• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سرڪاري نااهلي سبب سڄي سنڌ ٻڏي رهي آهي،

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
سرڪاري نااهلي سبب سڄي سنڌ ٻڏي رهي آهي، زميندار ڪٽ هڻي غريبن کي ٻوڙين پيا: بشير قريشي​

حيدرآباد/ڪوٽڙي (نمائندن وٽان) جسقم چيئرمين بشير خان قريشي ڪوٽڙي ۽ مانجهند جي بندن جو دورو ڪيو ۽ ان دوران عملدارن کان آگاهي حاصل ڪئي. بشير خان قريشي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومتي نااهلي سبب سڄي سنڌ ٻڏي رهي آهي. وڏيرا ۽ زميندار پنهنجي زمينن کي بچائڻ لاءِ ڪٽ هڻي رهيا آهن، جنهن ڪري عام ماڻهو متاثر پيا ٿين. هوڏانهن جسقم جي جاري ڪيل پريس بيان ۾ بشير خان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، آصف بالادي ۽ ٻين چيو آهي ته حڪومت وٽ ڪنهن رٿابندي نه هئڻ ڪري بوڏ ۾ وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. هنن چيو ته شهدادڪوٽ مان زميندارن ۽ ڪارخانيدارن کان لکين رپيا چندو ورتو ويو پر اها رقم درست طريقي سان استعمال نه ٿيڻ ڪري شهدادڪوٽ کي پڻ خطرو ٿي پيو آهي. ٻئي طرف ڪراچيءَ ۾ آيل ٻوڏ متاثر سهولتن کان محروم آهن. جسقم جا ڪارڪن ٻوڏ متاثرن کي حڪمرانن جي رحم ڪرم تي ڇڏڻ بجاءِ انهن جي مدد ڪن. ان سلسلي ۾ بشير خان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، شهدادڪوٽ، رتوديرو ۽ ٻين علائقن جو دورو پڻ ڪيو. ڪراچيءَ ۾ ٻوڏ متاثرن جي مسئلن جي حل لاءِ آصف بالادي، نعيم منڌرو، الاهي بخش بڪڪ، محمد خان شيخ، بشير خاصخيلي تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهي آهي ڪيهر انصاري ۽ نجف لغاري پڻ نوابشاهه ۽ ميرپور خاص ۾ رليف ڪئمپن جو دورو ڪيو.​
(عوامي آواز)
 
Back
Top