سنڌي ٻولي کي قومي حيثيت ڏيارڻ لاءِ ڇا ٿيڻ گهرجي مرتضيٰ سيال سنڌي ٻولي کي دفتري ٻولي واري حيثيت ته گهڻو وقت اڳ ملي هئي پر اڃان تائين اُن تي عمل ٿي نه سگهيو آهي. 97 سالن تائين دفتري ۽ سرڪاري ٻولي رهندڙ سنڌي کي سنڌ جي سرڪاري آفيسن ۽ ادارن مان ڄڻ ته نيڪالي مليل آهي. 29 آگسٽ 1857ع ۾ برٽش سرڪار سنڌي ٻولي کي قومي، تعليمي ۽ سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو هو. 97 سالن تائين سنڌي ٻولي کي پرڳڻي ۾ دفتري ٻولي طور استعمال ڪيو ويندو رهيو. 14 آڪٽوبر 1954ع تي جڏهن ون يونٽ مڙهيو ويو ته سنڌي ٻولي کان دفتري ٻولي واري حيثيت کسجي وئي. ايوب خان جي دؤر ۾ ٻولي بابت سمورا فيصلا واپس وٺي سنڌي کي ميٽرڪ تائين لازمي ڪيو ويو. 1972ع ۾ ٻولي جي اصل حيثيت بحال ڪئي ويئي ۽ ٻولي ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو، جنهن مطابق سنڌي ٻولي کي قومي، سرڪاري ۽ دفتري ٻولي بڻايو ويو پر اُن تي صحيح معنيٰ ۾ عمل اڄ تائين ٿي نه سگهيو آهي، جيڪا سنڌي ٻولي سان وڏي ناانصافي آهي. وفاق جي بيورو آف ڪريڪيولم پاران فيصلو ڪيو ويو هو ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اردو ڳالهائيندڙ شاگردن کي سليس سنڌي پڙهائي ويندي جڏهن ته سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن کي سليس اردو پڙهائي ويندي پر سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اُن تي به عمل نه ٿو ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ اسان جي سرڪار ته لاپرواهه بڻيل آهي پر اسان جا عالم، اديب، سڄاڻ ڌريون به خاموش آهن. جيڪڏهن اسان جون علمي، ادبي توڙي سياسي ڌريون اُن سلسلي ۾ ڪو آواز اٿارين ها ته شايد سنڌي ٻولي عملي طور دفتري ٻولي به بڻجي سگهي ها ۽ سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سليس سنڌي ۽ سليس اردو واري فارمولي تي به عمل ٿي سگهي ها. اسان جي سڄاڻ ڌرين پاران ٻولي واري معاملي تي لاتعلقي جي ڪري سنڌي ٻولي کي سندس جائز حيثيت ملي ناهي سگهي. ڪالهه 29 آگسٽ اهو ڏينهن هو، جنهن ڏينهن تي سنڌي ٻولي کي دفتري ٻولي واري حيثيت ملي هئي پر اُن ڏينهن تي سنڌ جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي حلقن مان ڪنهن به ٻولي جي حوالي سان ڪا تقريب نه ڪئي. گذريل سال سنڌي ادبي سنگت سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي واري حيثيت ڏيارڻ لاءِ مهم هلائي هئي ۽ اُن سلسلي ۾ ڪانفرنسون ڪرايون، گڏجاڻيون ڪيون، ٺهراءُ منظور ڪرايا ۽ ملڪ جي صدر کي مختلف ماڻهن جي صحيحن سان ڪارڊ موڪليا ويا. سنڌي ادبي سنگت جي اُن مهم سان ڪافي جاڳرتا پيدا ٿي پر مسئلي جو حل نه نڪري سگهيو، اُن اهم اشو تي سنڌ جون سڀئي سڄاڻ ڌريون، عالم، اديب، استاد، شاگرد توڙي سنڌ جون سياسي پارٽيون گڏيل نموني آواز اٿارين ۽ سنڌي ٻولي کي قومي ۽ دفتري ٻولي طور رائج ٿيڻ تائين لڳاتار جدوجهد جاري رکي وڃي ته يقينن ڪاميابي حاصل ٿي سگهي ٿي. سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن کي به اردو (لازمي) پڙهائي وڃي ٿي اُن جو وڏو نقصان اهو ٿئي ٿو جو سنڌي شاگرد اردو ۾ اوترو هوشيار نه ٿو ٿي سگهي جيترو اردو ڳالهائيندڙ ٿئي ٿو. بورڊ جي امتحان ۾ سنڌي شاگرد اردو واري سبجيڪٽ ۾ ڌڪ کائن ٿا، جنهن جي ڪري انهن جي مجموعي رزلٽ (مارڪن) تي تمام وڏو اثر پوي ٿو. ڪجهه پرائيويٽ اسڪولن ۾ ايڏو انڌير لڳو پيو آهي جو سنڌي ٻارن کي سليس سنڌي پڙهائي وڃي ٿي، جڏهن ته سليس سنڌي اردو ڳالهائيندڙ ٻارن کي پڙهائڻ گهرجي. سنڌ جو تعليمي کاتو به اُن اهم معاملي تي ڪو ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌي ٻولي کي قومي ۽ دفتري ٻولي بنائڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي پر اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ طئه ٿيل اصول تحت سنڌي ٻارن کي سليس اردو ۽ اردو وارن ٻارن کي سليس سنڌي پڙهائڻ واري معاملي تي وڌيڪ سنجيدگي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هونئن ته سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي کي اُن فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ اپاءُ وٺڻ گهرجن پر تعليم کاتو ڪجهه نه ٿو ڪري ته اسان سڀني کي گڏجي پريشر ڊيولپ ڪرڻ گهرجي جيئن اسان جي ٻارڙن سان ٿيندڙ ناانصافي کي به روڪي سگهجي ۽ ساڳي وقت سنڌي ٻولي سان ٻه اکيائي وارن روين ۾ به تبديلي آڻي سگهجي. اسان مان هر ماڻهوءَ تي اهو فرض آهي ته ٻولي واري معاملي تي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪريون ۽ ڪو لاڀائتو ڪردار ادا ڪيون. سنڌي ادبي سنگت کي ٻولي واري مسئلي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ٻيهر مهم سروع ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ نه رڳو سرڪار کي ياد ڏيارڻ جي ضرورت آهي پر سنڌ جي هر فرد کي به جاڳائڻ ضروري آهي جيئن اهي هن نيڪ ۽ قومي ڪم جو سگهارو حصو بڻجي سگهن. سنڌي ٻولي جيتري قديم، شاهوڪار، خوبصورت ۽ تاريخي آهي اوتري ئي پوئتي پيل آهي سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري کي روايتي ڪردار ادا ڪرڻ بجاءِ ڀرپور ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سنڌي ٻولي کي قومي ۽ سنڌ جي دفتري ٻولي واري حيثيت ڏيارڻ لاءِ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران هڪ قومي ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ گهرجي، جنهن ۾ ٻولي ماهرن کانسواءِ وزيراعظم يا صدر کي به گهرايو وڃي ۽ سنڌي ٻولي واري ڪيس کي ڀرپور نموني پيش ڪيو وڃي. رڳو مطالبن يا بيانن سان ڪڏهن به مسئلو حل ٿي نه سگهندو اُن لاءِ باقاعده عملي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، حڪومت تي ٻولي جي حوالي سان مستقل پاليسي ڏيڻ تي به زور ڏيڻو پوندو. اها ڪيڏي وڏي ناانصافي آهي جو سنڌ ۾ ست سيڪڙو آبادي واري ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو مليل آهي پر هزارين سال پراڻي ۽ شاهوڪار ٻولي سان ناروا سلوڪ روا رکيو پيو وڃي. اسڪول ۽ ڪاليج حڪومت جي فيصلي تي عمل نه پيا ڪن ۽ تعليمي بورڊ اُن اهم مسئلي تي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته تعليمي بورڊ سليس اردو جو پيپر ئي نه ٿا وٺن. حقيقت ۾ سنڌي ٻارن کي سليس اردو پڙهائڻ بجاءِ لازمي اردو پڙهائڻ وڏي زيادتي ئي نه پر سازش آهي. اُن سازش جا پيرا ڪيڏانهن ٿا وڃن اُن جي جاچ ڪرائڻ ضروري آهي، سنڌ جي تعليم واري کاتي کي اُن اهم مسئلي کي سنجيدگي سان ائڊريس ڪرڻ گهرجي. حڪومتي فيصلن ۽ پاليسين تي عمل نه ٿو ٿئي ته اها وڏي انتظامي ناڪامي آهي جنهن جي ڪري نقصان سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن جو ٿي رهيو آهي. سنڌ جي سياسي پارٽين کي به اُن معاملي تي رڙ واڪو ڪرڻ گهرجي ۽ ٻولي ايڪٽ تي عمل ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. ٻولي ماهرن مطابق ٻولي ايڪٽ تي عمل ٿيڻ سان سنڌي ٻولي وڏي ترقي ڪندي. سنڌ ۾ اسان جا ٻار اردو پڙهڻ تي مجبور هجن ۽ سنڌي بجاءِ اردو کي قومي ٻولي جو درجو حاصل هجي، سنڌي ٻولي متعلق ٿيل فيصلن تي عمل نه ٿئي ۽ تعليمي بورڊ سليس اردو جو پيپر وٺڻ لاءِ تيار نه هجن ته حقيقت ۾ اهو اسان سڀني سنڌي ماڻهن جو وڏو استحصال آهي. سنڌي ٻولي کي قومي حيثيت ڏيارڻ اسان سنڌين جو قومي فرض آهي ۽ اُن لاءِ مصلحتن کان پاسيرو ٿي سچائيءَ سان جاکوڙ ڪرڻي پوندي. سنڌي ادبي سنگت ٻولي واري معاملي ۾ ماٺار کي ٽوڙي ڪجهه اڳڀرائي ڪئي هئي، هاڻي ٻيهر اُن ۾ تحرڪ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي نه رڳو ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان سڀني سياسي، سماجي ۽ ادبي فورمن تان سڄي سنڌ ۾ جاڳرتا مهم شروع ڪرڻ ۽ اُن معاملي تي سنڌ جي آواز کي يڪجا ڪرڻ گهرجي جيئن پنهنجي سنڌي ٻولي کي قومي حيثيت ڏياري سگهجي. روزاني عبرت جي ويب سائيٽ تان ورتل