نارمل نه آهيان - اعجاز بلوچ - ڪهاڻي هو به هن سماج جي لکين بيروزگارن مان هڪ آهي، جيڪي گذريل پندرهن ويهن سالن کان ڊگريون هٿ ۾ کڻي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن ۾ نوڪرين لاءِ ڌڪا پيا کائين. سندس قصور آهو آهي ته هن بيڪار ۽ مدي خارج سماج ۾ جنم ورتو آهي، جتي صلاحيتن ۽ شعور جي عيوض صرف عذاب عطا ڪري نااميدي جي رڻ ۾ رلايو ويندو آهي. هو ڪنهن وفاقي کاتي ۾ برگيڊ جي نوڪري ڪونه پيو گهري، هو ته صرف جيئڻ جي سهاري لاءِ ڪابه ننڍي وڏي نوڪري ڪرڻ چاهي ٿو. گذريل ڏهن سالن کان انٽرويو ڏيندي ڏيندي هو ٿڪجي ساڻو ٿي پيو آهي، جنهنڪري هو پريشان ۽ نااميد ٿي ويو آهي. نوڪري نه ملڻ جو سبب ڪنهن وڏيري يا منسٽر جي سفارشي چٺي نه هجڻ آهي. شروعاتي بيروزگاريءَ جي دور ۾ هو ڪنهن وڏيري يا منسٽر جي اڳيان وڃي جهڪڻ کي پنهنجي ايمان وڪڻڻ برابر سمجهندو هيو. پر پوءِ هن کي پنهنجي زندگيءَ جي اهڙي ڪيل فيصلي اچي اهڙي پل صراط تي بيهاريو، جتي زندگي هن کي ڪنهن وڏي عذاب برابر پئي لڳي. ويتر جو هن جا دوست ۽ پاڙيسري انهيءَ شارٽ ڪٽ رستي تان نڪري اڄ هو موٽر سائيڪلن، ڪارن ۽ ائيرڪنڊيشنڊ گهرن ۾ پيا آرامده زندگي گذارين، جيڪي هن کان صلاحيتن ۾ تمام گهڻا گهٽ هئا، جنهنڪري هن کي تمام گهڻي مايوسي ٿي رهي هئي. هو پاڻ کي انڌن، ٻوڙن، گونگن ۽ منافقن جي ديش ۾ هڪ بيوس انسان پيو سمجهي، جنهن کي هن سماج جي طور طريقن غمن جي تيز طوفان حوالي ڪري ڇڏيو هجي جنهن مان گذريل ڏهن سالن کان نڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي باوجود به نه نڪري سگهيو آهي. هو پنهنجي انهيءَ درد ڪٿا کي هن ملڪ جي ڪنهن به عدالت ۾ چيلينج به نه پيو ڪري سگهي. هو هاڻي اڪثر اڪيلائيءَ ۾ ويهي سوچيندو آهي ۽ پنهنجو پاڻ کان سوال ڪندو آهي ته، مان ڪير آهيان؟ ڇا منهنجو وجود هن سماج تي بار ته نه آهي؟ ڇا مان هن سماج ۾ فٽ آهيان؟ مان ڇا ڪيان جو هي سماج مون کي ۽ منهنجي صلاحيتن کي قبول ڪندو؟ ڇا مان هنن جهڙو ٿي وڃا؟ نه نه مان بلڪل به نه. ان کان بهتر اهو ٿيندو جو مان خودڪشي ڪري ڇڏيان. خودڪشي! هي مان ڇا پيو سوچيان. ڇا مان خود غرض ٿي ويو آهيان؟ جيڪڏهن سوال صرف منهنجو هجي ها ته شايد.. نه نه هرگز نه. مان حالات سان جنگ ڪرڻ چڱيءَ طرح ڄاڻندو آهيان. مون کي ڪڏهن به اهڙي قسم جي خيالن تي سوچڻ نه گهرجي. شايد مون کي آرام جي ضرورت آهي. هو پنهنجي مٿي ۾ سخت سور محسوس ڪري ٿو ۽ آرام ڪرڻ لاءِ ليگزوٽينل گوري کائي اچي کٽ تي سمهي ٿو. هو جڏهن پنهنجي ڪمري جي کٽ تان آرام ڪري اٿيو ته ان وقت شام جا پنج ٿيا هئا. هو پاڻ کي ڪنهن حد تائين رليڪس پيو محسوس ڪري. ڀت تي ٽنگيل آرسيءَ جي سامهون اچي بيٺو ۽ پنهنجو جائزو وٺڻ لڳو. سوچي پيو چهري تي وڌيل وار ڪيڏا نه خراب پيا لڳن ۽ شيو ڪيل چهرو ڪافي سٺي ڪيفيت تاري ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي. هن پنهنجي ڪمري جي دري کولي مٿي آسمان ڏانهن نهاريو، جتي هن کي هلڪا هلڪا ڪڪر نظر آيا، صبح جو سوير ٿيل برسات جي ڪري هوا ۾ ڪافي گهم محسوس ٿي رهي هئي. هو پينٽ جي پاڪيٽ ۾ هٿ وجهي سگريٽ ڪڍي دکائي وڏا وڏا ڪش پيو هڻي، هن کي اڄ شايد هميشه کان وڌيڪ تسڪين محسوس ٿي رهي آهي. هو پينٽ جي پاڪيٽ ۾ ٻئي هٿ وجهي گهر کان ٻاهر ٿو نڪري وڃي. هو سوچي پيو زندگي به هڪ عجيب مذاق آهي، انسان ڄمڻ کان پوءِ مسلسل عجيب و غريب ڪيفيت مان پيو گذري. زندگيءَ جي شروعاتي دور ۾ اڪثر ماڻهو اهي خواهشون رکندو آهي ته هو اهڙو ڪو عمل سرانجام ڏئي، جنهن سان هن کي هميشه لاءِ ياد ڪيو وڃي. هو پري پري تائين پنهنجن توڙي پراون ۾ هڪ مثال بڻجي وڃي. پنهنجي عمل توڙي ڪردار جي حوالي سان صدين تائين سڃاتو وڃي پر زندگي هر موڙ تي نوان رنگ کڻي سامهون اچڻ واري هڪ اهڙي بلا آهي جيڪا هر موڙ تي هڪ نئون روپ کڻي سامهون ايندي آهي. هو اڄ به پنهنجي وجود ۾ ماضيءَ جي سندر خواهشن جون دانهون پڙاڏن جي صورت ۾ پنهنجن سمائڻ تائين محسوس پيو ڪري. هو پنهنجي ناڪامين کي سامهون رکي ڪاميابين جا منصوبا پيو جوڙي. هو ناڪامين ۽ نااميدن جي پڌر کي اميدن جي ڊگهي بهاري سان ميڙي صاف ڪري هڪ دفعو ٻيهر زندگيءَ جي وڻ تان تازا پن آڻڻ جي جستجو پيو ڪري. هو گهمندي گهمندي اچي سنڌوءَ ڪناري پهتو آهي هو پنهنجن پيرن مان چپل لاهي اگهاڙن پيرن سان هلڻ ٿو چاهي ۽ پنهنجي ماضيءَ کي وسارڻ ٿو چاهي. هو اڪيلائيءَ ۾ ڊگها ڊگها ساه پيو کڻي، هو سنڌوءَ مان پنهنجا ٻڪ ڀري پنهنجين اکين کي ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي هڪ دفعو ٻيهر اکين ۾ نوان خواب ڏسڻ پيو چاهي ۽ پاڻ کي ذهني طور تي هڪ دفعو ٻيهر پيو تيار ڪري دنيا جي هجوم ۾ گهڙي وڃڻ پيو چاهي. سوچي ٿو، پاڻ کان پڇي ٿو، ڇا مان واقعي هڪ دفعو ٻيهر خواب ڏسي رهيو آهيان. هن کي پاڻ تي کل پئي اچي. ۽ وڏا وڏا ٽهڪ کلي ٿو پوي، کلي کلي ساڻو ٿو ٿي پوي، ۽ آهستي آهستي قدمن سان ڪناري ڏانهن پيو وڌي، جتي پاڻيءَ ۾ پنهنجو عڪس ڏسي پاڻ ۾ ڪجهه ڳولڻ جي ڪوشش پيو ڪري. هو پيرن کان مٿي تائين پاڻيءَ ۾ ظاهر ٿيل پنهنجي عڪس کي گهوري رهيو هو. جڏهن نظر پنهنجي چهري تي پيس ته هو ٿورو پوئتي هٽي ويو ۽ پنهنجي چهري کي غور سان تڪڻ لڳو، تڪيندي تڪيندي هو روئي پيو ۽ ڪافي وقت روئندو رهيو. ڪيترائي سوال هن جي ذهن ۾ گردش ڪرڻ لڳا ۽ هڪ سوال اچي هن جي ذهن ۾ فل اسٽاپ جي نشانيءَ وانگر بيهي رهيو ۽ هر هر گردش ڪري رهيو هو ته ڇا هو ٻيهر خواب ڏسي سگهندو؟ ايتري ۾ ڪنهن هن جي اندران ڳالهايو ته پوءِ هنن پراڻن لاشن جو ڇا ڪندين، انهن کي دفنائڻ کان سواءِ وري ٻيا لاشا من اڱڻ تي آڻڻ جي ڪوشش پيو ڪرين. نه نه اها ته هڪ قسم جي مايوسي آهي، جنهن اڄ ڏينهن تائين ڇا ڏنو آهي جو اڳتي ان مان ڪجهه حاصل ٿيندو. هو پاڻ کي مختلف ڪيفيتن ۾ مبتلا هڪ اهڙو انسان پيو سمجهي، جنهن کي نارمل ته ڪنهن به حالت ۾ نٿو چئي سگهجي. ائين پوءِ هو پنهنجن دوستن توڙي هر ايندڙ ويندڙ کان اهو سوال پيو ڪري ته، ڇا مان نارمل آهيان؟ هو هر هر سوچي ٿو ته مان نارمل نه آهيان؟ ڪيئن نارمل نه آهيان. ڇو؟ ڇو نارمل...