ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
امداد صحيح نموني ورهائي وڃي ته سنڌ 10 سال اڳتي هلي ويندي: خالد محمود سومرو
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ اڳواڻ سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومري چيو آهي ته صحت کاتي واري وزير جي نااهلي سبب ٻوڏ متاثر وڏا ۽ ٻارڙا گيسٽرو وگهي مري رهيا آهن، جڏهن ته لکين ماڻهو مختلف موذي مرضن ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ٻوڏ سبب عوام جي ٿيل نقصان جي سروي لاءِ فوري طور تي هنگامي مرڪز قائم ڪيا وڃن ۽ تفصيل گڏ ڪري متاثرن خاندانن کي پورو پورو معاوضو ڀري ڏنو وڃي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومري وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پرڏيهي امداد صاف ۽ شفاف نموني سان تقسيم ڪئي وئي ته سنڌ 10 سال اڳتي هلي ويندي. هن چيو ته اڃا تائين ڪيترائي ماڻهو ٻوڏ وارن علائقن ۾ ڦاٿل آهن، جيڪي ويچارا وڻن ۽ گهرن جي ڇتين تي چڙهي ٻيڙين، هيليڪاپٽرن ۽ کاڌ خوراڪ جي انتظار ۾ ويٺل آهن. حڪومت کي گهرجي ته ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي فوري طور تي محفوظ جڳهن تي آڻي سندن حياتين کي بچايو وڃي. هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم ۽ ٿل ڪئنال سنڌ کي معاشي طور تباهه ڪرڻ جا منصوبا آهن، جن کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو.