دوستو سنڌ سلامت فورم تي تصوير ڳنڍڻ انتهائي آسان آهي۔۔۔ جيڪڏهن توهان ڪنهن ويب سائيٽ تان تصوير کڻي رهيا آهيو ته ان تصوير کي مائوس جي مددسان ساڄي پاسي ڪلڪ ڪريو ۽ پراپرٽيز کي سليڪٽ ڪريو۔۔۔ هاڻي جنرل ٽيب ۾ موجود URL کي سليڪٽ ڪري ڪاپي ڪريو ۽ فورم جي پيڊ تي موجود Insert Image ڪوڊ کي ڪلڪ ڪري پيسٽ ڪريو۔۔۔۔ تفصيل لاءِ تصوير ڏسو۔۔۔ پر جيڪڏهن پنهنجي ڪمپيوٽر تان ڪا تصوير اپلوڊ ڪرڻ گهرو ٿا ته پيڊ جي ٽول بار تي موجود ڪلپ نما آئڪان تي ڪلڪ ڪريو يا وري پيڊ جي هٺان موجود بٽڻ ”ڳنڍيل فائيلز کي ترتيب ڏيو“ واري بٽڻ تي ڪڪل ڪريو جنهن کان پوءِ هڪ نئين ونڊوز کلندي جتي Brows ڪري پنهنجي مطلوبا تصوير جي لوڪيشن ڏيو ۽ اپلوڊ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔۔ ٿوري ئي دير ۾ تصوير اپلوڊ ٿي ويندي جنهن کانپوءِ نئين کليل ونڊوز کي بند ڪريو ۽ هڪ دفعو ٻيهر پيڊ جي ٽول بار تي موجود ڪلپ نما آئيڪان کي ڪلڪ ڪريو ۽ اپلوڊ ٿيل تصوير کي انسرٽ ڪريو۔۔۔۔ تفصيل لاءِ هيڍين تصوير ڏسو۔۔۔۔ جيڪڏهن توهان چاهيو ته تصوير واري ڏنل ڪوڊ کي سينٽر ڪوڊ لڳائي تصوير کي وچ تي رکي وڌيڪ خوبصور بڻايو ۽ پيش منظر ڏسي موڪلي ڇڏيو نظارو ڪجهه هن طرح هوندو۔۔۔۔
پُٽ غلام علي شاهه ڀلي ڪري آئين، توکي سنڌ سلامت تي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي، سنڌ سلامت جي دوستن کي ٻُڌائيندو هلان ته هي ادو مُنهنجي بهترين شاگردن مان هڪ آهي۔ سٺو تقرير ڪرڻ وارو، سُٺو آرٽسٽ، تعليم جي شعبي ۾ به تمام سُٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ وارو، وڏي ڳالهه ته پاڻ سُٺو مووي ميڪر آهي، سنڌ جي هڪڙي وڏي ٽي وي چينل سان سلهاڙيل آهي، ڪمپيوٽر ايڊيٽنگ، ڪمپيوٽر پروگرامنگ جي تمام بهترين }ڄاڻ رکي ٿو. ڪافي ڏينهن پهرين سندس ڪمپيوٽر سينٽر هوندو هو، جنهن ۾ پاڻ انسٽرڪٽر وارا فرائض سرانجام ڏيندو هو، پاڻ پنهنجي ننڍي وهي کان تمام گهڻي محنت ڪئي اٿائين. آئون جڏهن سندن اسڪول ۾ پرنسپال هوندو هُئس هي نائون ڪلاس پڙهندو هو، هي اسان جي اسڪول جو واحد شاگرد هو، جنهن ضلعي تقريربازي ۾ پهريون دفعو اسان جي اسڪول لاءِ ٽيون نمبر انعام حاصل ڪيو هو. مونکي چڱي طرح ياد آهي ان تقرير جو عنوان هو ” جيڪڏهن مان وزير اعظم هُجان ها“ ان عرصي کي 6 سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي. ٻه ڏينهن پهرين غلام علي شاهه هڪ اين جي اوز جي طرفان هڪ شاعرن ۽ سگهڙن جي محفل جيڪي ٽنڊو محمد خان جي ويجهو ڳوٺ ڪپور موري ۾ منعقد ڪئي ويئي هُئي ان ۾ پنهنجي ٽي وي چينل جي نمائندگي ڪندي پنهنجي مووي ڪيمرا ۾ انهيءَ ڪچهري جي وڊيو ڀري رهيو هو. جيئن ته آئون ان تقريب ۾ اسٽيج سيڪريٽري وارا فرائض ادا ڪري رهيو هُئس سو سندس مون تي نظر پئي ته تمام عاجزي ۽ روايتي شاگرد واري عزت سان هُن مونکي سلام ڪيو، مون کيس سلام جو جواب ڏيندي کيس دُعائون ڪيون ۽ اُتي مون کيس سنڌ سلامت اچڻ جي نينڊ ڏني . بهرحال سنڌ ڌرتيءَ جا اهڙا نوجوان شاگرد اسان جي سنڌ سلامت تي اچن ۽ پنهنجون ڪاوشون اسان سان شيئر ڪن ان کان وڌيڪ خوشيءَ جهڙي ڀلا ٻي ڳالهه ڪهڙي ٿيندي. هڪ دفعو ٻيهر مان پنهنجي پوري سنڌ سلامت سٿ طرفان کيس خوش آمديد چوان ٿو ۽ اميد ٿو ڪريان ته سيد غلام علي شاهه پنهنجي لکڻيون سدائين اسان سان شيئر ڪندو رهندو.
ادا شبير توهان غلطي ڪري ويٺا آهيو۔۔۔ ادا پنهنجي ڪمپيوٽر تان تصوير اپلوڊ ڪرڻ لاءِ توهان کي پوسٽ ريپلائي ۾ وڃي ڳنڍيل فائيلز کي ترتيب ڏيو بٽڻ کي ڪلڪ ڪريو يا وري پيڊ جي مٿان پيپر ڪلپ نما آئڪان کي ڪلڪ ڪريو جنهن کان پوءِ برائوز ڪري پنهنجي فائيل جي لوڪيشن ڏيو۔۔۔۔ جنهن کان اپلوڊ ڪريو ۽ موڪلي ڇڏيو۔۔۔۔
جواب: سنڌ سلامت فورم تي تصوير ڳنڍڻ جو طريقو طريقو سمٍجهه ۾ آيو ڪمپيوٽر مان تصوير لوڊ ڪرڻ نه ايندي هئي