• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نفرتون ڌار ڪجن جيون کان، زندگي پيار کان جدا نه ڪجي۔

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
شاعر(احسان دانش)
ساز کي تار کان جدا نه ڪجي
گل کي خار کان جدا نه ڪجي

ساري ڌرتيءَ مٿان لهو هاري
سونهن سنسار کان جدا نه ڪجي

نفرتون ڌار ڪجن جيون کان
زندگي پيار کان جدا نه ڪجي

ماڻهو ماڻهوءَ کان ڇو جدا آهي؟
مٽي هٻڪار کان جدا نه ڪجي

ڏکَ جي فلسفي کي ڪو سمجھي
لڙڪَ کي لارَ کان جدا نه ڪجي

بس خيالن ۾ سمائي ڇڏجي
دل کي دلدار کان جدا نه ڪجي

عشق جي ڌن ۾ ٿي ويو آ غرق
يار کي يار کان جدا نه ڪجي

اڄ به منصور کپي ڪو دانش
سچ کي دار کان جدا نه ڪجي
 
جواب: نفرتون ڌار ڪجن جيون کان، زندگي پيار کان جدا نه ڪجي۔

ادا بهترين شاعري آهي دانش صاحب جي

بهترين ونڊ لاء مهرباني
 
جواب: نفرتون ڌار ڪجن جيون کان، زندگي پيار کان جدا نه ڪجي۔

شاعري پسند ڪرڻ جي مهرباني ادا توکي نه پسند ڪيو آهي جو ايترو خوش ٿو ٿين
 
جواب: نفرتون ڌار ڪجن جيون کان، زندگي پيار کان جدا نه ڪجي۔

شاعري پسند ڪرڻ جي مهرباني ادا توکي نه پسند ڪيو آهي جو ايترو خوش ٿو ٿين

اوڪي ادا مان کي خبر آهي ته اوهان مان کي پسند نه ڪيو آهي۔۔۔؟​
اهو دنيا جو دستور آهي۔غريب کي ڪير به پسند نه ڪندو آهي۔
تون چواڻي ته هن دنيا ۾ ڪير به ڪنهنجو نه آهي۔ اگر ان وٽ پيسو آهي ته هر ڪو ان جو آهي۔
مک سڙبي هنڌ ويهندي آهي۔
 
جواب: نفرتون ڌار ڪجن جيون کان، زندگي پيار کان جدا نه ڪجي۔

اهو ادا سولنگي صاحب سچ اٿي يار جنهن وٽ پئسو انکي هر ڪو پيو لفٽ ڪرائيندو آهي پر اسان ۽ تونجهڙن کي ڪو چانه جي به صلاح ڪونه ڪندا آهن پر پئسي وارن تي پيا پئسا لٽئيندا آهن دوست بس ڏس دنيا جا رنگ اسان به ڏسي چڪا آهيون بس ادا الله وڏو آهي دل ننڊي نه ڪر دوست هڪ ڏينهن پاڻ به امير ٿينداسين
 
جواب: نفرتون ڌار ڪجن جيون کان، زندگي پيار کان جدا نه ڪجي۔

بس خيالـــن ۾ سمائــــي ڇڏجـــي،
دل کي دلدار کان جدا نه ڪجي۔

تمام سهڻي شاعري ۽ سهڻا خيال ۔۔۔ بلڪل لطيف جي هن بيت جيئان ۔۔۔۔

اکـــڙين ۾ ٿـــــي ويهه، ته واري ڍڪيــــان،
توکي نه ڏسي ڏيهه، آءُ نه پسان ڪي ٻيو۔
 
جواب: نفرتون ڌار ڪجن جيون کان، زندگي پيار کان جدا نه ڪجي۔

تمام بهترين ونڊ آهي سائين

اهڙيون تحريرون پوسٽ ڪندا رهندا ڪريو

سدائين گڏ
 
جواب: نفرتون ڌار ڪجن جيون کان، زندگي پيار کان جدا نه ڪجي۔

واه واه زبردست شاعري آهي ء‌ماشاالله ڊزائينگ به تمام پياري آهي مهرباني
 
Back
Top