عبرت آرٽيڪل ”منڊيا سيالڪوٽيا“ عمر قاضي -------------------------------------------------------------------------------- فيض فرمايو آهي ته:”بڙا هي درد ڪا رشتا، يي دل غريب سهي..!“ ان شعر جو مطلب ان کان سواءِ ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو ته: ”درد جي سرحد ڪائي ناهي.“ جيڪڏهن اها ڳالهه سچ نه هجي ها ته ان ڏينهن کان وٺي منهنجي دل ۾ درد جو واسو ڇو هجي ها!!؟ جنهن ڏينهن کان وٺي مون اها وڊيو ڏٺي آهي. اها وڊيو جنهن ۾ ٻن نوجوان ڀائرن کي وردين وارن جي موجودگيءَ ۾ ڏنڊن سان چٿي مارڻ ۽ مارڻ کان پوءِ انهن کي رستن تي گهلي، انهن جي لاشن کي سرعام شهر جي چوواٽي تي لڙڪايو ويو. ان واقعي جو پسمنظر ذاتي دشمني بيان ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن نوجوانن جي قاتلن پنهنجي گندي گناهه مٿان ڪک وجهڻ لاءِ انهن نوجوانن کي ڦورو قرار ڏنو آهي ۽ پوليس پهرين ته انهن جي قاتلن جي ٻولي ٿي ڳالهائي ۽ پوءِ جڏهن ان جي مٿان عدالت جو دٻاءُ پيو ته اها ”جانچ“ وارن روايتي حربن ۾ پناهه وٺڻ لڳي. مون کي معلوم ناهي ته هو عام شاگرد هئا جن جو ڪرڪيٽ جي راند تي جهيڙو ٿي پيو يا هو واقعي ڏوهاري هئا!! پر ڇا هو ايترا ڏوهاري هئا، جيترو ڏوهاري هي معاشرو آهي، جيڪو ايڪهين صديءَ ۾ داخل ٿيڻ جي باوجود به تاريخ جي ان تاريڪ دور مان ٻاهر نه نڪتو آهي، جنهن کي اردوءَ ۾ ”قرون وسطيٰ“ جو دور ۽ انگريزيءَ ۾ Dark Ages ڪوٺيو ويندو آهي. اهو دور جنهن ۾ ڪو به قانون نه هوندو هو ۽ جنهن کي به قتل ڪرڻ جي لاءِ ماڻهن جي گناهگار وجود ۾ جرم جي گردش اٿندي هئي ته هو پنهنجي ٽارگيٽ تي ”شيطان“ يعني Devil جو الزام هڻي، ان کي سرعام ماريندو هو ۽ باقي خلق تماشائي بڻجي اهو لقاءُ ڏسندي هئي ۽ اهڙن الزامن ۾ اهڙا انسان به قتل ڪيا ويا، جيڪي فرشتن کان وڌيڪ معصوم هئا. سماج کي اهڙن ڪڌن ڪمن کان باز رکڻ لاءِ ئي ته قانون جو وجود عمل ۾ آيو. قانون ان ڪري نه جڙيو ته جيئن ڪجهه ماڻهن کي نوڪريون ملن، ڪجهه ماڻهو اعلي آفيسر ٿين. ڪجهه ماڻهو وڪالت کي پنهنجو ڪامياب پيشو بڻائن ۽ ڪجهه ماڻهو عدالتن جي آڙ ۾ پنهنجي سياست چمڪائن. قانون صرف ۽ صرف ان ڪري وجود ۾ آيو هو ته جيئن هي معاشرو تميز سکي. ان ۾ ڪي صبر ۽ سوچ سمجهه جا ماپا ۽ معيار جڙن!! جيئن هي منتشر انبوهه منظم ٿين ۽ پنهنجي پنهنجي دائري ۾ رهن. جيئن ماڻهو پاڻ ئي فريادي، پاڻ ئي وڪيل، پاڻ ئي جج ۽ پاڻ ئي جلاد نه ٿين!!پر سيالڪوٽ واري واقعي پاڪستان جي ان رياست جي حقيقت کي پڌرو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا هميشه قانون کان مٿانهين رهندي آهي. هن واقعي جي وات تي هڪ نه پر هزارين سوال آهن ۽ هر سوال جو مطلب ان سوال جو اظهار آهي ته آخر اسان ڪهڙي معاشري ۾ رهون ٿا؟ هي ڪهڙو معاشرو آهي، جنهن ۾ ڪوئي به ڪنهن تي به ڏوهاري هجڻ جو الزام مڙهي، ان کي سرعام تشدد جو نشانو بڻائي، ان کي هن ڌرتيءَ جي وجود تان ئي ميساري ڇڏيندو؟ هي سوال انساني حقن جي سوال کان گهڻو مٿانهون آهي. هي سوال هن سماج جي منهن تي چماٽ آهي، جنهن سماج پنهنجو سفاڪ روپ سيالڪوٽ جي حوالي سان پسايو آهي. اهو سيالڪوٽ جنهن جو نالو ان وقت اسان جي دل کي ڪيترو نه موهي وٺندو هو، جنهن وقت سرن جي سون راڻي نورجهان پنهنجو اهو مشهور پنجابي گيت ڳائيندي هئي ته: ”تيري مکڙي تي ڪالا ڪالا تل وي ميرا ڇن ڪي لي گيا دل وي. او منڊيا سيالڪوٽيا او منڊيا سيالڪوٽيا.“ پر کير ڌارا جهڙو اهو گيت هاڻي زهر جو ريلو بڻجي اسان جي روحن کي موت طرف ڌڪي رهيو آهي. ڇو ته هاڻي جڏهن به سيالڪوٽ جو نالو اسان جي ڪنن تي پوندو ۽ ان ۾ جڏهن به لفظ ”منڊيا“ اچاريو ويندو ته اسان جي ذهن ۾ ڪنهن رومانوي هيرو جو تصور نه اڀرندو پر اسان جو سمورو احساس ڪرندو، انهن نوجوانن کي ياد ڪري، جن کي وحشت سان قتل ڪيو ويو. جن کي قانون جي پهري ۾ ائين ماريو ويو، جيئن وحشي طالبان ڪابل ۾ ڪامريڊ نجيب کي اقوام متحده جي آفيس مان گهلي قتل ڪيو هو ۽ هن جي لاش کي هڪ ڏينهن تائين ٽنگي ڇڏيو هو. پاڪستان جي موجوده حڪومت طالبنائيزيشن جي خلاف عالمي جنگ وڙهڻ جا اعلان ڪري رهي آهي، جڏهن ته ان جي قانون جي پهري ۾ عام شهري طالبان بڻجي هن ديس جي نوجوانن کي ائين قتل ڪن ٿا جو انسانيت جي اکين آڏو اونداهي اچي وڃي ٿي. هن واقعي تي اسان جي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وڃي ٿي. مون کي حيرت آهي ته سپريم ڪورٽ جي سوئو موٽو ايڪشن وٺڻ کان اڳ ۾ ان صوبي جي وڏي وزير ان شرمناڪ واقعي جو ڪوئي نوٽيس ڇو نه ورتو، جنهن صوبي جو نالو پنجاب ۽ جنهن وڏي وزير جو نالو شهباز شريف آهي. اهو شهباز شريف جنهن جا ٻولڙيا ان ڳالهه تان ٻلهار ويندا آهن ته هو مثالي چيف منسٽر آهي. جنهن صوبي ۾ قانون جي نفاذ کي يقيني بڻايو آهي. ڇا اهو آهي ميان شهباز شريف جو قانون!!!؟ هن واقعي تي ته ان صوبي جي سربراهه کي سيلاب سبب تمام گهڻي آيل پاڻيءَ جو فائدو وٺندي، ٻڏي مرڻ کپي!! ڇو ته اها ڳالهه ڪنهن به معاشري لاءِ ٻڏي مرڻ واري آهي، جڏهن ان ۾ ڏينهن ڏٺي جو قانون جي سج هيٺان ٻن معصوم ٻارن لٺين باٺن ۽ ڏنڊن سان ڪٽي انهن کي انسانن مان گوشت جو لوٿڙو بڻائي سرعام ٽنگيو وڃي!! دنيا سيالڪوٽ کي ان حوالي سان ياد ڪندي آهي ته ان ۾ فٽ بال ٺهندا آهن. پر هاڻي ان جي هڪ سڃاڻ اها به ٿيندي ته ان ۾ قانون، انصاف ۽ انسانيت کي درندگيءَ سان قتل ڪيو ويندو آهي. هاڻي ان جي هڪ سڃاڻ اها به هوندي ته هيءَ اها ڌرتي آهي، جنهن کي ٻن نوجوانن جي بي گناهه خون سان رنگيو ويو!! اهو خون هاڻي ان ڌرتيءَ تي هيمشه بار رهندو جنهن ڌرتيءَ جي اسان ان لاءِ عزت ڪندا هئاسين ته ان ڌرتيءَ تي علام اقبال ۽ فيض احمد فيض جهڙن ٻن عظين شاعرن جنم ورتو! اهو اقبال جنهن پنهنجي شاعري ذريعي غفلت جي ننڊ ستل انسانن کي سجاڳيءَ جو سڏ ڏنو. اهو اقبال جنهن جي ڪلام کي ٻڌي، ائين محسوس ٿيندو آهي ته هڪ ڪاري رات جي ڪک مان هڪ اجري صبح جو جنم ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن اڄ اقبال موجود هجي ها ته پنهنجي جنم ڀوميءَ تي ايڏو انياءُ ڏسي ڇا محسوس ڪري ها!!؟ هن جيڪو صرف هن قوم کي نه پر پوري امت کي سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو، تنهن کي اهڙي ايڊوانس دور ۾ اهڙي وحشت ڏسي ڇا محسوس ٿئي ها؟ ڇا هن جو انسانن جي سڌاري تان ايمان نه کڄي وڃي ها. ۽ فيض جيڪو انقلابي هو. جنهن اڇن وارن ۾ به انقلابي واٽ نه ڇڏي، جنهن کي عام انسانن سان ايترو پيار هو جو هن پنهنجي هڪ مجموعي جو انتساب انهن جي دکن دردن نالي اهڙي طرح ڪيو هو ته: ”آج ڪي نام اور آج ڪي غم ڪي نام آج ڪا غم جو هي صديون سي ڀري گلستان سي خفا زرد پتون ڪا بن زرد پتون ڪا بن جو ميرا ديس هي درد ڪي انجمن جو ميرا ديس هي ڪلرڪون ڪي افسرده جانون ڪي نام ڪرم خورده دلون اور زبانون ڪي نام پوسٽ مينون ڪي نام تانگي والون ڪي نام ڪارخانون ڪي بهوڪي جيالون ڪي نام.“ درد جي ان لڙيءَ ۾ هو انهن ٻن نوجوانن جا لاش ڪيئن نه پوئي ها، جن کي ڏينهن جي مجرم روشنيءَ ۾ سفاڪيءَ سان قتل ڪيو ويو. هندي ٻوليءَ ۾ ”اپراڌ“ ظلم ۽ بربريت کي چيو ويندو آهي. ان لفظ کي پنهنجي ڪويتا ۾ سجائيندي امداد حسينيءَ لکيو هو ته: ”هي اپراڌ تو نه ڪيو هو مون نه ڪيو هو ڪنهن ته ڪيو هو“ ساڳي طرح سيالڪوٽ جي ٻن نوجوانن کي اسان نه ماريو آهي. اوهان نه ماريو آهي. پر انهن کي ڪنهن ته ماريو آهي!! انهن قاتلن کي خبر پوڻ کپي ته انهن جن منڊن کي ماريو آهي، انهن مان هر ڪنهن کي ياد ڪيو ويندو، رت سان ٻڏل دل معرفت، جڏهن به نورجهان جي اها صدا گونجي ته: ”او منڊيا سيالڪوٽيا او منڊيا سيالڪوٽيا، او منڊيا سيالڪوٽيا.“ روزانه عبرت جي ٿورن سان
جواب: مُنڊيا سيالڪوٽيا ! عمر قاضي روزانه عبرت جي ٿورن سان سائين اها وڊيو ڏسي مون کي ذهن ۾ ڳالهه آئي ته هاڻي طالبان کي به پاڪستان ۾ اچڻ جي ضرورت نه آهي ڇو ته ”سيالڪوٽي“ پاڪستاني شهري پاڻ طالبان ٿي چڪا آهن۔۔۔
جواب: مُنڊيا سيالڪوٽيا ! عمر قاضي روزانه عبرت جي ٿورن سان ادا مست زبردست تاريخ شاهد آهي ته اسان جي وڏي صوبي جنهن کي هتان جا ماڻهو وڏو ڀا ڪري ڪوٺيندا آهن جا ماڻهو، اهي آهن جن حوا جي ڌيئرن( عورتن) کي پنهنجي بازارن ۾ ڪپڙن کان آجو ڪري گهمايو هوندو فقط پنهنجون دشمنيون پارڻ لا۔ لک جون لعنتون هُجن اهڙين دشمنين کي ، مٺا مست اهو ظالم ۽ مظلوم وارو جهيڙو هلندو رهندو، اهو جهنگل جو قانون پهرين ڪجهه گهٽ شهرن ۾ لاڳو ٿيندو هو پر هاڻي ته شهرن جي گهٽين بازارن، چوئنڪن تي جيڪو ڏاڍو سو گابو ، جنهن جي لٺ مينهن انهي جي، ڏاڍي جِي لٺ کي ٻه مٿا سئو سيڪڙو شايد مان غلط چئي ويو آهيان هڪ هزار هڪ سئو فيصد نالي ۾ انسانن ڏڍائي ، وحشت ۽ دهشت ۾ جانور بڻجي پنهنجي پاڻ تي لاڳو ڪري ڇڏيو آهي۔ منهنجي هڪڙي پُراڻي نظم جو بند پيو ياد اچي ته مان ڇم ڇم ڇم ڇم ڇير ٻُڌان يا ڏونڪي جي اڄ ڀير ٻُڌان ! ظالم ڪو راڪاس لهي ويو مُنهنجا ڪونڌر ڳاڙها لال ڪُهي ويو رت جو دريا يار وهي ويو، هينئڙو منهنجو سڀ سهي ويو پنهنجو ۽ پرائو ڪير ٻُڌان !