• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ۾ٻوڏ جون تباهيون،آر بي او ڊي بند ٽٽي پيو،گهارا،قمبر،دادو،ڄامشو ري ۽ ٺٽي ضلعن جا نن

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
سنڌ ۾ٻوڏ جون تباهيون،آر بي او ڊي بند ٽٽي پيو،گهارا،قمبر،دادو،ڄامشوري ۽ ٺٽي ضلعن جا ننڍا شهر ۽ وڌيڪ سوين ڳوٺ ٻڏي ويا
حيدرآباد(نمائندن وٽان) سنڌو درياءَ ۾ ٻوڏ سبب وڌيڪ سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، بندن کي گهارا ۽ روڻيون پوڻ جو سلسلو به جاري آهي، قمبر-شهدادڪوٽ، ڄامشوري، دادو ۽ ٺٽي ضلعن ۾ ڪالهه وڌيڪ تباهي ٿي آهي، سنڌ حڪومت چيو آهي ته اندرين سنڌ مان ڏيڍ لک ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي آهي، جيڪا تاريخ ۾ وڏي لڏپلاڻ آهي ۽ اهڙو سلسلو اڃا هلندڙ آهي، مليل رپورٽن موجب سنڌو درياءَ ٺٽي ۾ ڪارو کهو وٽان آر بي او ڊي جو بند ٽوڙي ڇڏيو ۽ پاڻيڪي بي فيڊر (ڪراچي واهه) ڏانهن وڌڻ لڳو، ڪچي ۾ واقع شهر ٽنڊوحافظ شاهه به ٻڏي ويو، 40 ڳوٺ مڪمل طور پاڻي هيٺ آهن، ڀاڻوٺ ڀرسان ايس ايم بند جي لوپ نيو بند کي گهارو پوڻ ڪري فصل ۽ ڳوٺ ٻڏي ويا، بچاءَ بند کي کنڊو ۽ ٻين هنڌن تي روڻيون پيون، ٻوڏ جي پاڻي کان شهدادڪوٽ شهر کي بچائڻ لاءِ شهدادڪوٽ ، سجاول جوڻيجو موٽر وي روڊ کي ڪٽ هڻي ٻوڏ جي پاڻي کي قبوسعيدخان ڏانهن ڇوڙ ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري ڪالهه قبوسعيد خان جي يوسي هزار واهه ۽ شهدادڪوٽ جي يوسي بگودڙو جي ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، قبوسعيدخان ، ڪچي پل ۽ چکي پل سميت ڀرپاسي جي ڳوٺن جو شهدادڪوٽ سان گڏ ٻين شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، هزارين ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري خضدار ۽ کيرٿر جبل ڏانهن وڃي رهيا آهن، شهدادڪوٽ کي خطرناڪ قرار ڏيڻ کانپوءِ قمبر واسين ۾ به خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ۽ سوين خاندان شهر مان لڏ پلاڻ ڪري حيدرآباد ، ڪراچي ، لاڙڪاڻو ، ڄام شورو ۽ ٻين علائقن ڏانهن وڃي رهيا آهن. ڪالهه شهدادڪوٽ تعلقي جا وڌيڪ 200 ڳوٺ ٻڏي ويا آهن، 500 کان وڌيڪ ماڻهو رستا ڪٽجي وڃڻ ڪري ڳوٺن ۾ ڦاٿل آهن، شهدادڪوٽ شهر ٻاهران ٺهيل بند پاڻي جو دٻاءُ وڌي وڃڻ کانپوءِ 8 هنڌن تان پاڻي سيمو ڪري وهڻ لڳو آهي، بچاءَ بند کي بروهي پيٽرول پمپ وٽان موٽر وي روڊ جي هيٺان 6 پليون هيون جيڪي پاڻي جي پريشر سبب کلي ويون آهن، جنهن ڪري ٻوڏ وارو پاڻي شهدادڪوٽ شهر طرف وڌي رهيو آهي، وهندڙ پلين کي بند ڪرڻ لاءِ شهري پاڻ مٽي جون ٻوريون ڀري بند ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن، شهدادڪوٽ شهر لاءِ 12 ڪلاڪ اهم ٻڌايا پيا وڃن، صوبائي وزير نادر مگسي شهر جي مسجدن ۾ پڙها ڏياري اعلان ڪرايو ته جيڪي به مرد شهر ۾ آهن رضاڪارانه طور تي بچاءَ بند تي پهچي بند جو مرمتي ڪم ڪرائين، صوبائي وزير نادر مگسي چيو ته بچاءَ بند شهدادڪوٽ شهر کي بچائڻ لاءِ اهم ڊفينس لائين آهي، شهر کي بچائڻ لاءِ سڄي رات ويهي بند جي نگراني ڪنداسين، شهري به بند تي وڃي نگراني ڪن، شهر کي هر صورت ۾ بچائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، رپورٽن موجب شهدادڪوٽ شهر جا 80 سيڪڙو ماڻهو لڏپلاڻ ڪري مختلف هنڌن ڏانهن هليا ويا آهن، هوڏانهن ڄامشوري ضلعي ۾ ڄامشوري شهر سميت ڪوٽڙي، سيوهڻ ۽ مانجهند تعلقن جي شهري آبادين وٽان بچاءَ بندن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، ايل ايس بچاءَ بند تان پاڻي جو اوور فلو ٿيڻ ۽ آر بي او ڊي سم نالو مختلف هنڌن تان ٽٽڻ جي نتيجي ۾ وڌيڪ 20 ڳوٺ ۽ ريلوي ٽريڪ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، اڳوڻي ضلعي ناظم ملڪ اسد سڪندر جي اباڻي ڳوٺ اڪري شريف جي هيٺانهين واري آبادي، ڳوٺ حاجي خان ٿيٻو، ڳوٺ محمد سومار ٿيٻو، ڳوٺ ڪوريجا، ڳوٺ شهمير دائيداڻو ۽ ڳوٺ يار محمد ڪاڇيلو سميت ڀرپاسي جون ٻيون هيٺانهين واريون آباديون پاڻي هيٺ اچي ويون آهن، ڄاڻايل آبادين ۾ 5 هزار کان وڌيڪ ماڻهو پاڻي ۾ ڦاسي پيا، پيٽاري وٽ پاڻي جي سطح وڌڻ ۽ آر بي او ڊي سم نالو ٽٽڻ سبب پاڻي آبادين ڏانهن رخ ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ رمضان راڄڙ، ڳوٺ چاڪر خان راڄڙ، ڳوٺ امام بخش شهڻو پاڻي جي گهيري هيٺ اچي ويا آهن، خاڻوٺ ۽ آمري شهر جي ريلوي ٽريڪ سميت 4 وڌيڪ ڳوٺن نئين سونهري، ڳوٺ رند، ڳوٺ برهماڻي ۽ ڳوٺ کوسا به پاڻي هيٺ آهن، مانجهد تعلقي جي ڪچي واري علائقي وٽ منگلي ڀاڻوٺ بچاءَ بند کي هٿرادو هنيل گهارو 100 فوٽ کان وڌڻ سان گڏ بچاءَ بندن تان پاڻي اوور فلو ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪچي جي علائقي وٽ 2 ڳتيل آبادين ٻڍاپور شهر ۽ انڙ پور شهر سميت 20 کان وڌيڪ ڳوٺن درياءَ خان کوسو، حاجي خان کوسو، سونو خان زرداري، غريب آباد ۽ ڀرپاسي جون ٻيون ڳوٺاڻيون آباديون مڪمل طور تي پاڻي هيٺ اچي ويون، جڏهن ته ڪالهه ڪوٽڙي جي خانپور واري علائقي ۾ باءِ پاس پل لڳ سنڌو درياءَ جو زمينداري بند ٽٽي پيو، جنهن سبب خانپور جا ڪيترائي ڳوٺ عبدالله شورو، وڏيرو يعقوب شورو، امام الدين شورو، الهه بچايو ملاح، ڳوٺ ستار کرل، برادي شورو ڳوٺ، مجنون شورو ڳوٺ ۽ قاضي عبدالواحد سميت ٻيا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ملڪ اسد سڪندر ، ڊاڪٽر سڪندر شورو ۽ تعلقي ڪائونسل جي انتظاميا پهچي ماڻهن کي گهرن مان ٻاهر ڪڍيو، اهڙي طرح ٺٽي ضلعي ۾ ڪارو کهو وٽ سنڌو درياءَ ۾ آيل ٻوڏ جي دٻاءُ جي نتيجي ۾ آر بي او ڊي جو اڌ ۾ رڪيل سم نالي جو بند ٽٽي پيو آهي، بند کي 15 فوٽن تائين گهارو پوڻ جي نتيجي ۾ ٻوڏ جو پاڻي تيزي سان آر بي او ڊي ۾ داخل ٿي رهيو آهي ۽ آر بي او ڊي ۾ داخل ٿيل پاڻي جو رخ ڪي بي فيڊر(ڪراچي واهه) طرف آهي، جنهن سبب ڪوٽڙي ۽ جهرڪ جي وڏي آبادي کي سخت خطرو ٿي ويو آهي، جڏهن ته ضلعي انتظاميا پاران ٽٽي ويل بند کي ٻڌڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون آهن، ڊي سي او منظور شيخ ٻڌايو ته ٺٽي ۾ ڪارو کهو وٽان آر بي او ڊي جو بند ٽٽي پيو آهي، بند ٽٽڻ سبب آر بي او ڊي ۽ ڪي بي فيڊر جي ڀرپاسي ۽ ڪنڌي وارن علائقن کي خطرو آهي، جتان ماڻهن کي ڪڍيو پيو وڃي، جڏهن ته ٺٽي جي ڪچي ۾ پاڻي ٽنڊوحافظ شاهه شهر ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن سبب ٽنڊوحافظ شاهه شهر جي 80 سيڪڙو آبادي پاڻي هيٺ اچي وئي آهي، ٽنڊوحافظ شاهه ۾ 3500 کان وڌيڪ ماڻهو، عورتون، معصوم ٻارڙا ۽ معذور ڦاسي پيا آهن، شهر جي چئوطرف 5 کان 6 فوٽ پاڻي بيهجي ويو آهي ۽ ٽنڊوحافظ شاهه مين روڊ پڻ پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي، ٽنڊوحافظ شاهه شهر سوڌو 40 کان مٿي ڳوٺ گولو دل، حاجي طالب دل، دودو ڳاهو، سومار دل، شيخ سومار ۽ بهراڻي ڳوٺ سميت ٻيا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ ڪري وڏي آبادي متاثر ٿي آهي، پاڻي شدت سان ٽنڊوحافظ شاهه شهر ٻوڙڻ کانپوءِ راڄونظاماڻي شهر طرف وڌي رهيو آهي. ٻئي طرف ڪوٽڙي اپ اسٽريم ۾ پاڻي جو دٻاءُ ايس ايم بند تي وڌي ويو آهي، جنهن ڪري ايس ايم بند کي کنڊو، ڳوٺ شفيع محمد ڏاهري، ڳوٺ صاحب سمان ۽ ڳوٺ يار محمد لاکو سوڌو مختلف هنڌن تان روڻيون پيون جن کي آبپاشي عملي، ضلعي انتظاميا ۽ ڳوٺاڻن همٿ ڪري بند ڪري ورتو آهي، جڏهن ته روڻين سبب ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ هراس پکڙجي ويو ۽ ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ لڳا آهن، ڊي سي او مٽياري ثاقب سومرو ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته بند محفوظ آهن ۽ اهي لڏپلاڻ ڪرڻ بدران سرڪاري عملدارن سان گڏ بندن جي نگراني ڪن ۽ روڻيون پوڻ جي صورت ۾ بند ڪرائين، ان کانسواءِ ڀاڻوٺ لڳ هڪ لوپ بند کي هڪ سئو فوٽ کان وڌيڪ گهارو پئجي ويو، نتيجي ۾ 3 هزار آبادي واري قديمي ڳوٺ جمال حاجاڻو سميت 5 ڳوٺ دودو لغاري، خميسو ماڇي، جعفر لغاري، گل محمد ماڇي ۽ هزارين ايڪڙن تي مشتمل ڦٽين ۽ ڪيلي جا فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، آبپاشي کاتي موجب زمينداري بند ٽٽو آهي، اهو لوپ بند نه هو، ڳوٺاڻن موجب گهارو پيل بند لوپ بند هو، هنن چيو ته اسان جا ڳوٺ پڪي جي حدن ۾ اچن ٿا ۽ 76 واري ٻوڏ سبب هتي پاڻي نه آيو هو.
 
Back
Top