سماجي مصروفيت ڪينسر سان وڙهڻ لاءِ مددگار ثابت سائنسدانن نئين ريسرچ ڪئي آهي جنهن سان معلوم ٿيو آهي ته سماجي ۽ سياسي مصروفيت جنهن سبب بدن ۽ ذهن تي دباءُ ايندو هجي هو ڪينسر جي مريضن کي پنهنجي بيماري سان وڙهڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندو آهي. اوهايو اسٽيٽ يونيورسٽي ۾ جانورن تي ٿيندڙ ريسرچ ۾ اِها ڳالهه واضح طور تي ٻڌائي وئي آهي ته اِهو اثر ڪيئن ٿيندو آهي ۽ هن کي ڪيئن استعمال ڪري سگهجي ٿو. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ماڻهون چوندا آهن ته ڪينسر جي بيماري ۾ هر قسم جي دباءُ کان بچڻ گهرجي پر اِها ڳالهه مڪمل طور تي صحيح ناهي. ڊاڪٽرن ٻڌايو آهي ته سڀ کان بهترين اثر تڏهن نظر آيو جڏهن مريض وڌيڪ آبادي واري علائقي ۾ رهندو آهي. ڪينسر سان وڙهندڙ جينز ماڻهن ۾ موجود هوندا آهن ۽ هو تڏهن پنهنجو اثر ڏيکاريندا آهن جڏهن ماڻهون مسئلن ۾ ڦاسي پوندو آهي.