زهر ”زهر“ بڻجي سگهي ٿو

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏23 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    زبان جو زهر ”زهر“ بڻجي سگهي ٿو ​


    احمد رضا


    [​IMG]
    سنڌ جي اڳوڻي وزير اعلي ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم کي سومر تي صوبائي اسيمبلي ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويو. هن سان مارڪُٽ ڪندڙن ۾ مردن سان گڏ عورتون به شامل هيون جن کي ٽي وي چئنلز جي لائيو ڪوريج ۾ هٿن ۾ پادر کڻي ارباب غلام رحيم جو انتظار ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.
    هن کان پهريان به اسيمبلي پهچڻ کانپوءِ مڇريل ماڻهن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڇڪتاڻ ۾ سندس ڪپڙا ڦاٽي پيا ۽ هن اسپيڪر ۾ ڪمري ۾ داخل ٿي ڪري پاڻ بچايو. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ هن واقعي کي عوامي رد عمل ڄاڻايو هيو.
    سوال اهو آهي ته ارباب غلام رحيم حڪومت ۾ نيٺ اُهو ڪهڙو ڪم ڪيو آهي جو عوام کيس تشدد جو نشانو بڻائي رهي آهي؟
    گذريل 3 سالن جي اخبارن جو جائزو ورتو وڃي ته ارباب غلام رحيم جا اهڙا بيان بالڪل گهٽ آهن جن کي سندس شهرت جو ڪارڻ چئي سگهجي ٿو. مثال جي طور تي گذريل سال آڪتوبر جي مهيني ۾ جڏهن پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو واپس آئي ته سندس استقباليه ريلي ۾ بم ڌماڪا ٿيا جنهن ۾ ڏيڍ سئو کان به وڌيڪ ماڻهون مارجي ويا ۽ پنج سئو جي ويجهو زخمي ٿيا هئا ته ساڳيو ارباب غلام رحيم ئي هيو جنهن هن واقعي جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ بيان جاري ڪيو هو ته، بينظير ڀٽو جي واپسي اسانجي لاءِ منحوس ثابت ٿي آهي جنهن سبب آپگهاتي بم ڌماڪن ۾ ايترا ماڻهون مارجي ويا آهن.
    هن ائين به چيو هو ته ”آپگهاتي حملا پئسا ڏئي نٿا ڪرايا وڃن پر اهي جذبي جي هيٺ ڪيا وڃن ٿا“. بالڪل ساڳئي ريت هن گذريل سال ۾ به اهڙو بيان جاري ڪيو هو ته ”بينظير ڀٽو ڪڏهن به واپس ڪونه ايندي ۽ سندس قبر به ٻاهر ئي تيار ٿيندي“.
    2004ع ۾ جڏهن آصف علي زرداري کي آزاد ڪيو ويو ته هن چيو هو ته سندس حڪومت سياسي بدلي تي يقين نٿي رکي نه ته سنڌ حڪومت جي مرضي هجي ها ته آصف علي زرداري کي ٻڪري چوري جو ڪيس ٺاهي به جيل ۾ رکي سگهجي پيو.
    9 مارچ 2007ع تي جڏهن چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي غير فعال ڪيو ويو ته ارباب غلام رحيم هو پهريون حڪومتي عهديدار هيو جنهن صدر جي تعريف ڪندي چيو هيو ته آئون سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ چيف جسٽس جي خلاف گواهي ڏيندس“.
    ڪراچي ۾ 12 مئي تي ٿيل سانحي ۾ 40 کان وڌيڪ ماڻهون مارجي ويا ته هن بيان جاري ڪيو هو ته انهن واقعين جي جاچ نه ڪرائي ويندي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن جاچ ٿيندي ته هن سان امن و امان جي صورتحال خراب ٿيندي، ڪو به پنهنجي غلطي تسليم نه ڪندو ۽ هن کي سياسي مسئلو ٺاهيو ويندو.
    جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ 12 مئي جي واقعن جو پاڻمرادو نوٽس ورتو ته ارباب غلام رحيم چيو هو ته ”عدالت جيڪڏهن پارٽي جي طور تي ڪم نه ڪيو ته حڪومت هن سان تعاون ڪندي، جيڪڏهن پارٽي بڻجي ڪم ڪيو ته پوءِ اسانجا آفيسر (عدالت) ۾ نه ويندا. هن وڌيڪ چيو هو ته ”اڄڪلهه جون عدالتون هر شئي جو نوٽس وٺي رهيون آهن. ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ ۽ زميندارن جي مامرن ۾ به عدالتون مداخلت ڪري رهيون آهن.
    ستمبر 2007ع ۾ ڪجهه وڪيلن جي ضمانت جو حڪم جاري ڪرڻ تي جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي تڏهوڪي چيف جسٽس صبيح الدين احمد جي خلاف، هاءِ ڪورٽ جي هر پاسي الزامن سان ڀريل بينر هنيا ويا ۽ وال چاڪنگ ڪئي وئي ته ارباب غلام رحيم هڪ پريس ڪانفرنس ۾ هن کي عوامي ردعمل چيو هو. سندس بيان تي عدالت کيس توهين عدالت جو نوٽس جاري ڪيو هو.
    مارچ 2002ع ۾ جڏهن سندس جماعت جي ئي سيڪريٽري جنرل امتياز شيخ سان جهيڙو ٿيو ته هن شيخ تي ڪرپشن جو الزام هڻندي کيس وزارت کان هٽايو هو ۽ مسلم ليگ ق جي قيادت واري الزامن جي جاچ ڪرائڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي هئي. هن دوران اها خبر پڻ ٻڌي وئي ته ارباب غلام رحيم جي وڏ وزارت به خطري ۾ آهي پر هن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪندي چيو هو ته ”جيستائين رب ۽ هن کانپوءِ صدر مشرف نه چاهيندو اوستائين هن کي ڪو به گهر نٿو موڪلي سگهي“.
