ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
هندستان ۾ شوگر جي مريضن لاءِ 2 مهينن تائين اثر ڪندڙ انسولين ايجاد
انسولين جي جديد ٽڪي جي خاصيت اِها آهي ته انسولين جي عام ٽڪي جي مقابلي ۾ اِهو ٽڪو استعمال ڪرڻ سان صبح ساجهر شوگر جي مريضن ۾ شوگر ليول گهٽ ڪونه ٿيندو جيڪو ڪيترا ئي ڀيرا مريضن جي موت جو ڪارڻ بڻجي ويندو آهي.
نئي دلي جي هڪ کاتي تحت ٿيندڙ ريسرچ تي صرف 20 لک خرچ ٿيا آهن ۽ اِها دوا 3 سالن ۾ ايجاد ڪئي وئي آهي. نئي دلي جي فورٽس اسپتال جي شوگر واري کاتي جي سربراهه انوپ مشرا هن انسولين کي هندستاني سرڪار تحت ريسرچ ليبارٽري جي سڀ کان خاص ايجاد قرار ڏنو آهي.