جيڪي نبي سر سان ٿيو

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏23 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جيڪي نبي سر سان ٿيو ​


    مظهر لغاري
    ڳالهه شروع ڪجي گهر کان،۽ پوءِ احوال ڪجن شهر جا. 1970ع تائين شهر ۾ نينگرين جو پرائمري اسڪول هو ئي ڪونه. اڳتي هلي ٻن ماسترياڻين پنهنجي پنهنجي گهر ۾ اسڪول هلايو. هڪڙي اردوءَ جي ماسترياڻي هئي ۽ ٻي سنڌيءَ جي. سنڌيءَ جي ماسترياڻي منهنجي ڀيڻ روشن آرا هئي جنهن جي شاديءَ ۽ بدليءَ سان اسڪول پنهنجي منطقي انجام تي پهچي ويو. مائي روشن آرا جون شاگردياڻيون سڄو ڏينهن ”هڪ ايڪو ٻه ڏهاڪا ايڪويهه ــــ ٻه ايڪو ٻه ڏهاڪا ٻاويهه“ جو ورد ڪندي آسمان مٿي تي کنيو ويٺيون هونديون هيون. انهن ڏينهن ۾ منهنجي ماءُ ميگرين (اڌ مٿي جي سور) جو شڪار ٿي جنهن ۾ اڄ تائين ورتل آهي. ٽيهن ورهين بعد منهنجي ڀاڄائي مهرالنساءُ عورتن ۾ شعور ڦهلائڻ جي اين جي او ۽ هڪ سلائي سينٽر شروع ڪيو ته جن ڇوڪرين کي روشن آرا پڙهائيندي هئي تن جون ڌيئون سلائي سينٽر ۾ مهرالنساءُ جون شاگرد بڻيون. اڄ ڪامريڊ غلام محمد ۽ ڪامريڊ غلام حيدر جو اولاد لاڏائو ٿي ميرپورخاص، اسلام آباد، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ويندي ڪنيڪٽيڪٽ (آمريڪا) ۾ ڌڪا کائي ٿو. اسان مان جيڪي ويجها آهن، سي قسمت سان نبي سر اچن ٿا. ويجهڙ تائين اسان جي نبي سر اچڻ جا جا ٻه ٽي ٽاڻا مخصوص هئا جن ۾ ڪجهه تبديلي به اچي وئي آهي. محمود شاهه ۽ ڏاڏي نيڻونءَ جو ميلو،نبي سر ۾ ٿيندڙ محرم جي يارهين ۽ ٻه عدد عيدون. ان کان سواءِ سنگت ۾ ڪو ڀت يا خدانخواسته ڪو قضيو اسان کي گهليو اچي. گهر رهيو ڪونه، سو هاڻي جڏهن اچون ٿا ته اسين، الله جنت نصيب ڪريس، ڊاڪٽر عبدالغفور جي پٽن جا مهمان هوندا آهيون. اسان جو گهر پهرين اسڪول ٿيو، پوءِ سلائي سينٽر ۽ هاڻي اين جي او جي آفيس ٿي ويو. شڪر جو مسيت نه ٿيو.
    ننڍپڻ ۾ اسين ڏهن پئسن جو سڪو پٽڙيءَ تي رکندا هئا سين جيڪو پاڻي ڀري واپس موٽندڙ انجڻ جي ڦيٿن هيٺيان اچي سنڌ جو نقشو بڻجي ويندو هو. اڪثر ٽي ٽي ۽ انجڻ ڊرائيور گاريون ڏيندا مارڻ لاءِ پويان ڊوڙندا هئا سو جوکم وارو هي ايڊونچر سڀني ٻارن لاءِ چيلينج بڻيل هو. ان زماني جو ورلي ڪو اهڙو ٻار هوندو جنهن هي ايڊونچر نه ڪيو هجي. مون کان ويجهڙ ۾ اهي سڪا ڪنهن لڏپلاڻ دوران گم ٿيا آهن جن تي نبي سر جي پٽڙيءَ جي ڇاپ ڇڏيل هئي.