    2006ع ۾ ارباب غلام رحيم ۽ سندس اتحادي جماعت ايم ڪيو ايم جي دوران انتظاميه جي اختيارن ۽ ٻين مسئلن تي اختلاف ظاهر ٿيا هئا ۽ وزير اعظم شوڪت عزيز ذاتي طور تي مداخلت ڪري اختلاف ختم ڪرايا هئا. پر ڪجهه مهينن کانپوءِ ايم ڪيو ايم وري سندس خلاف تحفظات جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي وزيرن ۽ مشيرن جا استعفا وصول ڪري ظاهر طور تي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي تياري ڪئي ته صدر پرويز مشرف مداخلت ڪئي ۽ بنهي ڌرين کي ٺاهه لاءِ اسلام آباد گهرايو هو.
    اسلام آباد وڃڻ کان پهريان ارباب غلام رحيم ايم ڪيو ايم جو ذڪر نه ڪندي بيان جاري ڪيو هو ته ”شينهن جي هڪ ڏينهن جي زندگي گدڙ جي سئو ورهين جي زندگي کان بهتر آهي“. سندس بيان ٻڌي ڪري ايم ڪيو ايم سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ۽ سندس مذاڪراتي ٽيم کي واپس گهرايو هو. توڙي بعد ۾ صدر پرويز مشرف وري مداخلت ڪري مسئلو ختم ڪرايو هو.
    ارباب غلام رحيم جي خلاف سندس دور حڪومت ۾ سڀ کان وڌيڪ احتجاج جو ڪارڻ سندس سياسي دشمنن جي گرفتاري هيو. سنڌ اسيمبلي ۾ حزب اختلاف جي رڪنن اهو الزام هڻي احتجاج ڪيو هو ته ارباب غلام رحيم پيپلز پارٽي جي اسيمبلي رُڪن، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ڪوڙي ڪيسن ۾ ڦاسائي رهيو آهي ۽ ارباب غلام رحيم اسيمبلي جي فلور تي اهو بيان ڏنو هو ته ”آئون پوليس وارن کي چيو آهي ته فراڊ ڪندڙن کي گرفتار ڪري سندن خدمت ڪئي وڃي“.
    ارباب غلام رحيم جي دور حڪومت ۾ کاٻي ڌر جي سينئر سياسي ڪارڪن 60 ورهين جي ڄام ساقي کي گرفتار ڪيو ويو ۽ سندس خلاف وڏي مقدار ۾ آر ڊي ايڪس جو ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو. کيس ان مهل گرفتار ڪيو ويو جڏهن هو انساني حقن جي ڪميشن آف پاڪستان جي ڪائونسل ممبر جي حيثيت کان ڪميشن جي رڪنن، صحافين ۽ هڪ تحقيقاتي ٽيم سان گڏ ارباب غلام رحيم جي آٻاڻي ڳوٺ کيت لاري ۾ هڪ هندستاني جي اغوا ۽ زيادتي جي هڪ واقعي جي جاچ ڪرڻ کاپوءِ حيدر آباد اچي رهيو هو. انساني حقن جي ڪميشن الزام هنيو ته هن واقعي ۾ ارباب غلام رحيم جا ويجها ماڻهون به شامل هئا.
    2002ع ۾ جڏهن بجيٽ سيشن جي دوران پيپلز پارٽي جي رُڪن سنڌ اسيمبلي زاهد ڀرگڙي نقاب ٻڌي احتجاج ڪيو ته کيس گرفتار ڪري ضلعي دادو ۾ پهريان کان درج ٿيل دهشتگردي جي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو. پيپلز پارٽي سندس خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهره ڪيا ۽ ٻن هفتن کانپوءِ کيس ڇڏيو ويو.
    ارباب غلام رحين وزير اعلي جي حيثيت سان سنڌ ۾ هڪ اهڙو قانون به منظور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي هيٺ جرگه سسٽم کي فاٽا جي طرز ۽ متوازي عدليه جي طور تي قانوني حيثيت ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي. پر انساني حقن جي تنظيمن جي احتجاج کانپوءِ گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد هن آرڊيننس تي صحي ڪرڻ کان انڪار ڪيو جنهن جي سبب اهو قانون منظور ڪونه ٿي سگهيو. ارباب غلام رحيم اهو قانون تڏهن لاگو ڪرڻ چاهي پيو جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ پهريان ئي جرگه سسٽم کي غير قانوني چئي هن جو خاتمو ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري چُڪي هئي

    [​IMG]
    بشڪريه ويچار
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: زهر ”زهر“ بڻجي سگهي ٿو

    واه ادا واه ، اڄ ته پراڻيون يادون تازيون ڪرايون اٿوَ ۔۔۔

    رب جنهنکي چاهي عزت بّخشي ۽ جنهنکي چاهي ته زلت عطا ڪري ۔۔۔ رب جي انصاف آڏو سڀ ڪونڌر ڍرا ٿي ويندا آهن ۔۔۔ جيڪي ماڻهون مدايون ڪندا آهن ته رب جو قهر ته هڪ ڏينهن سامهون اچڻو آهي ۔۔۔۔ !!!

    رب اسانکي پنهنجي امان ۾ رکي ۽ عزت جي زندگي عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: زهر ”زهر“ بڻجي سگهي ٿو

    واه ادا واه زبردست.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو