عاشق سولنگي
سينيئر رڪن

سيالڪوٽ (م ڊ) سيالڪوٽ ۾ وحشياڻو تشدد ڪري ٻن ڀائرن کي مارڻ واري واقعي ۾ پوليس جي ملوث هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ ان حوالي سان هڪ نجي ٽي وي کي ڄاڻايل واقعي جا نوان فوٽو پڻ مليا آهن، جن ۾ هنگامي حالتن ۾ ماڻهن جي مدد ڪندڙ ريسڪيو 1122 جا اهلڪار ٻنهي ڀائرن کي رسن سان ٻڌڻ ۾ مڇريل ماڻهن جي مدد ڪندي نظر اچن ٿا. ٻئي پاسي گرفتار ڪيل هڪ جوابدار شمس علي اعتراف ڪيو آهي ته ڊي پي او سيالڪوٽ کين اجازت ڏني هئي ته ٻنهي ڀائرن کي ڀلي ماري ڇڏيو. بعد ۾ پوليس مقابلو ڏيکاري ڇڏيو. ٻئي پاسي پوليس 5 اهلڪارن ۽ 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سيالڪوٽ ٿاڻي تي ايس ايڇ او سميت 13 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. ڊي آءِ جي موجب اڌ کان وڌيڪ جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ ٻين کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. جڏهن ته ايس ايڇ او فرار ٿي ويو آهي.