موتمار هٿيارن کان آجي نسل

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
تنوير عباسي

مون کي ان ڏينهن جو انتظار آهي،
جنهن ڏينهن،
موتمار هٿيارن جو آخري ڪارخانو،
بند ٿيندو.
۽ موتمار هٿيار،
دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾،
رانديڪن طور به نه ملندا.
اهي فقط ميوزمن ۾ رکيل هوندا،
اسان جون ايندڙ ٽهيون،
انهن کي، ۽ اسانجي وقت جي دهشت گردين
جي فلمن کي ڏسي چونديون،
”اسان جا وڏا ڪيڏا نه غير مهذب هئا.“

 
جواب: موتمار هٿيارن کان آجي نسل

تمام عمده سوچ تنوير عباسي جي

بهترين ونڊ ڪئي آهي اوهان
 
جواب: موتمار هٿيارن کان آجي نسل

تمام بهترين خيالات آهن ادا سائين جا

الله پاڪ ڪري اهي سچ ثابت ٿين
 
Back
Top