• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سمورِي آهي سوالي!

نثارناز

سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو جيئي سنڌ
دريا شاهه دادلي هينئر سنڌ واسين تي پنهنجي روانِي ، پنهنجي دم دهشت جو تمام گهڻو زور لڳايو آهي، ڪئين سنڌ واسِي دريا شاهه جي بدمست موجن جو کاڄ ٿِي ويا آهن، توهان دوستن کي ياد هوندو جڏهن مهراڻ ۾ پاڻِي جي بُوند نه هُوندِي هُئي ته شاعرن اديبن ، هر سنڌي ڀائر ۽ ڀيڻن دُعائون گهريون هُيون ، دريا شاهه دادلي کي گُلن جون ڀيٽائون ڏنيون هُيون ته مهراڻ شال ڪا پالوٽ ڀري مهر آڻي پر دريا شاهه دادلي مهر بدران ڪاوڙ جا ڪلور وهائي ڇڏيا، جيئن ته مان شاعر آهيان ٽي درجي وارو! ساري سنڌ خاص ڪري سنڌي سٻاجها سنڌو جي بد مست موجن جي ور چڙهي ويا آهن سو مان ڪيئن ٿو دريا شاهه جي اهڙي ڪلور تي ماٺ ڪريان سو هڪڙي حقير ڪم تر وائي جيڪا ٿوري دير اڳ ۾ لکي مڪمل ڪئي اٿم سو توهان سڀني دوستن سان ونڊ پيو ڪريان۔
waee.jpg
بهرحال الله سائين کان دُعا آهي ته دريا شاهه جي سموري پاڻي کي مهر ڀريو مهراڻ ڪري ڇڏي۔۽ سموري سنڌ جي هر ڏُک درد کي دور ڪري ڇڏي مان به دُعا ٿو ڪريان توهان سمورا دوست به دُعا ڪريو۔
 
جواب: سنڌ سمورِي آهي سوالي!

دُعا آهي ته دريا شاهه جي سموري پاڻي کي مهر ڀريو مهراڻ ڪري ڇڏي۔۽ سموري سنڌ جي هر ڏُک درد کي دور ڪري ڇڏي
آمين۔۔۔۔۔ بس سائين الله رحم ڪري۔
 
Back
Top