اسلام عليڪم دوستو..... اميد ت توهان سڀ ٺيڪ هوندا..................................................................................................................................................................... آمين دوستو اوول ٽيسٽ جي ٽئي ڏينهن جي اختتام تي انگلينڊ جو اسڪور 221 تي 9 رانديگر آئوٽ ٿي ويا آهن جنهن کان پوء انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي 146 رنسن جي ليڊ حاصل ٿي وئي آهي هاڻي ڏسڻو آهي ت ڇا پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم اها ٽيسٽ ميچ کٽي ٿي يا ن سڀني کي گذارش آهي ت اهي پهنجي قومي ٽيم جي لاء دعاعون ڪن ت جيئن قومي ٽيم اها ميچ کٽي وڃي.
جواب: اوول، ٽيست اادا۔معاف ڪرجو۔ اوهان ڪهڙي قومي ٽيم جي ٿا ڳالھ ڪيو۔۔۔؟ اسان سنڌين جي ڪهڙي قوم آهي اوهان کي خبر آهي۔ ادا اوهان پنجابين مهاجرن ۽ پٺاڻن جي قومي ٽيم جي ٿا ڳالھ ڪيو۔ جڏهن کان پاڪستان ٽيم جوڙي وئي آهي۔تڏهن کان ٽيم ۾ ڪو سنڌي رانديگر اوهان ڏٺو آهي۔۔؟ اگر اوهان ڏٺو آهي ته مان مڃان ٿو ته قومي ٽيم آهي۔ اسان به جڏهن ننڍا هوندا هئاسين ته شوق سان ڪرڪيٽ کيڏندا هئاسين۔ ۽ ڏسندا هئاسين۔ جڏهن سمجه پئي ته بيٽ کي هٿ لاهڻ به گناھ سمجهندو آهيان۔۔۔۔۔اُهي ڳالهيون اوهان کان وساري ويو آهن۔۔۔؟ جڏهن سنڌين کي نااهل پيا چون۔۔۔۔۔۔۔هاڻي اوهان ٻڌايو ته اسان نااهل آهيو۔۔۔؟ دوست خدارا ڇڏي ڏيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: اوول، ٽيست ادا عاشق صحيح چوين پيو۔ موجوده ٽيم ۾ 10 رانديگر پنجاب جا آهن ۽ هڪ پختون خواه جو ( ياسر حميد )۔
جواب: اوول، ٽيست ادا ڏهرڪي ۽ اوٻاڙو ۾ ٻه رانديگر اهڙا هئا جيڪي پاڪستان ٽيم ۾ کيڏڻ جي لائيق هئا پر هنن کي پاڪستان ٽيم ڇا پاڪستان جي اي ٽيم ۾ به جڳا نه ڏني وئي صرف انهي ڪري ته هو متان پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ جاءِ ٺاهي وٺن ۽ هنن وٽ سنڌي هجڻ جو لائسنس هو .......... مان پاڻ ڪرڪيٽ جو تمام جنوني آهيان منهنجو والد صاحب به ڪرڪيٽ جو تمام شوقين آهي هو به پنهنجي دور ۾ ڪرڪيٽ کيڏي چڪو آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته اسان جو پورو خاندان ڪرڪيٽ کيڏي آهي ............... مان ته آسٽريليا ۽ انڊيا سريلنڪا جي ٽيمن جا به ميچ شوق سان ڏسندو آهيان پر پاڪستان اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي هن جي کٽڻ ته ٿوري خوشي ٿيندي آهي اڄ پاڪستان انگلينڊ کي 4 وڪيٽن تان هرائي 9 سال باد انگلينڊ جي ميدان ته جيت حاصل ڪ.ئي آهي
جواب: اوول، ٽيست ادا علي اڪبر مان به ڏهرڪي جو رهندڙ آهيان ڏهرڪي ڪرڪيٽ ٽيم جا گهڻا ئي سٺا پليئر آهن واقعي
جواب: اوول، ٽيست يار نه پاڻ ڪرڪيٽ ڏسو ۽ نه وري کيڏون ته پو۽ دعا وري ڇو ڪيان سا به مفت ۾ سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي سدائين گڏ
جواب: اوول، ٽيست ادا پاڪستان جي باري ۾ توهان هميشه توهان اهو ئي ويٺا ٻڌجو۔۔۔ ته فلاڻي ٽيم کان ايترن سالن کان پوءِ هڪ ٽيسٽ ميچ کٽيائين۔۔۔ ڇو ته اتي رڳو ميرٽ جي لتاڙ ٿي ٿئي۔۔ ڪڏهن به صلاحيتن موجب رانديگر نه کنيا ويا آهن۔۔