منهنجو نالو خالد خان آهي۔ مان پاڻ ڪنڌڪوٽ جو رهندڙ آهيان ۽ ايم ڪام ٿيل آهي۔۔ نوڪري نه هجڻ ڪري سڀ پيار منهنجان خالي خان ڪري چوندا آهن ۽ مان به انهي نالي سان خوش هوندو آهيان۔ مان ۽ منهنجا ڪجهه دوست سائين عبدالوهاب وٽ اسلام آباد آيل هئاسون ته سنڌسلامت جي سنگت سان سلام ڪيوسون۔۔۔۔۔۔۔
جواب: مان آهيان خالي خان السلام عليڪم ادا خالد خان عرف خالي خان ادا راجه صاحب جو قرب جو توهان کي ادا سنڌ سلامت فورم جي باري ۾ معلومات ڏني ادا خالي خان اوهان کي اسان سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون توهان جو هتي چڳو وقت گذرندو باقي رهي ڳالهه روزگار جي ته الله پاڪ توهان کي پنهنجي گنج مان روزگار به عطا ڪندو ادا اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: مان آهيان خالي خان ڀليڪار سائين خالي خان مان ته ڪجهه ٻيو سچيو هو پر توهان نوڪري نه هجن ڪري خالي آهيو خير ٺيڪ آهي هاڻ توهان خالي نه آهيو سنڌ سلامت جا ميمبر ۽ سنڌسلامت توهان سان گڏ آهي
جواب: مان آهيان خالي خان خالي خان صاحب سڀ کان پهريان ته توهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار چئون ٿو ۽ دوست دلي ننڍڙي نه ڪر يار الله سائين پنهنجي گنج مان هڪ ڏينهن روزگار عطا ڪندو توهان اهو شڪر ادا ڪيو ته توهان علم حاصل ڪيو هن دور ۾ توهان کي خبر آهي ڪامپيٽيشن۔ڪيتري آهي دوست۔ دوست هڪڙو اسانجو دوست توهان وانگر تمام ذهين هو ان جو سجاد آهي هاڻي ماشاالله هي 17 اسڪيل جو آفيسر آهي جڏهن هو پنهنجي تعليم پوري ڪري اچي گهر ويٺو ته ادا هن نه تمام گهڻڻ هنڌن تي اپلا۽ ڪيو پر ان جي قسمت جو ان جي سليڪشن بس رهجي ويندي هئي هو مايوس ٿي ڪري وهي رهيو پو۽ هن جا دوست ان جا شهر وارا به ان کي ٽوڪيندا رهيا پر هن پنهنجي همت نه هاري آخر ڪار هن ڪميشن پاس ڪئي ۽ ڊاريڪٽ 17 اسڪيل جو آفيسر ٿي ويو دوست ته منهنجي چواڻ جو مقصد هي آهي ته توهان همت نه هاريو ۽ شڪر ادا ڪيو جو توهان ايم ڪام ڪئي آهي ماشاالله۔
جواب: مان آهيان خالي خان ادا خالد خان ۔۔۔ اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار چئجي ٿو۔۔۔ منهنجو به هڪ دوست خالد جي نالي سان آهي جيڪو پڻ ڪنڌڪوٽ جو رهاڪو آهي۔۔ هينئر اين آءِ پي ۾ مون سان گڏ ڪم ڪندو آهي۔۔۔
جواب: مان آهيان خالي خان ادا خالد خان توهانکي هن دل جي اڱڻ تي ڀليڪار چئون پيا۔۔ نوڪري جي لا دل نه لاهيو۔۔ بس آسرو الله ۾ هجي ٻئي ڪنهن دلاسي جي ڪڍ نه پئجان دوستن کي دعا جي لا چئو مالڪ ڪريم آهي ڪنهن نه ڪنهن جي ته ٻڌندو۔۔۔۔۔
جواب: مان آهيان خالي خان خان هجي ۽ خالي اهو ته ٿي نٿو سگهي ۔۔۔ ها چوندا آهن ته خان مٿان کان خالي هوندا آهن ۔۔۔ ڀوڳن ۾ پر اسان خالد خان عرف خالي خان کي هن اڱڻ تي ڀليڪار ڪندي اميد ڪريون ٿا ته جهڙي صحبت تهڙي مراد ۔۔۔ عبد الوهاب هن اڱڻ جو معتبر دوست آهي اميد ته اوهان به هن اڱڻ جي معتبر دوستن ۾ شامل ٿي اسانکي پنهنجن خيالن ۽ ڏاهپ ذريعي دڳ لائيندا ۔۔۔ اچو ته سنڌ جي سينڌ سنواريو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي بهترين ۽ ترقي يافته ٻولين ۾ شامل ڪرائڻ جي اڳ کان اڳري ڪوشش ڪريون ۔۔۔ سنڌ سلامت سان ٻانهن ٻيلي ٿيڻ تي لک ٿورا ۽ مبارڪون سنڌ سلامت ساٿ سلامت دعائن ۾ گڏ