سال 2011 ۾ انڌا به ڪار هلائيندا ايندڙ سال 2011 ۾ هڪ اهڙي ڪار مارڪيٽ پڻ قائم ٿي سگهي ٿي جنهن ۾ انڌا به ڪار هلائيندا. نيشنل فيڊريشن آف بلائنڊ ۽ ورجينيا ٽيڪ گڏجي ڪري هڪ اهڙي گاڏي ايجاد ڪري رهيا آهن جنهن ۾ هو ٽيڪنالاجي موجود هوندي جنهن سان انڌا پڻ گاڏيون هلائي سگهندا ۽ سال 2011 ۾ اِها گاڏي ايجاد ٿي ڪري مارڪيٽ ۾ اچي ويندي. اِها جديد ٽيڪنالاجي انڌن ڊرائيورن کي ٽريفڪ ۾ گاڏي هلائيندي ارد گرد کان گذرندڙ گاڏين جي متعلق ٻڌائيندي. انهن گاڏين ۾ هڪ آپشن وائبريشن وارا گلوز ۽ ٻيو آپشن ڊرائيور ڏانهن ايندڙ هوا موجود هوندا جنهن جي ذريعي انڌي ڊرائيور کي ارد گرد گذرندڙ گاڏين جي متعلق خبر ڏني ويندي. ورجينيا ٽيڪ ۾ ان ريسرچ جي اڳوائي ڪندڙ مڪينيڪل انجينيئر پروفيسر ڊينس هونگ جو چوڻ آهي ته اِها ٽيڪنالاجي هڪ ڏينهن انڌن کي گاڏيون هلائڻ ۾ مدد ڏيندي ۽ ان کي عام گاڏين ۾ به حادثن کان بچڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو