اسلام عليڪم ساٿيو۔ ڪجهه ڏينهن پهريان ڪمپيوٽر تي ويٺو هوس ته سائين رحيم بخش، زاهد ۽ اسان وارو اُستاد ڦلپوٽو،، منهنجي گهر آيا اچي ميموري ڪارڊ کي ڪمپيوٽر جي ٽيبل تي رکيائون۔۔۔ اسان واري اُستاد اکيون ڏيکاري چيو ته هن کي پاسورڊ لڳي ويو آهي۔ مٿان واري زاهد صاحب ٽوپي ۽ اجرڪ پاتيون هت ۾ مولا بخش (ڏنڊو) جهليون بيٺو آهي ته هيئنر جو هئينر پاسورڊ ختم ڪري ڏي نه ته ڪيانءِ ٿو اڄ پورو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر سائين رحيم بخش هنن کي بس ڪرڻ لاءِ چيو۔ خبر پئي ته اُهو ميموري ڪارڊ درويش سومرو جو هو۔۔۔۔۔۔ پوءِ سوچيم ته زاهد ويچارو مائٽ جي لاءِ ڏنڊو هڻڻ آيو هو۔ مان به ميموري ڪارڊ کنيو۔۔۔۔ ڪارڊ ريڊر ۾ وجهي ڪري هيٺ ڏنل طريقو آزمايم۔۔ الله ڪيو مسئلو حل ٿي ويو ۔ سڀ کان پهريان توهان هٺي ڪلڪ ڪري ايم ايم سي انلاڪر ڊائونلوڊ ڪريو جيئن ئي توهان ان کي رن ڪندا ته هيٺ ڏنل اسڪرين ظاهر ٿيندي۔ سڀ کان پهريان توهان ميموري ڪارڊ جي سائيز سليڪٽ ڪريو ۔۔۔ يعني اهو 256، 512 يا 1 جي بي جو آهي ان کان بعد توهان پنهنجي ميموري ڪارڊ جو ڊرائيو ليٽر کڻو۔ جيڪڏهن توهان ميموري ڪارڊ کي ڪو ليبل ڏنو آهي ته اهو ڏيو۔ آخر ۾ فارميٽ ايم ايم سي تي ڪلڪ ڪيو ۔ هي وٺو توهان جي ميموري ڪارڊ انلاڪ ٿي ويو
جواب: پنهنجي ميموري ڪارڊ کي انلاڪ ڪريو سائين وهاب راجه جس آهي توهان کي جو اوهان مسئلو حل ڪيو نه ته زاهد کي ته کپي ئي بهانو پيو توهان کي ڏنڊو هڻڻ لا۽ پر توهان کي به جس هجي جو توهان اهو مسئلو حل ڪري پنهنجي جان بچائي هون به سنڌي هڪ پهاڪو آهي ته ڀڄڻ ڪم وريام جو معني سِرُ بچائڻ به سنت آهي سدائين گڏ
جواب: پنهنجي ميموري ڪارڊ کي انلاڪ ڪريو جڏهن نالو ئي راجا اٿس ته ڪم به راجائن وارا ڪندو آهي، اهڙيون اهڙيون ڳالهيون ٻڌائيندو آهي جو وڃي ٿين خئير ۔۔۔ پاڻ ته ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ ائين آهيون جيئن وتايو فقير هن دنيا ۾ هو، جو کيس ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ايندي هئي ۔۔۔ سوال ئي سوال ۔۔۔؟؟؟؟؟
جواب: پنهنجي ميموري ڪارڊ کي انلاڪ ڪريو سائين منهنجا اوهان جي مهرباني جو اوهان مسئلو حل ڪيو ورنه ادا زاهد اصلي هٿن مان پئي ويو بهرحال جتي اوهان هوندا ته ڀلا پوء پڇڻا نه مجهڻا وارو چوڻ بالڪل درست ٿيندو انشآء الله اوهان جي مدد سان نه رڳو اسان جو پر ٻين به دوستن جو ڀلو ٿيندو هوندو جو نوٽيفڪيشن ڪڍرائڻ ۾ چند فرد شامل هوندا آهن ليڪن فائدو سڀ وٺندا آهن الله تعالي توهان کي شاد و آباد رکي.
جواب: پنهنجي ميموري ڪارڊ کي انلاڪ ڪريو ادا اسان ته ڪڏهن ميموري ڪارڊ استعمال ئي ناهي ڪيو، برحال ونڊ ڪم جي آهي۔
جواب: پنهنجي ميموري ڪارڊ کي انلاڪ ڪريو ادا مان ڀڳو ته ناهيان اُتي ئي بيٺو هوس۔۔۔۔۔۔۔ پسند ڪرڻ جي مهرباني
جواب: پنهنجي ميموري ڪارڊ کي انلاڪ ڪريو ادا پسند ڪرڻ جي مهرباني ڪم ته سٺا ڪندا آهيون پر پرين کي شل پسند اچن سائين پسند ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔۔۔ پسند ڪرڻ جي مهرباني آمين۔۔۔ سائين منهنجا پسند ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔۔ هونئن به زاهد الجميلي کي ڪير روڪي۔ ادا ڇو ڀلا خير ته آهي جو توهان ميموري ڪارڊ استعمال ناهي ڪيو
جواب: پنهنجي ميموري ڪارڊ کي انلاڪ ڪريو ابا لڪل چاهت يار ميموري ڪارڊ انلاڪ ته ٿي ويو پر فارميٽ به ته ٿي ويو ان جو ته ڪو فايدو نه ٿيو نه بابا خالي ميموري ڪارڊ ڇا ڪبو ان تي ايتري محنت ڪندو آهي ان کي انلاڪ ان ڪري ڪري ٿو ته ان ۾ ڊيٽآ پيل آهي جلدي ڪر اها بنا فارميٽ جي ڊيٽا به محفوظ رهي ۽ انلاڪ به ٿي وڄي ن ته زاهد جي ڏنڊي جي خبر اٿئي فقير جي ڳاله وانگر اهو اڳي ئي بهانا پيو ڳولهي اوهان کي ڏنڊي هڻڻ جا سو۔۔۔۔۔