    پاڻ جنهن مهل واندا هوندا هئاسين گهران نڪري اچي اسٽيشن تي پسار ڪنداهئاسين. ان پٿر جي بينچن،خوبصورت فانوسن، ڇٻر ۾ وهندڙ پاڻيءَ ۽ تيز هوا ۾ پراسرار نموني لڏندڙ ۽ هوا ۾ وڌيڪ چاٻي ڀريندڙ نمن جي ڇانورن واري اسٽيشن تي جڏهن ريل اچڻ بند ڪيو ته پوليس وارن وڃي ان تي قبضو ڪيو. اها ميوزيم وانگر شيشي ۾ سانڍي رکڻ جهڙي ريلوي اسٽيشن هاڻي پوليس اسٽيشن ٿي وئي آهي. ”سنڌ جي پوليس ڪو چڱو ڪم به ڪندي آهي!” اسلام آباد ۾ هڪ دوست کي جڏهن اهو ٻڌايم ته هن ريمارڪ ڏنو. عوامي ريسرچ جا نتيجا هي آهن ته نبي سر ۾ اسڪول جي عمارت شهر کان ٻاهر ٺهڻ کانپوءِ ٻارن جو ڊراپ آئوٽ وڌيو آهي جو مائٽ ٻار موڪلڻ کان لنوائين ٿا ۽ پوليس پوسٽ مان پوليس اسٽيشن ٿيڻ کانپوءِ ڪرائم جو ريٽ. پوليس جي ريٽ جي ڇا ڳالهه ڪجي جيڪو زماني جي اٿل پٿل ۽ بدلجندڙ مارڪيٽ اڪاناميءَ سان ڏهوڻ تي وڌيو آهي. وڏيرڪي نظام جي غلام بنايل غريب نبي سر اڳي هڪڙي اي ايس آئي جو خرچ ڀريندي هئي هاڻي ايس ايڇ او جي پوري اٽالي جو پيٽ ڀري ٿي. عوامي مشاهدو اهو به آهي ته جيترا صوبيدار، جمعدار ۽ پوليس وارا وڌندا، اوترا چور، منشيات فروش ۽ جيب ڪترا وڌندا آهن. وڌيڪ اهو ته جيتري پوليس وڌندي، اوترو ئي صحافين جو تعداد به وڌندو. مون کي خبر ڪانهي پر ٿي سگهي ٿو ته ٻين شهرن وانگر نبي سر ۾ به هڪ پريس ڪلب، هڪ نيشنل پريس ڪلب ۽ هڪ ايوان صحافت موجود هجي
    جيڪڏهن ڪنهن هڪ جاءِ تي سرڪاري کاتن جو اڇو منهن ڏسڻو هجي ته نبي سر هليا اچو. هتي توهان کي فيڊرل گورنمينٽ، پراونشل گورنمينٽ ۽ لوڪل گورنمينٽ جو ڍينگو ڍيري ٿيل ملندو.
    نبي سر تي وسندڙ ڌوڙ لاءِ عوامي ريسرچ ٻڌائي ٿي ته پاڻيءَ کان محروم، ڪلر جي ماريل، ورهين کان بي آباد زمين جو سوين ڪلوميٽرن جو هڪ بيلٽ بدين کان ميرپورخاص ضلعي تائين ڦهليل آهي. هي ونڊ ۽ ڊسٽ (بلوچيءَ ۾ ”دشت“) جو ڪاريڊور سمنڊ کان شروع ٿي، ڦيرا کائيندو، گهيرٽ وٺندو پنگرئي وٽان ٿي نبي سر وٽ اچي ”ڇوڙ“ ڪري ٿو. جيئن اردو شعر ۾ آهي ته ”ساري جهان ڪا درد هماري جگر مين هي“ سو ايئن سمجهو ته سال جا اٺ مهينا سڄي لاڙ جي ڌوڙ نبي سر وارن جي منهن ۽ مانيءَ ۾ پوي ٿي.
    1980ع ڌاري ڦٽين جو ڪارخانو پٽجڻ شرط نبي سر جو صنعتي ترقيءَ سان فلرٽ پورو ٿيو. پرولتاري مڪرانين وڃي ڀاڄين جا ٺيلها ۽ مانڊڻيون هنيون. شاخ تي جڏهن ”پرابلم پيدا ڪريو پارٽيءَ“ جي وڏيرن قبضو ڪيو ته نبي سر ۾ واٽر سپلائي نظام وڃي گوڏا کوڙيا. وڏيرن کان پڇندو ته چوندا سڄو مسئلو نبي سر جي يونين جو آهي جيڪا ٽائون ٿيڻ کپي. ظاهر آهي ته ٽائون ٿيندي ته سندن ٻه ٽي ٻيا چمچا ناظم يا ڪائونسلر ٿيندا. ٻيو ڪو چارو ۽ چاڙهو نه ڏسي وڏن شهرن جي جتيءَ ۾ پير وجهندي ويچاريءَ نبي سر ٽائون به ٿي ڏٺو. رڳو ڪجهه پيادا ماڻهو گاڏين جا مالڪ ٿي ويا، نبي سر جي بيماريءَ تي ڪو اثر ڪونه پيو. جنرل جي سونهري دور حڪومت ۾ شهر جون ڪجهه گهٽيون جڏهن پڪيون ٿيون ته ڪچرو کڻندڙ مخلوق ان مفروضي سان موڪل تي هلي وئي ته ڪچرو پاڻهي لڙهي نالين ذريعي نيڪال ٿي ويندو. آخر ناليون ڇا لاءِ ٺهيون آهن؟ پلاسٽڪ جي ٿيلهين سان بلاڪ ٿي ويل هي ناليون هاڻي بيمارين ۽ وبائن جي نرسري آهن.
    پراڻي هاءِ اسڪول واري گرائونڊ تي ان زماني جا چيمپيئن ڪرڪيٽون کيڏندا هئا. ڇڪو يا چوڪو تڏهن مڃبو هو جڏهن بال ريل واري چوٿين پٽڙي پار ڪري. فوٽبال لاءِ به ان گرائونڊ ۾ ٻه گول پوسٽ ٺهيل هئا. گرائونڊ جي پاسي ۾ ڪجهه قبرون هونديون هيون. هن ملڪ ۾ جيئرن ماڻهن جون بيماريون هاڻي مئلن کي به ٿيڻ لڳيون آهن. مردا اچي انڪروچمينٽ کي لڳا آهن ته گرائونڊ سسي سسي هاڻي وڃي ايترو بچيو آهي جو ان ۾ بلورن راند ئي ڪري سگهجي ٿي.
    شهر کان ٻاهر يونين جي آفيس ۽ اسپتال جا وڻ ۽ ڇٻراٽا ڏسي اکيون ٿڌيون ٿينديون هيون. ڪارخاني سان گڏ ۽ شاخ جي ٻنهي پاسي وڻن جي اوچي ڀت ڏنل هئي. ڪيٽل فارم تائين هڙهيون هيون،وڻ ئي وڻ هئا ۽ ساوڪ ئي ساوڪ هئي. ٻاهر ته ڇڏيو،شهر اندر باغ هئا. جڏهن موسم مست ٿيندو هو ۽ ڪڪر ڇانئبا هئا،ته نبي سر ڪنهن هل اسٽيشن وارو ڏيک ڏيندي هئي. ڀوائتين ديوين جي گهيري ۾ آيل اڄ جي نبي سر ڪنهن شهر بدران هڪ ”آسيب زده“ قديم آثار نظر اچي ٿي.
    اڄ جي نبي سر ۾ گذران ڪونهي، وڻ ڪونهن، پاڻي ڪونهي،رڳو ڌوڙ ئي ڌوڙ آهي. باقي سڀ خير لڳو پيو آهي.



     

هن صفحي کي مشهور ڪريو