جواب: ڇوڪرين کان عورتون 31 سال جي عمر ۾ وڌيڪ دلڪش نظر اينديون آهن
ڇا ڀلا عورت يا مرد 30 يا 31 سالن ۾ پوڙهو ٿي ويندو آهي؟ نه ادا ٽيهون سال عمر جو تمام سهڻو سال هوندو آهي، جنهن ۾ عورت يا مرد، نه فقط سهڻا نظر ايندا آهن بلڪه بردبار ۽ سلجهيل پڻ ۔۔۔ ٻاراڻو ختم ٿي ويندو آهي ۽ هاڻ زندگيءَ جو هڪ نئون دور شروع ٿيندو آهي جنهنکي سمجهه وارو دور چئبو آهي ۔۔۔۔ مطلب ته جڏهن سمجهه هوندي ته ماڻهون وڌيڪ سهڻو به نظر ايندو ۔۔۔ فطري ڳالهه آهي ۔۔۔
چاليهون سال انسان جي ڏاهپ ۽ عقلمنديءَ جي انتها جو سال آهي ۔۔۔ جنهن ۾ عورت يا مرد ڀرپور زندگي گذاري تجربيڪاريءَ واري دور ۾ پهچي ويندا آهن ۔۔۔ !!!
پنجاهون سال زندگيءَ جو پوئتي ورڻ واري ڏيک ڏيڻ جو سال هوندو آهي ۔۔۔ جنهن ۾ انسان جو حسن ۽ جسم پنهنجي سگهه وڃائيندو آخري منزل طرف وڌڻ جي شروعات ڪندو آهي ۔۔۔!!! وارن ۾ چاندي، هڏن ۾ ڪمزوري، کل جو ڍلو ٿيڻ وغيره وغيره ۔۔۔
مطلب ته هر عمر جو پنهنجو هڪ حسن ۽ پنهنجو هڪ مزو آهي ۔۔۔
وري به ٻاراڻو ٻاراڻو آهي ۔۔۔ نه دنيا جي فڪر نه ڏوهه ثواب جو خيال ۔۔۔ الله الله خئير سلا ۔۔۔۔
والله عالم ۔