• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻوڏ تي لکيل غزل

زاهد سومرو

سينيئر رڪن
ٻوڏ تي لکيل غزل

اسان ڳوٺ پنهنجو ڇڏي دوستو
وڃون ٿا هتان اڄ لڏي دوستو

بچايو، بچايو، بچايو اچي
اسان کي ٿو هر ڪو سڏي دوستو

اسان ساڻ قضيو ٿيو ٻوڏ جو
اچي ڪو اسان جي تڏي دوستو

ڳڻائڻ کان ڳالهيون ويون هن چڙهي
لڳي ٿو ته سڀ ٿو ٻڏي دوستو

اهو درد رشتو ئي شايد وري
اسان کي اسان سان ڳڏي دوستو

محبت جو سيلاب ڪوئي کڻي
نئين سر اسان کي اڏي دوستو

امر پيرزادو
 
جواب: ٻوڏ تي لکيل غزل

ادا زاهد سومرا صاحب غزل تمام بهترين آهي يار بس اسانجي سنڌي معصوم ڀائرن سان ڪن ناجائزي ٿا ڪراچي وارا ماڻهو ڪيمپن ۾‌ وڃي ڏسو توهانکي سڄي خبر پئجي ويندي اسانجي گورنمينٽ به اسانجي دوستن سان سچي نه آهي يار بس االائي ڪڏهن انهن ظالمن مان جان ڇٽندي يار ڪڏهن آزاد ٿينداسين دعا آهي ته اي رب اسانکي جلد آزادي ڏي
 
جواب: ٻوڏ تي لکيل غزل

محبت جو سيلاب ڪوئي کڻي،
نئين سر اســــان کي اڏي دوستـو۔

لک ٿورا ادا زاهد! ٻوڏ هڪ قدرتي آفت آهي، آفتون ته اينديون رهنديون آهن، پر ڪامياب آهن اهي قومون جي انهن آفتن سان مڙس ٿي مقابلو ڪنديون آهن ۽ ڏکئي وقت ۾ هڪٻئي جا سور ۽ ڏک ونڊُ ڪري هلڪا ڪندا آهن ۔۔۔

هاڻ ڏسجي ته ڪير آهي جو محبت جو سيلاب سيني ۾ سمائي ۔۔۔ انهن ڏکويل ۽ بي سهارا ماڻهن کي پنهنجي اصلوڪن ڪکن ۾ وري آباد ڪري ٿو ۔۔۔ هونءَ ته گهڻوفرض حڪومت وقت جو هوندو آهي ۔۔۔۽ ان سان گڏ ٻانهن ٻيلي سموري قوم ٿيندي آهي ۔۔۔

پر سنڌ اندر غلاميءَ سبب ؛ حڪومت به بي ايمان آهي ته قومي ۽ سماجي تنظيمون به ڪنهن سٺي حالت ۾ ناهن ۔۔۔ بس واڳ ڌڻيءَ وس آهي ۔۔۔ وقت هميشه ڏکن کي سکن ۾ تبديل ڪندو آهي ۔۔۔ سو الله مالڪ آهي ۔۔۔ هي وقت به گذري ويندو ۔۔۔

اسان سڀني کي پنهنجي پنهنجي وس آهر هڪٻئي کي سهارو ڏئي اڳتي ٿيڻو آهي ۔۔۔ همٿ مردان مدد خدا ۔۔۔ نيڪيءَ جو رستو کليل آهي ۔۔۔

رب العالمين سنڌين کي مشڪلاتن سان مڙس ٿي منهن ڏيڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
 
آمين

ثم آمين

سدائين گڏ
 
Back
Top