه هو پر هينئر هڪ مالهي هو ۽ پارڪ جي سار سنڀال لڌائين ٿي.

    ٽن هزار سالن کان هلندڙ قنگ گهراڻي جي هن آخري شهنشاه پوئي تي اٽلي جو مشهور ڊائريڪٽر برٽاردو برٽولوسي دي لاسٽ امپرر نالي فلم ٺاهي رهيو آهي هن جي ڪهاڻي بيحد دلچسپ آهي.اميري کان غريبي جي ڪهاڻي آهي چين جهڙي اعلئ سلطنت جو شهنشاه ٿيڻ بعد تخت تاج جو لهڻ جيل ڪاٽڻ ۽ آخر ۾ هڪ عام ماڻهو ٿي باغ ۾ مالهي جي نوڪري ڪرڻ پوئي جي ڪهاڻي آهي.

    جنهن کي ڪيترا ماڻهو اونده کان روشني جو سفر ڪوٺين ٿا ڇو جو پوئي شهنشاه مان لهي جڏهن هڪ عام ماڻهو ٿيو ته هن کي دنيا جو مزو آيو.



    ڪئانگ شو بادشاه جي وفات بعد پوئي جو ٽن سالن جو هو انکي تخت تي وهاريو ويو ان ملڪ چين جو جنهن جي تهذيب ۽ تمدن ماڳان ماڳ مشهور هئي جنهن ملڪ ۾ دنيا جو اڌ عوام رهيو ٿي . جنهن جو شهنشاه مڙني ملڪن کان مٿانهون سمجھيو ويندو هو. جپان جو شهنشاه سج جو پٽ سمجھيو ويندو هو پر هي ستن آسمانن ۽ جنت جو پٽ ڏه هزار سالن جو مالڪ وغيره سمجھيو ويو ٿي . پر اهو شهنشاه پورن ٽن سالن بعد لاٿو ويو .

    تخت تان لهڻ بعد به عوام هن کي ديوتا جو درجو _ڏيندو رهيو حڪومت کيس هر سهولت مهيا ڪري ڏني بس صرف محل کان ٻاهر قدم نه ڪڍي.اهو سلسلو ارڙهن سالن تائين هلندو رهيو ان بعد جنگجو سردارن جيئن ئي پيڪنگ تي قبضوڪيو ته هن نوجوان کي سندس ٻن زالن سميت شهرمان ڪڍيو ويو جتان پوء هي همراه تائينس شهر ۾ رهيو اتي ڇڙواڳي ملڻ ڪري هن مغربي نموني عياش زندگي گذاري.

    پوء منچوريا تي جڏهن جپان قبضو ڪيو ته هن کي ڪٺ پتلي تي منچوريا جو حاڪم مقرر ڪيو ويو ٻي وڏي لڙا.ئي دوران روسي فوج مانچڪو تي قبضو ڪيو روسي فوجن پوئي ۽ ٻين کي قيد ڪري سائيبيريا جي برف باري وارن جيلن ۾بند ڪيو پوء پنجن سالن بعد مائوز ي تنگ جي وقت ۾ روسين انهن قيدين کي واپس ڪيو.

    پوئي سميت ٻين کي اها اميد هئي ته مائو جا ماڻهو هنن کي ماري ڇڏيندا پر مائو جي حڪومت کي ٻيون ڳالهيون ذهن ۾ هيون سو شهنشاه پوئي کي ڏه سال وڌيڪ جنگي قيدين سان گذارڻو پيو.جيل مان نڪرڻ بعد مائو کيس اهانوڪري وٺرائي ڏني ته ڀلي ويٺو گلن کي پاڻي ڏي ۽ چين کي سهڻو بنائڻ ۾ مدد ڪري بهرحال 1939 ۾ کيس معافي ڏيئي جڏهن آزاد ڪيو ويو ته بقول هن جي هو پاڻ ۾ هڪ وڏ ي تبديلي محسوس ڪرڻ لڳو ۽ هو هڪ نئين ماڻهو جي روپ ۾ بدلجي ويو .

    سندس زندگي جا اهي آخري سال جنهن ۾ هن صحيح طريقي سان هڪ نارمل زندگي گذاري ان مان لطف حاصل ڪيو.ان کان اڳ ان آزادي بابت هن سوچيو به ڪونه هو هو هڪ عام ماڻهو وانگر سائيڪل هلائيندو نظر آيو.اهو شهنشاه جنهن جي محل ۾ هزارين مرد عورتون ۽ کدڙا خدمت ڪندا هئا هاڻ هڪ سادي گهر ۾ رهڻ لڳو.عام هوٽل ۾ ڦنگي چانهه ۾ ڊبل روٽي پسائي کائڻ لڳو.سرڪااري بس ۾ عام ماڻهن سان ٽڪيٽ وٺي سفر ڪرڻ لڳو.1967 ۾ گذاري ويو سندس ڀاء اڃا جيئرو آهي شڪل ۾ پوئي سان ملي ٿو طبيعت توڙي ڳالهائڻ ۾ حليم انسان هر آيل جي نئڙت سان آڌرڀاء ڪري ٿو..

    اها آهي شهنشاه پوئي جي زندگي جي ڪهاڻي جيڪا هڪ عجيب ۽ حيران ڪندڙ آهي اڄ جي دور ۾ ائنٽي هيرو چئي سگھجي ٿو.ڪيترن کي ايران جي شهنشاه ۽ عراق جي شاه فاروق کان هي ڪهاڻي وڌيڪ درد ڀري لڳي ٿي.1986 کان هي فلم ٺهڻ شروع ٿي ست ڪروڙ ڊالرن ۾ هي فلم ٺهي فلم ۾ چين جي هن آخري شهنشاه جي ڄمڻ کان مرڻ تائين زندگي ڏيکاري ويئي آهي.

    فلم جو چڱو حصو ان محل ۾ فلمايل آهي جيڪو صدين کان شهنشاهن جومحلات رهيو آهي.اڄ عام ماڻهن کي گھمڻ جي اجازت مليل آهي .گھمندڙن جي هن محل لاء ڌم هوندي آهي روز اڌلک ماڻهو اهو محل ڏسڻ اچن ٿا هن محل ۾ نوهزار نو سو نوانو ي ڪمرا آهن ڇو ته چينين جو اهو اعتقاد آهي ته ڏه هزار ڪمرا رڳو بهشت ۾ هوندا .

    هونئن تاريخي فلمون بور ڪندڙ هونديون آهن پر هن فلم کي ايڏو دلچسپ بنايو ويو آهي جووقت گذرڻ جي خبر نٿي پوي.




    .

    .
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: شهنشا ه کان شهري تائين

    بهترين سائين الطاف شيخ۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: شهنشا ه کان شهري تائين

    ادا تمام بهترين زبردست.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو