سال 2011 ۾ انڌا به ڪار هلائيندا

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
سال 2011 ۾ انڌا به ڪار هلائيندا​

qqpnk3.jpg
ايندڙ سال 2011 ۾ هڪ اهڙي ڪار مارڪيٽ پڻ قائم ٿي سگهي ٿي جنهن ۾ انڌا به ڪار هلائيندا.
نيشنل فيڊريشن آف بلائنڊ ۽ ورجينيا ٽيڪ گڏجي ڪري هڪ اهڙي گاڏي ايجاد ڪري رهيا آهن جنهن ۾ هو ٽيڪنالاجي موجود هوندي جنهن سان انڌا پڻ گاڏيون هلائي سگهندا ۽ سال 2011 ۾ اِها گاڏي ايجاد ٿي ڪري مارڪيٽ ۾ اچي ويندي.



اِها جديد ٽيڪنالاجي انڌن ڊرائيورن کي ٽريفڪ ۾ گاڏي هلائيندي ارد گرد کان گذرندڙ گاڏين جي متعلق ٻڌائيندي. انهن گاڏين ۾ هڪ آپشن وائبريشن وارا گلوز ۽ ٻيو آپشن ڊرائيور ڏانهن ايندڙ هوا موجود هوندا جنهن جي ذريعي انڌي ڊرائيور کي ارد گرد گذرندڙ گاڏين جي متعلق خبر ڏني ويندي.
ورجينيا ٽيڪ ۾ ان ريسرچ جي اڳوائي ڪندڙ مڪينيڪل انجينيئر پروفيسر ڊينس هونگ جو چوڻ آهي ته اِها ٽيڪنالاجي هڪ ڏينهن انڌن کي گاڏيون هلائڻ ۾ مدد ڏيندي ۽ ان کي عام گاڏين ۾ به حادثن کان بچڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو
 
Back
Top